سنڌي ادب ۾ عورتن جو ڪردار

'سنڌي ادب' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    145
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    248
    سنڌي ادب ۾ عورتن جو ڪردار

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائي ؛ سنڌ جي عظيم اديب محمد عثمان ڏيپلائي جي نياڻي هئي .ثوريا سوز 25نومبر 1945ع آچر ڏينهن علمي ادبي گهر ۾ اک کولي .ثريا سوز کي ننڍي هوندي علم ادب سان لڳاءَ هوندو هو . سندس اصل نالو( ثريا نسيم قاضي) آهي .سندس پروش ئي ادبي ماحول منجهه ٿي ۽ هو شاعره ،ڪهاڻيڪار ، ناول نگار ، ڊراما نگار ۽محقق طور سنڌي ادب ۾ اڀري نروار ٿي .ثوريا سوز صاحبه جي شادي ننڍي هوندي سال 1961ع ڌاري ٿي . مگر پوءِ به هن علم ءَ سنڌي ادب سان چاهه برقرار رکيو .سنڌي ادب منجهه ماسٽر ڊگري ڪرڻ بعد هن پنهنجي والد صاحب محمد عثمان ڏيپلائي جي (ناول نگاري جي موضوع تي سال 1988ع ڌاري ايم _فل پڻ ڪئي . ۽ ڪجهه عرصو خاموشي اختيار ڪري ويهي رهي. مگر جڏهن هو سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرر مقرر ٿي ته سندس رهنما ڊاڪثر عبدالجبار جوڻيجو صاحب جي صلاح مشوري بعد هن پنهنجي رهيل اڌورو ڪم اڳتي ڪندي محمد عثمان ڏيپلائي بطور (سماج سڌارڪ ) جي عنوان تي هڪ زبردست تحقيقي مقالو لکي2003ع ڌاري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي .ثوريا سوز پاڻ ڪافي وقت سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل هاير سيڪنڊري اسڪول حيدرآباد ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنائين ثري سوز لکڻ جي شروعات هن پهريو مضمون اردو ۾ سال 1958ع ڌاري لکيو هو .جيڪو لاهور منجهان نڪرندڙ اردو رسالي (تهذيب) ۾ ڇپجي رسالي جي زينت بڻيو .هن وڌيڪ لکڻ لاءِ پنهنجي والد جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالي (انسان) کان ڪئي ، بعد ۾ (چالاڪي ) جي عنوان سان هڪڙي ڪهاڻي لکيائين .هن هاڻ تيز لکڻ جو عزم ڪيو، ستت ئي هڪ زبردست نظم ( محنت صبح وشام ڪنداسين ) به تحرير ڪيو .سال 1958ع ڌاري 13 سال جي ننڍي عمر ۾ بيگم زينت عبدالله چنا صاحبه جي ادارت هيٺ نڪرندڙ رسالي ( مارئي ) سندس شاعري ڇپجي پڌري ٿي . جئين ته هن جو اصل نالو (نسيم ) هو مگر ان زماني ۾ عورتون تمام گهٽ لکنديون هيون .جنهن ڪري هن پنهنجو اصل نالي بجاءِ (ثريا ) ۽ ثريا سوز ) جي نالي سان لکي مشهوري ماڻي ۽ بعد ۾هن (سوز ) تخلص ) اختيار ڪيو جيڪو زندگي جي آخري گهڙي تائين رهيو .ثريا سال 1966ع ڌاري ٻارڙن لاءِ مزاحيه ادب به لکيو .۽ ان زماني منجهه عبرت اخبار جي (ٻارڙن جي ٻاري ) صفحي پاران پهريون نمبر انعام سان نوازيو ويو ، هن جا ڪالم مختلف اخبارن جا زينت پڻ بڻيا . ملير ڊائجسٽ ، سنڌ ٽائيمز زخبار لاءِ پڻ ڪالم لکيا . جنهن جو عنوان هوندو هو ( سوچيان ٿي ) هن ڪالمن تمام گهڻي ثريا کي مشهور پڻ ڪيو . هڪ ئي وقت ثريا ڪهاڻيڪار ،شاعره ، ناول نگار پڻ هئي . هن جي ڪهاڻي جو مجموعو (چمڪندڙ چنڊ ) ۽ هڪ ناول (نيڻن ننڊ اوڏائي ) پڻ چپجي پڌرو ٿيو . سندس ڊرامو (بي افعالي پڻ مشهور ٿيو .سندس ڪهاڻي (ماسترياڻي) جديد زماني جي مسئلن جي نمائيده ڪهاڻي آهي هن شاعري پڻ خوب ڪئي سندس شاعري نموني طور پيش ڪجي ٿي .

