ٻول : ڪنڊيءَ نه سڱري ٻٻر نه پلڙو (سرمد سنڌي)

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏22 سيپٽمبر 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي

    وري ورندو واءُ وري وسندا مينهن
    وڇوڙي جا ڏينهن رَهِي رهندا ڪيترا؟

    _
    ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،
    سائو نه سلڙو ، ڇانگون نه ڇيلڙا،
    مارُو اڪيلڙا...

    پنڊيءَ نه ڳڀڙو، وھ وات ويلا
    مُنهڙا به ڀيلا، ڳوڙها ڳهيلڙا.
    مارو اڪيلڙا..

    سارو سيارو، ٿي ماٺ ماري،
    سومر اڱاري، ماڻهو نه ميلڙا..
    مارُو اڪيلڙا...

    ٿا جيءُ جھورِن، ۽ روھ رولن،
    جنهن وقت ٻولن،ڪڻڇيون ڪويلڙا،
    مارو اڪيلڙا...







    لفظن جِي تشريح :
    سڱري : سِڱريون (جمع)، ڪنڊي جي وڻ جو ميوو ٿيندو آ، جيڪو ٻڪريون ۽ اُٺ شوق سان کائيندا آهن (مون پڻ کاڌيون آهن ننڍپڻ ۾ ڏاڍيون لذيذ ٿينديون آهن)

    پلڙو : پلڙا (جمع)، ٻٻُر جي وڻ جي ميوي کي چئبو آ، جيڪو ربيع جي مُند ۾ ٿيندو آهي، جيڪو ٻاڪرو مال تمام شوق سان کائيندو آهي ۽ ٻاڪري مال لاءِ فائديمند پڻ آهن.. پلڙي مان کوڙ ساريون دوائون به ٺهنديون آهن (گرمين جي ايندي ئي منهنجو چاچو عثمان ٿهيم، پلڙن مان هڪ شربت ٺاهيندو آ، جيڪو شربتِ بزوري کان به وڌيڪ فائديمند ۽ ٿڌو آهي)


    ڇانگون : ڇانگ (واحد)، ٻَٻُر، ديوي، ڪَنڊِي يا ٻين اهڙن پنن ۽ ڪنڊن وارن وڻن جِي سنهين ٽارين کي چئبو آهي، جيڪي ڌراڙ ڪَٽي مال لاءِ چارو بڻائيندا آهن. بهار جِي مُند ايندي ئي ماڻهو وڻن کي ڇانگيندا آهن ته جيئن نوان گونچ ۽ پَن ڦُٽن.

    ڇيلڙا : ٻڪري جي ننڍي “نر” ڦَر کي ڇيلو (واحد) چيو ويندو آهي، ڇيلڙا يا ڇيلا اُن جو جمع آهي.

    ڪڻڇيون : ڪڻڇِي (واحد) هڪ اهڙو پکي آهي، جيڪو ڪاري رنگ نسل جو ٿئي ٿو، جنهن جِي ٻولي تمام تِکِي ٿئي ٿِي ۽ پري پري تائين ٻُڌجڻ ۾ ايندي آهي. ڪڻڇِي قدامت ۾ ڳيري جيتري ٿِيندي آهي.

    ڪويلڙا : (شايد) ٿري ٻولي ۾ ڪانءُ جي ٻچڙن کي چوندا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو