شاعري

جنهن آزاد گذاريو آهي
تنهن لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي.
وک وک تي پنجوڙ ڏسي
شينهن ڪڏهن گجگوڙ ڇڏي آ؟
ڪنهن به عقابي چنبي ڀَوَ ۾
آکيري جي اوٽ وتي آ؟
ڏَرِ جو ڏَڍُ گدڙ لئه آهي
جھِرڪي جھڙپ ڏسي ڏرندي آ
جنهن آزاد گذاريو آهي
تنهن لئه موت ته ڪا شي ناهي

(شيخ اياز)
 
Back
Top