سنڌ سلامت لفظيڪار جو آغاز

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2017۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دنيا جو ٽيون وڏو انقلاب تڏهن آيو، جڏهن انسان ذات وات مان نڪرندڙ آوازن کي پهرين لهجي ۽ پوءِ ٻوليءَ جو درجو ڏنو. هڪ اندازي موجب هن وقت ۾ دنيا نَوَ (9) هزار ٻوليون آهن، جڏهن ته لهجن جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي. گذريل پنج هزار سالن دوران ڪئين ٻوليون ۽ لهجا ختم ٿي چڪا آهن. سنڌ دنيا جو واحد خطو اهي، جتي لڳ ڀڳ ڏھ هزار سال اڳ سنڌي ٻولي ۽ ان جي صورتخطي ٺاهي ويئي. ان وقت کان وٺي سنڌي ٻولي دائم ۽ قائم ته آهي پر هاڻي سنڌي ٻوليءَ کي جيترو خطرو سنڌي ڳالهائيندڙن کان آهي اهڙو خطرو ٻوليءَ کي اڳ ڪڏهن نه هو.
    ماضيءَ ۾ سنڌين کان سواءِ سنڌ تي ڪيترين ئي غير سنڌي قومن (عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن وغيره) حڪومتون ڪيون آهن. تنهنڪري عربي، فارسي، انگريزيءَ وغيره جو سنڌي ٻوليءَ تي گھڻو اثر پيو ۽ انهن ٻولين جا ڪيترائي لفظ ٿوري تبديليءَ سان يا وري جيئن جو تيئن سنڌيءَ ۾ زم ٿي ويا. ان سان سنڌيءَ ٻوليءَ جي رڳو صورتخطي تبديل ٿيندي رهي. پر هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي خطرناڪ صورتحال آهي.
    ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي هندن جي ٻولي ۾ هندي ٻولي جو اثر، پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين تي اتان جي علاقائي ٻوليءَ جو اثر ۽ ڳوٺن مان لڏ پلاڻ ڪري شهر ۾ رهندڙ سنڌين تي اردو ۽ انگريزي ٻولي جو اثر ايترو ته وڌي ويو آهي جو اڪثر سنڌي ڳالهائيندي پنهنجي مادري ٻوليءَ کان پهريان ڌارين ٻولين جا لفظ زبان تي تريو اچن. ان طرح نج سنڌي لفظ مٽجڻ لڳا آهن. رڳو ايترو ئي نه پر هاڻي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ موجود لفظ سمجهڻ لاءِ به ڌارين ٻولين جو سهارو پيو ورتو وڃي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود لفظن جي مٽجڻ جي ان سلسلي کي جيڪڏهن نه روڪيو ويو ته هڪ اندازي موجب پوري دنيا ۾ لڳ ڀڳ ساڍا 7 ڪروڙ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ جلد پنهنجي ٻولي جي لفظن کي وساري ويهندا.
    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي خطرناڪ صورتحال کان واقف آهي ۽ ٻوليءَ جي بقاء لاءِ سدائين ڪوششون ڪندي رهي آهي. انهن ئي ڪوششن تحت هڪ اضافي وک کڻندي ”سنڌ سلامت لفظيڪار“ کي پيش ڪجي ٿو.

    هي سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو اهڙو ته جامع ڊيٽابيس آهي جنهن کي سهيڙي پروگرامنگ ذريعي ڪنٽرول ۾ آندو ويو آهي. سنڌ سلامت لفظيڪار ذريعي توهان سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن به لفظ کي سولائي سان ڳولي سگهوٿا بس ان لاءِ ڪنهن به سنڌي لفظ جا رڳو هڪ يا ٻه اکر لکي ڳولا ڪري سگهجي ٿي.
    ان طرح سنڌ سلامت لفظيڪار نه رڳو هر عام ۽ خاص سنڌين لاءِ فائديمند آهي پر سنڌي پروگرامنگ ڪندڙ ڊيولپرس لاءِ ڪارپس، سنڌي ادب لاءِ وڏو لفظي ذخيرو ۽ شاعرن لاءِ جهڙوڪ ڏات ديوي آهي.

    سنڌ سلامت لفظيڪار جي مکيه فيچرس ۾ شامل آهن:

    • هم قافيه لفظن جي ترت ڳولا
    • شروع واري اکرن تي مشتمل لفظن جي ڳولا
    • آخر واري اکرن تي مشتمل لفظن جي ڳولا
    • وچ واري اکرن تي مشتمل لفظن جي ڳولا
    • جامع ۽ مستند لفظن جو ذخيرو
    • ڳولا نتيجي ۾ ايندڙ لفظن جي جامع درستگي
    • ڳولا نتيجي ۾ ايندڙ لفظن جي سنڌي لينگويج اٿارٽي جي ڊڪشنري پورٽل سان ڳانڍاپو. جيئين لفظن جي درستگي ۽ معنيٰ کي جانچي سگهجي​

    اميد ته سنڌ سلامت طرفان سنڌي ٻوليءَ جي بقاء لاءِ هي ڪوشش پڻ لاڀائتي ثابت ٿيندي.
     
  2. چنچل راج

    چنچل راج
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    97
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    موبائل اپليڪيشن ڊولپر
    ماڳ:
    لاهور، پاڪستان
    واھ سائين، زبردست ڪم!
     
    مجاهد حسين سولنگي ۽ ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    دير آيد درست آيد .. :)

    مونکي اميد آهي ته سنڌسلامت جو هي پراجيڪٽ پڻ پوين سمورن پيش ڪيل پراجيڪٽس جيان مقبول ۽ ڪارائتو ثابت ٿيندو.
     
    انيل نارائڻ ۽ ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين ڪوشش آهي الله توهان کي خوش رکي
     
    ذيشان رشيد ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  5. ذوالفقار دولتاٹی

    ذوالفقار دولتاٹی
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2013
    تحريرون:
    64
    ورتل پسنديدگيون:
    132
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    ايڊيٽر دي سنڌ آنلائن
    ماڳ:
    ڳوٺ صوڀو دولتاڻي دادو
    تمام بهترين ڪاوش
    شاعر ۽ ادب دوست ماڻهن لاءِ ڄاڻ خزانو
    جيتري به تعريف ڪجي گھٽ هوندي، سنڌ سلامت جا ٿورا اگر لاهي نه سگهياسين ته ڳائينداسين ضرور
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سنڌ سلامت وقت به وقت پهنجي وس آهي سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ پيش پيش رهي آهي...........

    ”سنڌ سلامت لفظيڪار“ هڪ بهترين ء ڪارائتو پروجيڪٽ ثابت ٿيندو.
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سڄي سنگت خاص ڪري پياري سجاد کي جس هجي ... سندس لاءِ مڻ کن ڀاڪر ۽ چميون
     
  8. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    تمام بهتر ڪم آهي اوهان جون محنتون ساراهه جوڳيون آهن.
     
    انيل نارائڻ ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  9. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
    بھترین عمل آھي، جنھن لئہ جس لھڻو!
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  10. مومن ڏاهري

    مومن ڏاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نوابشاھ،سنڌ
    تمام سٺي ڪوشش آھي پر ايپليڪيشن اچي وڄي پوء واھ واھ ٿي وڄي
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين

    سنگت جي محنت کي جس هجي
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  12. مجاهد حسين سولنگي

    مجاهد حسين سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جنوري 2015
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    سنڌ سلامت جي سڄي سٿ کي سلام
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  13. مجاهد حسين سولنگي

    مجاهد حسين سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جنوري 2015
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    سنڌ سلامت جي سڄي سنگت کي سلام پيش ڪجي ٿو
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  14. اعجاز علي ڀٽي

    اعجاز علي ڀٽي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2013
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    363
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ جاب، پوليس ڊپارٽمنٽ
    ماڳ:
    گولاڙچي ضلع بدين
    دوستو، ھي واقعي ھڪ بيمثال ڄاڻ جو خزانو آھي. ھتي اھڙا لفظ ملي ٿا وڃن، جيڪي نه ڪڏھن ٻڌا نه ئي پڙھيا ھئا. سنڌ سلامت جي سڄي سنگت کي سلام پيش ڪجي ٿو
     
  15. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سنڌ سلامت سنڌي ٻولي ادب جي لاءِ بي مثال باڪمال خدمت آهي پوري ٽيم جي لاءِ دعاڳو آهيون مولا کين سلامت رکي آباد رکي، جئي سنڌ سلامت سٿ، جئي سنڌي ٻولي، جئي رهبر لطيف، جئي سنڌ
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو