تو لئه توکي تيار ڪيان پيو ...

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏8 سيپٽمبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    تو لئه توکي تيار ڪيان پيو
    ______________
    تو لئه توکي تيار ڪيان پيو
    پنهنجوسمجهي پيارڪيان پيو
    جهڙ بادل هي ساوڻ ويا سڀ
    چٽن چاهت ڌار ڪيان پيو
    مينگه ملهار جي ڪين ملهايئه
    يار سرءُ ۾ سار ڪيان پيو
    ڏينهن پگهاريل تات تپش آ
    اوسيئڙو آڌار ڪيان پيو
    تون نه اڃا جي ايندين يار
    سسڪين ۾ سڏڪارڪيان پيو
    ڪين وڻي ڪو ڪاڄ بنان تو
    تو بن خوشيون خار ڪيان پيو
    نم جو وڻ ۽ ٽالهي خالي
    ڏسندي ڏک ۾ عار ڪيان پيو

    لبستم دائودپوٽه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو