ٻول : اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو،
اوهان لئه پيار بي_معنا،
اسان هاڻي ڇڏيو ڄاڻي،
اوهان جِي سار بي_معنا..!


اجايو ٿو تڪين سهڻا،
وڇائي نيڻ راهن ۾،
اجائي سينڌ شرمايئي،
اڱڻ ڇڻڪار بي_معنا.
اسان هاڻي ڇڏيو ڄاڻي،
اوهان جي سار بي_معنا..!


اکين ۾ لُڙڪ ڦتڪن ٿا،
اسان جو چَينُ تڙپي ٿو،
تنهنجيون ڳالهيون ڪجن ڪنهنسان ؟
ٿيو اظهار بي_معنا..
اسان هاڻي ڇڏيو ڄاڻي،
اوهان جي سار بي_معنا..!

ٻول : مهراڻ ڌامراهو
آواز : سليم رضا

 
مان سمجهان ٿو هي شاعري مهراڻ ڌامراهو جي آهي. سندس ڪتاب ” اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو“ سمبارا جي ساجد سنڌيءَ ڇپايو آهي.

ورهائيون ٿا اسان هتڙي جفا جي موٽ ۾ ”مهراڻ“
لکن جو پيار ھو جيڪو ٿيو بيڪار بي معنئ
 
مان سمجهان ٿو هي شاعري مهراڻ ڌامراهو جي آهي. سندس ڪتاب ” اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو“ سمبارا جي ساجد سنڌيءَ ڇپايو آهي.

ورهائيون ٿا اسان هتڙي جفا جي موٽ ۾ ”مهراڻ“
لکن جو پيار ھو جيڪو ٿيو بيڪار بي معنئ


اپڊيٽ ڪري ڇڏيم..

فنڪار اڌورا ڪلام چوندا آهن انڪري خبر نٿي پوي ته ڪنهنجي شاعري آ
 
Back
Top