    اي نسيم ٻڌان ٿي آواز آشنا ،

    دل جي دڙڪن ۾ آهي ڪير پوشيده ،

    جي راهن ۾ آهي انڌيرو ته ڇا ٿيو ،

    اسين داغ دل جا جلائي ٿا ڏسون

    اهڙي طرح ثريا صاحبه جي شاعري سنڌ ي ٻولي جي رسالن مارئي ، مهراڻ ، نئين زندگي ۾ پڻ ڇپجندي رهي آهي ، سندس شاعري کي عوامي پزيرائي پڻ ملي سندس جو هڪ نظم پيش ڪجي ٿو

    جي ها ڪئي سون ته (نا ) نه ٿيندي ،

    جي (نا) ڪئي سون ته ( ها ) نه ٿيندي ،

    اسان اوهان کي ڏسي ڇڏيو آ

    ڇڏيو اوهان کان وفا نه ٿيندي

    وفا جي اميد ۽ اوهان کان

    اسان کان ليڪن جفا نه ٿيندي

    اوهان جي عادت عدم توجهه

    اسان کان هاڻي ريا نه ٿيندي .

    محترمه ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائي کي ادبي خدمتن عيوض طور ( چار دفعا (زينت چنا ادبي ) ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو هو .آخر ڪار هر انسان کي ڌڻي در واپس موٽڻو آهي. هي عظيم عورت ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائي صاحبه زندگي جا 58 سال 9 مهينا ۽ 20 ڏينهن گذاري اگاري ڏينهن اسان کان هميشه هميشه لائي موڪلائي وئي. سندس علمي ادبي پورهي کي هميشه ياد رکيو ويندو

    نور شاهين سنڌ جي لاجواب خوبصورت شاعره ، نثر نويس ، مترجم شاهه محمد خان علي زئي ڪاڪڙ پٺاڻ جي گهر کان 18 آگسٽ 1936 ع اگاري جي ڏينهن تي پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو .نور شاهين جو سچو اصل نالو ( بلند بخت ) هو اسڪول جي پرنسيپال گهر وارن جي مشوري ، صلاح ، ۽ اجازت کانپوءِ سندس نالو (نورجهان ) رکيو . .سندس والد ڪوئٽيا شهر منجهان لڏي اچي حيدرآباد سنڌ وسايو . جتي هن عظيم شاعره پڻ جنم ورتو .سندس والد شاهه محمد خان علي زئي سال 1954ع ڌاري حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو . محترمه نور شاهين کي سنڌي شاعري منجهه ( خاتون اول شاعره ) جي حيثيت حاصل پڻ آهي .هن شروعاتي تعليم انگريزي تعليم سينٽ ميريز اسڪول کان ڪئي بعد ۾ مختلف اسڪولن، ڪاليجن منجهان تعليم حاصل ڪندي سال 1963ع ڌاري هوميو ٽرينگ ڪاليج لاهور منجهان ايم_ ڊي_ ايڇ جي ڊگري حاصل ڪيائين .1966ع تائين هن اديب فاضل ۽ گريجوئيشن تائين تعليم پرائي . ان شاگردي واري زماني ۾ سندس طبيت خراب ٿي پئي ، بيماري جي اثر ڪري هن تعليم منجهان اڌ ۾ ئي هٿ ڪڍي ڇڏيا . سندس تعليم پڻ اڌ ۾ رهجي وئي . نورشاهين صاحبه ڪاليج واري زماني ۾ زبردست لاجواب تقريرون پڻ ڪندي هئي ۽ ان زماني ۾ مشاعرن ۾ حصو وٺي شاعري پئي پڙهندي هئي . سندس انداز بيان لاجواب ۽ سريلو هوندو هو نور شاهين پنهنجي ادبي زندگي جي ابتدا (بشارت ) اخبار ۾ غزل لکي ڪئي .نور شاهين نثر توڙي جو نظم جي شروعات ئي اردو ٻولي کان ڪئي .بعد ۾ سنڌي ڪلام کي پنهنجو بڻائي سنڌي ادب ۾ لکندي رهي .نور شاهين شاعري جي هر صنف ۾ پاڻ ملهايو جهڙوڪ غزل ، نظم ، ترائيل ، ٽه سٽا ، دوها ، وائي ، بيت ، مثنوي ، ماهيا ،سانيٽ وغيره تي ڀرپور طبع آزمائي ڪئي . شاعري ۾ سندس استاد ناليوارو شاعر ۽ اديب محترم رشيد احمد لاشاري صاحب هو .بعد ۾ شيخ محمد ابراهيم خليل ۽ مولانا محمد اسماعيل هئا . نور شاهين سنڌي ادب ۾ شاعري جي صنف منجهه سنڌي ، پنجابي ، ۽ ملتاني( سرائڪي ) ۾ (شاهين ) تخلص ۽ اردو زبان ۾ وري (هما ) تخلص جاءِبجا استعمال ڪيو آهي .سنڌي ادب ۾ شاعري ڪندڙ عورتن منجهان نورشاهين جو مقام شاعرائن کان تمام گهڻو ۽ اعلي درجي جو آهي نور شاهين سنڌ جي واحد اڪيلي سنڌي شاعره هئي جنهن مردن سان گڏ حيدرآباد کان وٺي جيڪب آباد تائين مشاعرن ۾ شرڪت ڪئي .۽ شعر پڙهيا ڪيترن ئي پروگرامن جي صدارت پڻ ڪئي .سنڌي ادب جي هو اڪيلي پهرين سنڌي شاعره هئي جنهن ريڊيو پاڪستان لاءِ گيتن ڀريون ، ڪهاڻيون ، افسانه ، ۽ فيچر زبردست نموني لکيا .نور شاهين صاحبه پاڻ عورتن جي ماهوار رسالي (اديون) جي اسسٽنٽ ايڊيٽر طور پڻ فرض سرانجام ڏنا . ان کان علاوه هن جون لکڻيون سنڌ جي مختلف اخبارن ، رسالن ۾ شايع ٿينديون هيون .نورشاهين پنهنجي زماني جي لاجواب پختي شاعره ٿي گذري آهي سندس شاعري جي خاص ڳالهه درد ۽ سوز سمايل آهي هن پنهنجي شاعري جي وسيلي احساسن جو اظهار هن ريت ڪيو آهي

    بي وفا سان پيچ پائي مون وڏي غلطي ڪئي

    ان مٿان دل من لٽائي مون وڏي غلطي ڪئي

    پنهنجي الفت کي هزارين داغ مون لائي ڇڏيا

    لوهه کي پارس بڻائي مون وڏي غلطي ڪئي .

    نورشاهين جو سنڌي ڪلام جو مجموعو (رس م رسڻ گهوريو ) سال 1968ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو .نور شاهين آخر تمام گهڻو عرصو بيمارين سان جنگ ڪندي ڪندي زندگي جي جنگ هارائي 20 سيپٽمبر سال 1995ع اربع ڏينهن 59سال 1مهينو ۽ 2 ڏينهن بعد وفات ڪري سنڌي ادب جي سنگت کان هميشه لاءِ ڌار ٿي وئي .​
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو