سنڌي ادب جي مانائتي شخصيت ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي تہ سنڌي ادب ۾ خاص مقام رکندڙ ڊاڪٽر شمس‌الدين عرساڻي طويل علالت بعد اڄ صبح جو 5:00 وڳي راجپوتانہ اسپتال حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو. سندس پيدائش هالا ۾ سن 1937ع ڌاري ٿي.
    ڊاڪٽر شمس‌الدين عرساڻيءَ 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سنڌي ادب ۾ افسانوي ادب جي اوسر تي پي ايڇ ڊي جي سَنَدَ حاصل ڪئي. پاڻ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موريءَ مان بطور پروفيسر رٽائر ڪيائون.
    سنڌي تعليم جي خراب صورتحال کي سڌارڻ جي مقصدن سان سن 2002ع ڌاري اوسر پيڙهڪا جو بنياد وڌائون، جنهن جا هن وقت ڪيترا ئي سنڌي ميڊيئم اسڪول هلي رهيا آهن.



    ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي : سنڌ لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ سندس فلسفو

    پروفيسر الله ڏنو ابڙو

    [​IMG]
    سنڌ ڌرتي صدين کان صوفين، بزرگن، عالمن، اديبن، دانشورن ۽ مفڪرن کي جنم ڏيندي آئي آهي. هن ڌرتي جي مٽيءَ هر دور ۾ هزارين اهڙا املهه ماڻڪ پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي ڪردار، عمل ۽ جستجو سان نه صرف سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ساک مٿي ڪئي آهي، پر سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن کي به محفوظ ڪيو آهي. سومرن جو دور هجي يا سمن جو، مغل، ارغون، ترخانن جو دور هجي يا ڪلهوڙن جو، ٽالپرن جو دور هجي يا انگريزن جو، مطلب ته مهراڻ واديءَ هر دور ۾ سچل، سامي، بيدل، بيڪس، سانگي، قادري، قليچ، عنايت، منصور، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جھڙا بزرگ، شاعر، اديب ۽ محب وطن پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي سموري زندگي سنڌو ماٿريءَ جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي. اهڙن عظيم انسانن جي صف ۾ موجوده دور جو جيئرو جاڳندو اديب، شاعر، مفڪر، محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي به نمايان نظر اچي ٿو.
    سنڌ جي تاريخ تي هڪ نظر وڌي وڃي ته اسان کي ڪوبه اهڙو اديب، دانشور، مفڪر ۽ شاعر نٿو ملي، جنهن هڪ ئي وقت سنڌين جي حقن، سنڌي نثر، نظم، لسانيات، نصابي ڪتابن، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت تي ڊاڪيومينٽري فلمن ۽ سنڌيءَ ۾ سائنسي تعليم لاءِ عملي ڪم ڪيو هجي. اهو واحد ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي آهي، جنهن سنڌ جي ساک مٿي کڻڻ لاءِ ڪوبه ميدان خالي ناهي ڇڏيو.
    منهنجو هڪ دوست پروفيسر غلام رسول سومرو اڪثر اهو چوندو آهي ته اديب جي اکين ۾ هڪ ئي وقت دوربين ۽ خوردبين ٻئي لڳل هونديون آهن ۽ هن جو دماغ هڪ مڪمل تجربيگاهه جي حيثيت رکي ٿو. معاشري ۾ اديب جي حيثيت اسپيشلسٽ ڊاڪٽر کان به وڌيڪ آهي. هو معاشري جي هر ڀلائي ۽ برائي، ڪاميابي ۽ ناڪاميابي، عروج ۽ زوال جي نه صرف نشاندهي ڪندو آهي پر پنهنجي تجربي، تحقيق ۽ منطق جي مدد سان انهي جا اسباب معلوم ڪري، تمام موثر علاج پڻ وضع ڪندو آهي. اديب ۽ محقق جي حيثيت سان ڊاڪٽر عرساڻي صاحب کي هميشه سنڌ ڌرتي، ٻولي، قوم جي لاڙهن ۽ چاڙهن جو فڪر رهندو آيو آهي. سندن هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته سنڌ ڌرتيءَ کي ڪنهن به قيمت تي گل گلزار بڻائجي.
    هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب پنهنجي تحقيق ۽ تجربي جي بنياد تي ابتدا ۾ اڪثر اهو چوندو رهيو ته سنڌ ڌرتي، ٻولي ۽ قوم جي بقا صرف انهي ۾ آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي اعليٰ سنڌي سائنسي ٻولي بڻايو وڃي. جيسين سنڌي سائنسي تعليم جي ٻولي نه ٿيندي، تيسين سنڌ ڌرتي، قوم ۽ ٻولي جي بقا محفوظ نٿي ٿي سگھي. پاڻ پنهنجي ڳالهه پهچائڻ لاءِ هر ان ماڻهو سان ملڻ ويا، جن ۾ اها اميد هئي ته هو ڪجهه ڪري سگھن ٿا. پاڻ هڪ طرف سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻئي طرف قوم پرستن، دانشورن، مفڪرن ۽ محققن جو ڌيان هن طرف ڇڪائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو.
    ڊاڪٽر صاحب جڏهن محسوس ڪيو ته اسان جي اڪثر سنڌين تي انگريزي جو ڀوت سوار آهي ۽ رڍن اڳيان رباب وڄائڻ مان ورندو ڪجهه به ڪو نه. هو هڪ ئي وقت چاچي به چوندا ته چهنڊڙي به هڻندا. تڏهن پاڻ سندرو ٻڌي، سنڌي کي سائنسي ٻولي بڻائڻ لاءِ، عملي ميدان ۾ لهي آيا. پاڻ 2002ع ۾ اوسر امانتاڻي جو بنياد رکي، هن ميدان ۾ پهريون قدم کنيو. پاڻ هڪ ئي وقت اوسر تعليمي مرڪز، اوسر اشاعتاڻي، اوسر سنڌي سائنس اڪيڊمي ۽ اوسر ثقافتي مرڪز جو بنياد رکي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. اوسر تعليمي مرڪز جو بنيادي مقصد آهي ته سنڌي ٻولي ۾ تعليم عام ڪرڻ. ساڳي طرح اوسر اشاعتاڻي جو بنيادي مقصد آهي ته سنڌي ٻولي ۾ ڪتاب ڇپرائڻ، خاص ڪري سنڌي ۾ سائنسي ڪتاب. اهڙي نموني اوسر سنڌي سائنس اڪيڊمي جو بنيادي مقصد آهي ته سنڌي ٻولي ۾ سائنس جي اعليٰ تعليم کي يقيني بنائڻ ۽ اوسر ثقافتي مرڪز جو بنيادي مقصد سنڌي ثقافت ۽ تهذيب کي محفوظ ڪرڻ آهي.
    هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جڏهن سنڌي اسڪول کولڻ لاءِ قدم وڌايو ته سندس ساٿ سواءِ اٽي ۾ لوڻ برابر ماڻهن جي ڪنهن به نه ڏنو. چوندا آهن ته ٺلهو چڙو وڄي گھڻو ۽ گڏهه پنهنجي سانوڻي هينگن ۾ وڃائي، سو بجاءِ جو ساٿ ڏين، ويتر ائين چوڻ لڳا ته مائٽ چريا ٿيا آهن، جو پنهنجا ٻار سنڌي اسڪول ۾ پڙهائيندا. پروفيسر سومري جي چوڻ مطابق ته اديب جي نظر پري تائين ڏسي سگھي ٿي. ڊاڪٽر صاحب هنن جي ڳالهين تي ڪن ڏيڻ بجاءِ لطيف سرڪار جو ڏسيل، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي، وارو گس وٺندي، پنهنجو مقصد جاري رکيو ۽ 2005ع ۾ گل عرساڻي سنڌي هاءِ اسڪول قاسم آباد جو وجود رکي پنهنجي ارادي جي پختگي جو ثبوت ڏنو. شروع ۾ ماڻهن کي آماده ڪرڻ ۾ ٿوري تڪليف ضرور ٿي، پر پاڻ پنهنجي بهتر تعليم سان سڀني جا وات بند ڪري ڇڏيا. هن وقت حالت اها آهي جو محدود اسڪول جي عمارت ۽ وسيلن ڪري ڪافي ٻار موٽايا پيا وڃن.
    ساڳئي وقت ڊاڪٽر صاحب سنڌي ۾ اسرار انصاري اسڪول مٽياري، جين منظور ميمڻ اسڪول ميران پور تعلقو هالا، فاطمه گرلس اسڪول ٽالهو خان لغاري تعلقو هالا، محمد صديق قريشي بوبڪائي اوسر اسڪول تعلقو هالا، بيبي بدرالنساءِ پير گل حسن لنواري شريف، اوسر اسڪول تعلقو هالا، زهره افضل شيخ اوسر اسڪول ملوڪ ڏاهري تعلقو هالا، محمد رمضان ڪلهوڙو اوسر گرلز هاءِ اسڪول، ايس ايم سنڌي سائنس ڪاليج ميرانپور تعلقو هالا ۽ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي گرلز سائنس ڪاليج کولي پنهنجي ڪامياب سفر کي جاري رکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب استادن جي قابليت ۽ تجربي کي ترقي ڏيڻ لاءِ تعليم، تربيت ۽ تحقيقي اداري جو بنياد پڻ رکيو آهي.
    ڊاڪٽر صاحب جي ادبي خدمتن تي اگر هڪ نظر وڌي وڃي ته پاڻ سئو کان وڌيڪ تحقيقي مقالا، پنج سئو کان وڌيڪ اخباري ڪالم، پنجاهه کان وڌيڪ سائنسي موضوعن جا سنڌيءَ ۾ ترجما، پندرهن ادبي ۽ ٻاراڻي ادب جا ڪتاب ۽ ست نصابي ڪتاب لکي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. ساڳئي وقت پاڻ ٽن سالن تائين ٽه ماهي اوسر ميگزين ۽ ٻارن جو ٽه ماهي ڪتاب ڦلواڙي (هلندڙ) ۾ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
    ڊاڪٽر صاحب پنهنجي تحقيقي، تخليقي، منطقي ۽ فلسفيانه صلاحيتن سان سنڌي علم ۽ ادب ۾ نه صرف جدت ۽ نواڻ پيدا ڪئي، پر سنڌي ۾ سندس لکيل ڪتاب جهڙوڪ؛ سنڌي ادب ۾ تنقيد، آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر، وغيره هر ننڍي ۽ وڏي لائبريري ۾ محقق، عالم ۽ شاگرد حوالي طور استعمال ڪندا رهندا آهن. سندس تحقيقي ڪالم ۽ مقالا نه صرف مقامي يونيورسٽين ۾ حوالي ۽ سليبس طور استعمال ڪيا وڃن ٿا پر ممبئي يونيورسٽي انڊيا ۾ به حوالي خاطر عام استعمال ڪيا وڃن ٿا. سندس جڳ مشهور ڪتاب “ورجيسي ٻولي” جي طلب کي مد نظر رکندي، اوسر اشاعتاڻي هن ڪتاب جا ٽي ايڊيشن پڻ ڇپايا آهن.
    ڊاڪٽر صاحب جي سوانح حيات تي هڪ نظر وڌي وڃي ته پاڻ پنهنجي زندگيءَ جي ابتدا 2 فيبروري 1937ع ۾ ڪئي. سندس جنم سنڌ سونهاري جي هڪ ننڍي شهر هالا ۾ ٿيو. پاڻ ڄمندي ئي ڄام هئا. سندس طبيعت جو لاڙو ننڍي هوندي کان ئي سنڌ ڌرتي، سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم ڏانهن رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر صاحب کي جڏهن 1958ع ۾ روينيو کاتي ۾ پهرين نوڪري ملي ته کيس ڪا به خوشي محسوس نه ٿي ۽ جڏهن 1961ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر جي پوسٽ ملي ته پاڻ حقيقي خوشي محسوس ڪيائون. هن دور ۾ سندس مٽن مائٽن ۽ دوست احبابن ڏاڍو اصرار ڪيو ته روينيو کاتي جي نوڪري بهتر آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب کي اها نه ڇڏڻ گھرجي پر پاڻ ڪنهن جي هڪ به نه ٻڌائون ۽ پنهنجي اصلي منزل ڏانهن سفر جاري رکيائون.
