گفتگو ۽ مٺاس

'مذهب' فورم ۾ امدا علي قادري طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2017۔

  1. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    اسان جي روز مره جي گفتگو زندگي ۾ وڏي اهميت رکي ٿي . گفتگو سان ئي ڪنهن جي ڪردار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. لهذاهر شخص کي گفگتو ۾ محتاط رهڻ گهرجي .ڇو جو ٿورڙي بي احتياطي سان اهائي گفتگو ٻين جي نظر ۾ ڪيرائي سگهي ٿي. ان ڪري گفتگو جي وقت هيٺين ڳالهين جو خاص خيال رکيو وڃي .
    1. گفتگو هميشه موقعي ۽ وقت جي مناسبت سان ڪيو ڇو جو بي وقت اجائي گفتگو اوهان جي قدر و قيمت گهٽائي سگهي ٿي.
    2. رڳو پنهنجي ڳالھ ئي صرف نه ڇوندا وڃو، بلڪه ٻين کي به ٻڌو ۽ انهن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو.
    3. مختصر ۽ واضع گفتگو زياده فائيديمند هوندي آهي .
    4. پنهنجي خيالن جي اظهار ڪرڻ لاءِ مناسب لفظن جي چونڊ ڪيو ڇو جو مناسب لفظ ۽ سٺا جملا اوهان جو وقار وڌائيندا.
    5. طنزيه جملن کان احتياط ڪيو ڇو جو ان طرح سان اوهان جو مخاطب بدگمان ۽ ناراض ٿيندو.
    6. لهجي ۾ نرمي ،مٺاس ۽ موقعي جو خاص خيال رکو.
    7. جنهن سان اوهين مخاطب آهيو، جيڪڏهن اوهان ان کي خوش ڪرڻ گهرو ٿا ته ان لاءِ سٺن، سهڻن ۽ پاڪيزه جذبن جو اظهار ڪيو.
    8. کل مک ماڻهو ٻوجهل، تمام مشڪل گفتگو کي ناپسند ڪندا آهن.
    9. جاهلن ۽ اڻ پڙهيلن سان گهڻي ڏکي ڳالھ ٻولھ نه ڪيو.
    10. پاڻ وڏن سان گفتگو ڪرڻ وقت سندن ادب ۽ احترام جو خاص خيال.
    11.جاهل جي اڻ وڻندڙ۽ فضول ڳالھ تي صبر ڪرڻ عقل جو صدقو آهي .
     
    فرحان قدير سومرو ۽ MUHAMMAD ASIF BROHI هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو