اسان جي روز مره جي گفتگو زندگي ۾ وڏي اهميت رکي ٿي . گفتگو سان ئي ڪنهن جي ڪردار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. لهذاهر شخص کي گفگتو ۾ محتاط رهڻ گهرجي .ڇو جو ٿورڙي بي احتياطي سان اهائي گفتگو ٻين جي نظر ۾ ڪيرائي سگهي ٿي. ان ڪري گفتگو جي وقت هيٺين ڳالهين جو خاص خيال رکيو وڃي . 1. گفتگو هميشه موقعي ۽ وقت جي مناسبت سان ڪيو ڇو جو بي وقت اجائي گفتگو اوهان جي قدر و قيمت گهٽائي سگهي ٿي. 2. رڳو پنهنجي ڳالھ ئي صرف نه ڇوندا وڃو، بلڪه ٻين کي به ٻڌو ۽ انهن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو. 3. مختصر ۽ واضع گفتگو زياده فائيديمند هوندي آهي . 4. پنهنجي خيالن جي اظهار ڪرڻ لاءِ مناسب لفظن جي چونڊ ڪيو ڇو جو مناسب لفظ ۽ سٺا جملا اوهان جو وقار وڌائيندا. 5. طنزيه جملن کان احتياط ڪيو ڇو جو ان طرح سان اوهان جو مخاطب بدگمان ۽ ناراض ٿيندو. 6. لهجي ۾ نرمي ،مٺاس ۽ موقعي جو خاص خيال رکو. 7. جنهن سان اوهين مخاطب آهيو، جيڪڏهن اوهان ان کي خوش ڪرڻ گهرو ٿا ته ان لاءِ سٺن، سهڻن ۽ پاڪيزه جذبن جو اظهار ڪيو. 8. کل مک ماڻهو ٻوجهل، تمام مشڪل گفتگو کي ناپسند ڪندا آهن. 9. جاهلن ۽ اڻ پڙهيلن سان گهڻي ڏکي ڳالھ ٻولھ نه ڪيو. 10. پاڻ وڏن سان گفتگو ڪرڻ وقت سندن ادب ۽ احترام جو خاص خيال. 11.جاهل جي اڻ وڻندڙ۽ فضول ڳالھ تي صبر ڪرڻ عقل جو صدقو آهي .