    ڊاڪٽر صاحب 1962 ۾ ايم اي (سنڌي) ۽ 1980ع ۾ پي ايڇ ڊي (سنڌي) پاس ڪري، پنهنجي تحقيق ۽ منطق کي مضبوط بڻايو ۽ 1966ع ۾ ويسٽ پاڪستان ڪميشن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري، ليڪچرر بڻجي سنڌي قوم، ٻولي ۽ تعليم جي لازوال خدمت جي عملي ابتدا ڪئي. گورنمينٽ کيس 1999ع ۾ پروفيسر جي پوسٽ تان 60 سالن جي عمر تي پهچڻ ڪري رٽائر ڪيو، پر سندن سنڌي قوم، ٻولي ۽ ثقافت لاءِ اڻ کٽ محبت ڪڏهن به رٽائر نه ٿي، بلڪ وڌندڙ عمر سان گڏ ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي. جيتوڻيڪ سندن جسم سندن ساٿ ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ پاڻ طويل علالت ڪري بستري تان اٿي به ڪو نه ٿا سگھن، پر سندن حوصلو ۽ عزم اڄ به بلند آهي. تازو 19 سيپٽمبر تي انڊس هوٽل ۾ سندس ٽن ڪتابن جو ٿيل مهورت انهي اعليٰ عزم ۽ حوصلي جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي.
    ڊاڪٽر صاحب ننڍپڻ کان ئي سنڌي قوم، ٻولي، ادب ۽ سنڌي ۾ تعليم لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي. ننڍي عمر کان ئي، سنڌين جي تنظيم سازي ڪرڻ، ادبي محفلون مچائڻ، سنڌي ادب، ٻوليءَ، قوم جي بقا ۽ ترقيءِ تي بحث ڪرائڻ، نوجوانن کي گڏ ڪري سندن اندر ۾ سنڌ ڌرتيءَ لاءَ محبت جو روح ڦوڪڻ سندس مشغلو رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ننڍي عمر ۾ ئي سال 1961ع ۾ کاهي روڊ واري اتمچنداڻي گهٽيءَ واري تاريخي عمارت ۾ ”ٻارڙن جي ڦلواڙي“ جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪئي، جنهن ۾ باقاعده لائبريري، ادبي رهاڻيون، ڊراما ۽ ليڪچر ڪري ٻارن ۾ ادبي ذوق ۽ رجحان کي پروان چاڙهيو. ان تنظيم ۾ سنڌ جون مشهور شخصيتون پڻ شامل رهيون، جن اڳتي هلي سياسي، سماجي ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمايو. انهن شخصيتن ۾ پير مظهرالحق صديقي، شمس الحق ميمڻ، نواز علي ڀٽو، گل محمد ڀٽي، ڌڻي بخش سومرو، قاضي امتياز ۽ ٻيا ڪيترا ئي نالا شامل آهن.
    ڊاڪٽر صاحب نوجوانيءَ جي وقت کان وٺي، قومي ۽ وطني تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو. هن سنڌو ساڻيهه سنگت نالي پنهنجي هم اثرن سان ملي هڪ تنظيم جوڙي، جنهن ايوب خان جي پهرين مارشلا جي ڪڙي وقت ۾ ون يونٽ خلاف عملي ڪم ڪيو ۽ سنڌ جي سڀني قومي تحريڪن سان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح وابسته رهيو. ڊاڪٽر صاحب 1968ع ۾ خالق ڏنو هال ڪراچي اندر سنڌي ادبي سنگت جي صدارتي تقرير ۾ چيو هو ته ”سنڌي ٻولي، هڪ شاهوڪار ٻولي آهي، جنهن ۾ علم ادب جو سموريون شاخون به آساني سان سمائجي سگهن ٿيون“. هن پنهنجي تقرير ۾ اهو به چيو ته ”سنڌي ٻوليءَ کي سائنسي پد تي پهچائڻ واسطي، سنڌي سائنس يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ سائنس جا سمورا علوم، سنڌيءَ ۾ پڙهايا وڃن“.
    ڊاڪٽر صاحب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ ايڊيٽر طور به ڪم ڪيو آهي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن ۾ سندس نظم پڻ پڙهايا ويندا آهن. ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي تحقيقي مضمونن جو ترجمو به ڪيو آهي. سندس ترجمو ڪيل ڪالمن ۾ “Runni Kot” کي تمام گھڻي پذيرائي ملي چڪي آهي. پاڻ شهره آفاق ڪتاب ڪاسماس جو ترجمو به ڪيو آهي. پاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر طور خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون آهن.
    ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل خدمتن کي مڃتا ڏيندي، ڪافي ادارا کيس وقت بوقت ايوارڊ به ڏيندا رهيا آهن. پاڪستان پروفيسر ايسوسيئيشن پڻ سندس ڊاڪٽوريٽ ٿيسس تي ڪيل بهترين تحقيق جي عيوض کيس انعام سان نوازيو آهي. کيس 2004ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مادر وطن ايوارڊ ۽ 2005ع ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي طرفان ٻولي ۽ لٽريچر جي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. پاڪستان انفارميشن ڊپارٽمينٽ طرفان نئين زندگي رسالي ۾ ڪيل ڀاڱيداري عيوض ڊاڪٽر صاحب کي ايوارڊ آڇيو ويو، جيڪو ايوارڊ وٺڻ کان پاڻ اهو چئي انڪار ڪيو ته؛ ”سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي حيثيت مطابق درجو نه ٿو ڏنو وڃي“.

    المختصر ته ڊاڪٽر صاحب جي ذات، ڪردار، تخليق، فلسفو، عمل، جستجو ۽ سنڌ ڌرتيءَ، ٻولي ۽ تعليم سان محبت، اسان ديس واسين لاءِ هڪ مشعل راهه آهي. پاڻ نه صرف سنڌين کي سنڌي ۾ اعليٰ سائنسي تعليم لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر پنهنجي اولاد (پٽن، پوٽن، ڏوهٽن، ڌيئرن، پوٽين، ڏهٽين) کي سنڌي اسڪولن ۾ تعليم ڏياري، انهي جو عملي مظاهرو پڻ ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي پٽن ۽ ڌيئرن کي اعليٰ عهدن تي ڏسي، اهي ماڻهو جيڪي سنڌي ۾ تعليم کي وقت جو زيان سمجھندا هئا، سي به پنهنجي ٻارن کي ڊاڪٽر صاحب جي قائم ڪيل سنڌي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ تي ترجيح ڏئي رهيا آهن. اهڙي طرح ڊاڪٽر صاحب انهن ماڻهن جو منهن پڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي سمجھندا هئا ته سنڌيءَ ۾ تعليم پرائڻ سان ٻار وڏن عهدن تي نٿا پهچي سگھن. مطلب ته ڊاڪٽر صاحب جي زندگي ۽ فلاسافي اسان سنڌ واسين لاءِ اها راهه آهي، جيڪا منزل مقصود تي پهچائي ٿي. هاڻي اسان سنڌ واسين جي ذميواري آهي ته ڊاڪٽر صاحب جي شروع ڪيل سفر کي سنڌي سائنس يونيورسٽيءَ قائم ڪرڻ تائين پهچائي ڊاڪٽر صاحب جي مقصد کي عملي جامون پارايون ۽ سنڌي قوم ۽ ٻولي جي بقا کي هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيون.
