هاڻي اسان فيسبڪ تان به پئسا ڪمائي سگهون ٿا.

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ جمالي ڪامران طرفان آندل موضوعَ ‏23 سيپٽمبر 2017۔

  1. جمالي ڪامران

    جمالي ڪامران
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 سيپٽمبر 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    سڀني سنڌين کي سلام
    اڄ کان ڪافي وقت پهريان هڪ خبر شايع ٿي هُئي ته فيسبڪ پنهنجو مونيٽائيزيشن آڻي رهيو آهي،
    مونيٽائيزيشن ڇا آهي؟
    اسان يوٽيوب يا پنهنجي ويبسائيٽ تان گوگل ايڊسينس ذريعي پئسا ڪمائيندا آهيون ان کي مونيٽائيزيشن چيو ويندو آهي،
    هاڻي فيسبڪ تان به پئسا ڪمايا ويندا، اڄ کان پهريان فيسبڪ تان اوهان سڌي ريت يا آفيشلي طور پئسا نه ڪمائي سگهندا هُئا، ڪجهه لوڪل ڪمپينيز جا لنڪ وٺي اوهان شيئر ڪندا هُئا، هاڻ اوهان فيسبڪ تان آفيشلي پئسا ڪمائي سگهو ٿا جيڪي پئسا اوهان کي فيسبڪ طرفان ملندا، يورپي مُلڪن ۾ فيسبڪ مونيٽائيزيشن اڳ کان شروع ٿي چڪو آهي، ۽ هاڻ مونيٽائيزيشن کي دنيا جي سڀني ۾ مُلڪن ۾ ايڪٽو ڪيو ويو آهي، فيسبڪ تان پئسا ڪمائڻ لاءِ اوهان کي ٻن شين جي ضرورت پوندي، هڪ ته توهان جو فيسبڪ تي پيج هجڻ لازمي آهي، ۽ ان ۾ لائيڪس، ويورز ۽ فالورز وڌيڪ هجن، ڇو ته پئسا ڪمائڻ لاءِ اوهان وٽ ٽريفڪ جو هجڻ پڻ لازمي آهي، جنهن کي ڪجهه نه ڪجهه ماڻهو وزٽ ڪندا هجن ۽ ريسپانس ڏيندا هجن،
    ٻي ڳالهه ته توهان وٽ توهانجي نالي سان يا ڪنهن برانڊ جي نالي سان ويبسائيٽ پڻ ٺهيل هجي، جيئن توهان اتي آرٽيڪل لکي سگهو جيڪڏهن توهان وٽ ويبسائيٽ آهي ان تي توهان آرٽيڪل يا مختلف شيون شيئر ڪيو، ياد رکو توهان کي صرف ويبسائيٽ تي آرٽيڪل پوسٽ ڪرڻا آهن، وڊيوز يا تصويرون نه، فيسبڪ جي ٽيم توهان کي آرٽيڪل جي ويوز، ڪلڪ، لائيڪس تي پئسا ڏيندي.
    طريقو:
    1ـ اوهان فيسبڪ جي هِن آفيشل لنڪ تي وڃي ڪري، سائين اپ ڪيو،
    تفصيل پڻ ويبسائيٽ تي ڄاڻايل آهن.
    تصوير: [​IMG]
    ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

    2ـ نوٽ: سائين اپ ڪرڻ کان اڳ اوهان جو فيسبڪ اڪائونٽ ۽ جنهن پيج تي مونيٽائيزيشن لڳائڻ چاهيو ٿا اهو پيج کُليل هجي،
    فيسبڪ پيج سليڪٽ ڪيو، پيج سليڪٽ ڪرڻ کان اڳ اوهان کي اهو ڌيان رکڻو آهي ته اوهان ان پيج جا اڊمن هجو،
    نه ڪي ايڊيٽر يا موڊيٽر، پيج سليڪٽ ڪرڻ کان پوءِ هيٺ ايگريمينٽ سليٽ ڪري اڪسيس انسٽينٽ آرٽيڪل ٽولز تي ڪلڪ ڪري ڪنفرم ڪريو،
    تصوير:[​IMG] ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
    3ـ هاڻي اوهان ڊائيريڪٽ پيج جي پبلشنگ ٽولز تي اچي ويندئو، اتي پنهنجا سمورا تفصيل لکو.
    تصوير: [​IMG]
    تصوير:[​IMG] ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

    هتي سمورا آپشن ڏنل آهن، جيڪڏهن اوهان کي سمجهه ۾ اچي ويو ته ٺيڪ آهي نه ته مونکان ڪمينