جنهن آزاد گذاريو آهي تنهن لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي. وک وک تي پنجوڙ ڏسي شينهن ڪڏهن گجگوڙ ڇڏي آ؟ ڪنهن به عقابي چنبي ڀَوَ ۾ آکيري جي اوٽ وتي آ؟ ڏَرِ جو ڏَڍُ گدڙ لئه آهي جھِرڪي جھڙپ ڏسي ڏرندي آ جنهن آزاد گذاريو آهي تنهن لئه موت ته ڪا شي ناهي (شيخ اياز)