سنڌ
وسيلن جي هوندي ، وس وارن جي کوٽ ،
پيو ڀنگ جا پيالا ، ڳڻين پيا نوٽ ،
ڏجي ڏوهـ ڪنهنکي ، تـ صدورا ڪنهنکي ڏجي ،
اسان ئي ڏنا آهن ، انهن سورمن کي ووٽ
ڪيو منهن ڀٽ ڏانهن ، پيا دانهون ڪيون،
ڀٽائي گهڻي ٿئي الله ناءُ تون موٽ،
روز روز راڻا ، ڪراچي منجهـ ڪُسن پيا !
بيوس سنڌي ، بنا موت مرن پيا،
پاڻي ڦُڙي لاء، معصوم سڪن پيا،
پيو منرل حاڪم ،خدمت جي دعوا ڪن پيا .
قلندرجي اڳيان اهڙا قهر ٿين پيا،
مخدوم بلاول محمد ،هاشم ٺٽوي
سچل سامي بيوس ، مُنشي بيدل ،
ڪيو ماٺ ، شاه عنايت بيٺو آهي ،
گرهوڙي بـ گوڙ کان غافل نـ آهي ،
انهن جي هوندي سنڌين جا سر وڍجن پيا ،
او ڪراچي ۾ راڻا روز روز ڪُسجن پيا .
وسيلن جي هوندي ، وس وارن جي کوٽ ،
پيو ڀنگ جا پيالا ، ڳڻين پيا نوٽ ،
ڏجي ڏوهـ ڪنهنکي ، تـ صدورا ڪنهنکي ڏجي ،
اسان ئي ڏنا آهن ، انهن سورمن کي ووٽ
ڪيو منهن ڀٽ ڏانهن ، پيا دانهون ڪيون،
ڀٽائي گهڻي ٿئي الله ناءُ تون موٽ،
روز روز راڻا ، ڪراچي منجهـ ڪُسن پيا !
بيوس سنڌي ، بنا موت مرن پيا،
پاڻي ڦُڙي لاء، معصوم سڪن پيا،
پيو منرل حاڪم ،خدمت جي دعوا ڪن پيا .
قلندرجي اڳيان اهڙا قهر ٿين پيا،
مخدوم بلاول محمد ،هاشم ٺٽوي
سچل سامي بيوس ، مُنشي بيدل ،
ڪيو ماٺ ، شاه عنايت بيٺو آهي ،
گرهوڙي بـ گوڙ کان غافل نـ آهي ،
انهن جي هوندي سنڌين جا سر وڍجن پيا ،
او ڪراچي ۾ راڻا روز روز ڪُسجن پيا .