     
  2. ميرمحمد گھانگھرو

    ميرمحمد گھانگھرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جنوري 2014
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    ڪنڊيارو
    ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا
     
  3. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌي ادب جو چمڪندڙ ستارو ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي به وڇڙي ويو
    ابراهيم لاشاري (وارهه) [​IMG]

    وادي مهراڻ جي ٻولي ۽ ادب تي گهري نظر ڪبي ته هن ڌرتي ڪيترن ئي امله اديبن ،شاعرن ، تعليمي ماهرن ، علم جي اڪابرن کي پنهنجي گود ۾ هميشه جنم پئي ڏنو آهي جن پنهنجي ڪيل خدمت عيوض هميشه ادبي لڏي ۾ پنهنجو پنهنجي ديس جو نالو دنيا جي انسان تائين جرڪايو آهي اهڙن علمي ادبي شخصيتن منجهان سنڌي ادب ۾ کي هڪ وڏي سگهه ڏيندڙ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پڻ هڪ آهي جنهن سال 1939ع جي 2 اپريل آچر ڏينهن هالا جي پڙهيل لکيل خاندان جي عظيم انسان نور محمد عرساڻي ۽ امڙ نعمت خاتون جي گهر پهريون ساهه کڻي جنم ورتو . سندس والدين ننڍي هوندي بهترين تعيمي تربيت ڪري مين پرائمري اسڪول هالا منجه داخل ڪرايو جتان هن ذهين شاگرد اسڪول ۾ پهريون نمبر کڻي پنج درجا پاس ڪيا . وڏڌيڪ تعليم حاصل ڪندي ڪندي وڏي منزل تي پهتو ، شمس الدين عرساڻي صاحب سال 1958ع ڌاري سرڪاري ملازمت اختيار ڪندي ڪجهه وقت مختيار ڪار تعلقه آفيس حيدرآباد ۾ سر شيتدار ٿي رهيو ۽ ڪجهه عرصو وري ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جو سرشيتيدار واري عهدي تي به ڪم ڪندو رهيو سندس اها نوڪري ڀان نه پئي هن روينو کاتي کي الوداع چئي سال 1961ع ڌاري درس تدريس واري شعبي پڙهڻ پراهائڻ سان سلهاڙجي ويو پهريان پهريان ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماستر واري عهدي تي پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو رهيو بعد ۾ هي ذهين انسان خاموش ٿي نه ويٺو ۽ سال 1962ع ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪري هن محنت ڪندي سال 1966ع ڌاري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سنڌي ادب ۾ ليڪچرار ٿيڻ لاءِ امحتان ۾ ڀهرو ورتو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ان امتحان منجهه ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب سڄي سنڌ جي اميدوارن کان گوءِ کڻي (فرسٽ پوزيشن ) پهريون نمبر تي آيو ۽ سنڌي شعبي جو ليڪچرر مقرر ٿيو .ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب کي ننڍي هوندي ادب سان گهري دلچسپي هوندي هئي هو سنڌي ادب ، ٻولي جي خدمت ڪندي ڪڏهن به نه ٿڪيو سنڌ جي مختلف اخبارن ، رسالن ، ميگزين ۾ سوين مختلف صنفن تي مقالا ،مضمون ڇپجي پڌرا ٿيا سنڌي ادب تي نظر ڪجي ٿي ته ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي سنڌي علم ادب جو هڪ وڏوو نقاد، ادبي تاريخدان ، ناميارو ڪهاڻيڪار ، ماهر لسانيات ، محقق، سنڌي ٻاراڻي ادب جوبهترين ليکڪ ۽ ماهر تعيمدان ۽ زبردست سنڌيڪار وارين سڀني ادبي وصفن جو مالڪ رهيو .ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب سنڌي زبان تي پڻ جديد طرز سان ڪم ڪيو خاص طور تي نون سنڌي علمي اصطلاحن کي رواج سان روشناس ڪرايو ، سنڌي ادب جي هن ڏاهي سال 198وع ڌاري سنڌ يونيورستي منجهان (سنڌي ادب ۾ افسانوي ادب جي اوسر) تي هڪ بهترين مقالو لکي ( پي _ ايڇ _ ڊي ) جي اعلي سند پڻ حاصل ڪئي سنڌ جو هي ناميارو تعليمدان ، محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب درس تدرس تد ريس جو فرض هميشه سچائي ايمانداري سان نڀائيندي سرڪاري عمر جي حد 60 سال پوري ڪندي سال 1999ع ڌاري پروفيسر جي حيثيت ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد منجهان رٽائرڊ ٿيو ، ڊاڪٽر عرساڻي صاحب سرڪاري نوڪري دوران ڪيترا ئي ڀيرا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ايڪس آفيشو ميمبر پڻ ٿي پنهنجو ڪم ايمانداري سان سر انجام ڏيندو رهيو ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب کي سنڌي ٻولي سان نهايت گهرو پيار هوندو هو هن سال 2002ع ڌاري سنڌ جي تعليم جي خراب صورتحال کي سڌارڻ واري نيت سان هڪ تنظيم (پيڙهڪا ) جو بنياد وڌو،۽ سنڌي ميڊيم ۾ پڙهائڻ لاءِ ڪيترائي اسڪول کوليا جئين سنڌي ٻولي ترقي ڪندي رهي اهڙي ريت هي سنڌ جو ناميارو نقاد ، محقق، تعليم جو ماهر دانشور، سنڌي ادب نهايت پروقار نالو سنڌي ادب جي جهول ڀرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي سنڌي ادب کي ڪيترائي ادبي ڪتاب جهڙوڪ سنڌي ادب ۾ تنقيد سال 1965ع ، آزاديءَ کان پوءِ سنڌي اافسانوي ادب جي اوسر سال 1981ع ، سنڌي ٻلي جي سکيا (بي_ ايڊ جي شاگردن لاءِ) سال 1982ع سنڌي ورجيسي ٻولي سال 1999ع ، سنڌي ٻولي جي جهان ۾ کوجنا 2001ع ، فن شخصيت۽ انداز (ادبي شخصيتن تي خاڪا 2003ع، ٻاراڻي ادب لاءِ لاکو ڦلاڻي (ٻارن جو ناول 1986ع نئون ڇٽيهه لکڻو 1997ع ان کان علاوه اخلاق ۽ ڪردار ، پهاڪاتي لغت ، ثقافت ۽ انساني معاشري جي اوسر ، الف بي ٻاراڻا ٻول ، سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ ، دل جون ڳالهيون ، ۽ سائنس فسانا وغيره سان سنڌي ادب کي ڊاڪٽر صاحب آسودو ڪيو اهڙي ريت سندس اولاد پڻ والد جي نقشي قدم تي هلندي علم ادب ۽ سنڌي ٻولي جي بي پناهه خدمت ڪرڻ ۾ جنبيل نظر اچي ٿي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب کي ڪيل ادبي خدمتن عيوض ڪيترن ئي اعزازن ۽ انعامن سان وقت به وقت نوازيو ويو جن ۾ پاڪستان پروفيسر ايسوسيئيشن پاران پي _ايڇ _ڊي تي بهترين مقالو لکڻ عيوض کيس انعام سان نوازيو ، 2004ع ڌاري سنڌي ٻولي جو مادري وطن ايوارڊ 2005ع ڌاري ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي قمبر پاران ٻولي ۽ لٽريچر ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو ڊاڪٽر صاحب جو ڪيل ادبي ڪم هميشه صدين تائين ياد رهندو سندس ذات ، ڪردار سنڌي ٻولي ، تعليم سان محبت سان سڀني لاءِ هميشه مشعل راه رهندي سنڌ ڌرتي مهراڻ جو راڻو برک اديب دماغ جي بيماري سبب هڪ هفتو مسلسل علاج واسطي راجپوتانه اسپتال حيدرآباد ۾ داخل هيو جتي سندس پٽ ڊاڪٽر احسان عرساڻي صاحب مسلسل خدمت ڪندي زندگي بچائڻ لاءِ ڊاڪٽرن سان مشورا ڪندي نظر آيو مڱر بيماري ۽ موت ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مٿان ٽڪ ٻڌي بيهي رهيو آخرڪار سنڌ واسين ۽ سنڌي اديبن ۽ ادبي خدمتن منجهان هٿ ڪڍي زندگي جون 78 بهارون 4 مهينا 20 ڏينهن ڏسي 22 آگسٽ 2017 اڱري ڏينهن آخر ابدي آرامي ٿيو سندس سوڳ ۾ هڪ گهرواري 2 نياڻيون 4 علم ادب جا اڪابر پٽ ڊاڪٽر احسان عرساڻي، ڊاڪٽر نور محمد ، ڊاڪٽر ضياءَ الدين ، ۽ امتياز عرساڻي کان مولائي هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو .سندس ادبي خدمتون هميشه ياد رهنديون .

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو