هوٽل ۾ ويٺي چانھ جو انتظار ڪندي منهنجي نظر هوٽل کان ٻاهرين دنيا تي هئي، هڪ اهڙي دنيا تي جيڪا هوٽل ۾ لڳل اڇي شيشي مان صاف نظر اچي رهي هئي، جنهن ۾ هر شخص تڪڙ واري ڪيفيت ۾ مبتلا نظر پي آيو، جن ۾ ڪي جوان، ڪي ڪراڙا تہ وري ڪي ٻالڪ هئا، يعني هر ڪو زندگي جي ڪشمڪش ۾ مبتلا هو، غريبن جا ٻار ميرن ڪپڙن سان ڦاٽل ڳوٿري ۾ ڪتاب کڻي اسڪول روانا پئي ٿيا، اميرن جا ٻار اڇن ۽ ڪارن وڏين گاڏين ۾ سٺن ۽ عمده لباس پهري توڙي ميڪپ ڪري اسڪول روا دوا هئا، ان نموني گاڏين جي اچ وچ جاري هئي، بي جان گاڏيون وڏين هارن ساڻ اسپيڊ سان پي ويا ۽ آيا، ڪجھ ماڻهو وري پيادل بہ روڊ ڪراس ڪري رهيا هئا، ڪيڏو نہ گوڙ هوندو ٻاهر؟؟ اهو سوال من اندر اڀريو، مون کي تہ صرف سندن جسمن جي حرڪت پي نظر آئي،ڇو تہ شيشن هوٽل کي ايڏو تہ شاندار ڪري ڇڏيو هو جو ڪنهن جي بہ چيخ يا پڪار کي اها همت نہ هئي جو هو هوٽل جي شيشن کي ڪراس ڪري اندر ويٺل گهراڪ جي ڪنن کي ڇُهي سگهي، هتي ويٺل هر هڪ گهراڪ ٻاهرين دنيا کي تماشائي بڻجي ڏسندو آهي ۽ پو۽ وري چانھ جو ڪپ خالي ڪري اُٿي هليو ويندو آهي. منهنجي نظر هِتان هُتان ڀٽڪي ڪري سامهون بيٺل اڇي ڪار تي کُپي وئي جيڪا روڊ جي هُن پاسي جان بيڪري جي ٻاهران بيٺي هئي، جان بيڪري ۽ هوٽل جي وچم بس هڪ روڊ جو مفاسلو هو، جيڪا ٻنهي کي الڳ ڪيون ويٺي آ، منهنجون اکيون ٿڌاڻ حاصل ڪري رهيون هيون تيستائين بيرو چانھ کڻي آيو، منهنجي سامهون چانھ رکندي چيائين: ” صاحب ٻيو ڪجھ “ مون وراڻيو: ” نہ مٺا بس گنج ٿي ويو “ کن پل لا۽ وري منهنجو ڌيان ڀٽڪي پيو، مون وري ان بيٺل اڇي ڪار کي گهورڻ شروع ڪيو، چانھ جي گرم نمي ٻاڦ جي صورت ۾ ڪنهن قدر ياد دهاني ڪرائي رهي هئي تہ ٻِيلي هيڏي ٻِيلي هِيڏي، ڀٽڪيل روح ۽ ڀٽڪيل ڌيان کي واپس ورڻ لا۽ هڪ عمده قسم جي جٽڪي جي ضرورت هوندي آهي، مون کي بہ پنهنجي بي دهاني تي جٽڪو لڳو تڏهن جڏهن منهنجي گرم آڱر بي خبري ۾ گرم چانھ جي ڪپ ۾ ٽٻجي پئي، پهريان تہ ڪاوڙ ڏاڍي آئي، هڪ خيال آيو تہ چانھ کي سَٽَي پرتي اڇليا مگر سگهو ئي سوچيم تہ ٻيلي پئسا ڀرڻا آهن ائين مفت ۾ ڪئين سَٽيِاس، ان ٽياس تي ٽنگجندي منهنجون نظرون وري ان پراسرار ڪار تي کپي ويون، مونکي محسوس ٿيڻ لڳو تہ شايد مان ان ڪار ۾ ويٺل ڇوڪري کي سڃاڻا، ڇو تہ سندس اکيون انهن اکين جون ترجماني ڪري رهيون هيون جن اکين ڪڏهن مونکي پيار سان نهاريو هُو، جن اکين ۾ ڪڏهن ڪي سُڌر سپنا پليا هئا، جن اکين ڪڏهن اسان جي گڏجڻ جا خواب ڏٺا هئا، ها اُهي اکيون جن تي مون انيڪ گيت ۽ غزل لکيا هئا، پر اڄ ماحول ڪجھ ٻيو هو، گاڏي ۾ ويٺي مون ايترو ضرور نوٽ ڪيو تہ کيس ڳاڙهو جوڙو پاتل آهي ۽ سندس هٿن تي مهندي جا ڪي گل چٽيل آهن، مون کيس مڪمل طور سڃاتو هو، هُو سيما هئي جيڪا مون سان گڏ يونيورسٽي ۾ پڙهي هئي، هڪ ڊپارٽمنٽ، هڪ ڪلاس ۾ هُو مونسان چار سال گڏ هئي، ڪي ئي ورهيہ گذرڻ کان پو۽ بہ مان کيس سڃاڻان ٿو پر هو مون کي ڇو نہ ٿي سڃاڻي، منهنجي هجڻ جو کيس احساس ڇو نہ ٿو ٿي، هُو تہ چوندي هئي تہ تون دنيا جي ڪنهن بہ ڪنڊ ۾ ڇو نہ هجي مان توکي تنهنجي مهڪ سان ڳولي لهندم، شايد سندس انهن اقرارن ۽ اسرارن پنهنجو دم ٽوڙي ڇڏيو آ، نت هُن کي منهنجي هتي ويهڻ جو احساس ضرور ٿي ها، اسان جي وچم نافذ ٿيل هوٽل جو شيشو بہ بلڪل صاف ۽ شفاف هو جنهن مان هُو مونکي ڪار ۾ ويٺي بہ صاف نظر پي آئي ۽ يقينن مان بہ هُن کي صاف نظر آيو هوندس. مون کِيسي مان ٻٽون ڪڍي ڪري سندس تصوير کي هڪ نظر ڏسي پوري پڪ ڪئي، اکين کي يقين نہ پي آيو تہ هُو واقي ئي سيما هئي، ورهين باد سندس درش نصيب ٿيو هو سو بہ اجنبي انداز ۾، خيال آيو تہ جيڪر فلحال چانھ جي چسڪي کي ترڪ ڪري ڇو نہ کيس کيڪارجي ۽ ڪي مٺا ٻول سندس لبن جا ٻڌجن، همت مردان مدد خدا تي توڪل ڪري چانھ کي اُتي ئي ٽيبل تي خدا حافظ چئي اڳتي وڌيس، مون بس هوٽل جو دروازو ئي مس ڪراس ڪيو هو تہ ڏٺم سندس گاڏي سوسٽ ڪري گولائي هڻي ساڄي طرف مڙندي هلي وئي، مان ڪي پل در تي بيهي ڪري سندس گاڏي جي اچانڪ گهوگٽ ۽ گولائي تي سوچيندو رهيم ۽ پنهنجي اکين آڏو آنڌاري کي هاوي ٿيندي محسوس ڪيم، شايد مان هوش وڃائي رهيو هيس. يوسف جميل لغاريپ