• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ساوڻ مند هي سوچون ....

غزل

ساوڻ مند هو سوچون .....
________________

ساوڻ مند هو سوچون وسندو رهيو سدائين
اکڙين ۾ نار جاري جلندو رهيو سدائين
دوريون ته يار دلبر ڏيئي ويو دل ڏکائي
چاهت ڪجو نه ڪنهن سان چوندو رهيو سدائين
بي باڪ بره هن جو بوندو سدائين بر ۾
ڏک ۾ ڏمر نه جنهن وٽ کلندو رهيو سدائين
هي پيار پور جهڙو زخمن ناسور جهڙو
سڪرات جو سمان سڀ مرندو رهيو سدائين
وائي نه وات ٻي هن هڪڙو ئي سر سوادي
پيارل کي پيار پويان لڇندو رهيو سدائين

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top