تو لئه توکي تيار ڪيان پيو ...

تو لئه توکي تيار ڪيان پيو
______________
تو لئه توکي تيار ڪيان پيو
پنهنجوسمجهي پيارڪيان پيو
جهڙ بادل هي ساوڻ ويا سڀ
چٽن چاهت ڌار ڪيان پيو
مينگه ملهار جي ڪين ملهايئه
يار سرءُ ۾ سار ڪيان پيو
ڏينهن پگهاريل تات تپش آ
اوسيئڙو آڌار ڪيان پيو
تون نه اڃا جي ايندين يار
سسڪين ۾ سڏڪارڪيان پيو
ڪين وڻي ڪو ڪاڄ بنان تو
تو بن خوشيون خار ڪيان پيو
نم جو وڻ ۽ ٽالهي خالي
ڏسندي ڏک ۾ عار ڪيان پيو

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top