سنڌ_ وسيلن_ جي_ هوندي_ وس_ وارن_ جي_ کوٽ_

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ M Pariyal طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2010۔

  1. M Pariyal

    M Pariyal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 اپريل 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ
    وسيلن جي هوندي ، وس وارن جي کوٽ ،
    پيو ڀنگ جا پيالا ، ڳڻين پيا نوٽ ،
    ڏجي ڏوهـ ڪنهنکي ، تـ صدورا ڪنهنکي ڏجي ،
    اسان ئي ڏنا آهن ، انهن سورمن کي ووٽ
    ڪيو منهن ڀٽ ڏانهن ، پيا دانهون ڪيون،
    ڀٽائي گهڻي ٿئي الله ناءُ تون موٽ،
    روز روز راڻا ، ڪراچي منجهـ ڪُسن پيا !
    بيوس سنڌي ، بنا موت مرن پيا،
    پاڻي ڦُڙي لاء، معصوم سڪن پيا،
    پيو منرل حاڪم ،خدمت جي دعوا ڪن پيا .
    قلندرجي اڳيان اهڙا قهر ٿين پيا،
    مخدوم بلاول محمد ،هاشم ٺٽوي
    سچل سامي بيوس ، مُنشي بيدل ،
    ڪيو ماٺ ، شاه عنايت بيٺو آهي ،
    گرهوڙي بـ گوڙ کان غافل نـ آهي ،
    انهن جي هوندي سنڌين جا سر وڍجن پيا ،
    او ڪراچي ۾ راڻا روز روز ڪُسجن پيا .
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ_ وسيلن_ جي_ هوندي_ وس_ وارن_ جي_ کوٽ_

    بيشڪ سنڌ مشڪل ۾ آهي بيشڪ ماڻهون مرن پيا، بيشڪ وسيلا لٽجن پيا، بيشڪ ڌوڪا ٿين پيا، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته اسين غلط پاسي منهن ڪري دعائون گهرونٿا ۽ غلط ماڻهن جو ساٿ ڏيون ٿا ۽ غلط طريقي سان پنهنجن وسيلن کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ۔۔۔
    اوهان چوندا ته آءُ هي ڪهڙي ڳالهه پيو چوان ۔۔۔ پر دوستو! منهنجي انهن ڳالهين تي سوچجو ضرور
    1۔ ڇا اسين الله بجاءَ پنهنجن مئل هيرن کي ياد ڪري انهن آڏو پيا ٻاڏايون ۔۔۔؟؟؟ جڏهن ٻاڏائڻ صرف الله جي حضور گهرجي ۔۔۔ ڇا مري ويل انسان اٿي اسانجون دعائون پوريون ڪندا ۽ اسانجو ڇوٽڪارو ٿيندو؟
    2۔ ڇا اسين ووٽ غلط ماڻهن کي نٿا ڏيون يا وري غلط ماڻهن جي خوف ۾ مبتلا ناهيون، ڇا اسين انهن ماڻهن ۾ آسرا ۽ اميدون نٿا ڪريون جي مطلبي ۽ ڀاڙيا آهن، عياش آهن ۔۔۔؟؟؟
    3۔ ڇا اسين تعليم حاصل ڪريونٿا، ڇا اسين محنت، مزوري ۽ هنرمنديءَ کان ڪم ڪريون ٿا، ڇا اسين پنهنجا مسئلن جي حل لئه ڪا اهڙي تنظيم ٺاهي سگهيا آهيون، جنهن تي اسانکي يقين هجي، ڀروسو هجي ۔۔۔؟؟؟
    انهن سوالن جا جواب ڳولهبا ته ڏوهه اسانجو ئي نڪرندو ۔۔۔ ڇا آءُ غلط ٿو چوان ۔۔۔؟؟؟
     
  3. M Pariyal

    M Pariyal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 اپريل 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ_ وسيلن_ جي_ هوندي_ وس_ وارن_ جي_ کوٽ_

    اوهان جي ان سڄي لکڻي جو جواب هن سٽ ۾ ئي آهي .

    “ڏجي ڏوهـ ڪنهنکي ، تـ صدورا ڪنهنکي ڏجي ،
    اسان ئي ڏنا آهن ، انهن سورمن کي ووٽ“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو