اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو، اوهان لئه پيار بي_معنا، اسان هاڻي ڇڏيو ڄاڻي، اوهان جِي سار بي_معنا..! اجايو ٿو تڪين سهڻا، وڇائي نيڻ راهن ۾، اجائي سينڌ شرمايئي، اڱڻ ڇڻڪار بي_معنا. اسان هاڻي ڇڏيو ڄاڻي، اوهان جي سار بي_معنا..! اکين ۾ لُڙڪ ڦتڪن ٿا، اسان جو چَينُ تڙپي ٿو، تنهنجيون ڳالهيون ڪجن ڪنهنسان ؟ ٿيو اظهار بي_معنا.. اسان هاڻي ڇڏيو ڄاڻي، اوهان جي سار بي_معنا..! ٻول : مهراڻ ڌامراهو آواز : سليم رضا
مان سمجهان ٿو هي شاعري مهراڻ ڌامراهو جي آهي. سندس ڪتاب ” اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو“ سمبارا جي ساجد سنڌيءَ ڇپايو آهي. ورهائيون ٿا اسان هتڙي جفا جي موٽ ۾ ”مهراڻ“ لکن جو پيار ھو جيڪو ٿيو بيڪار بي معنئ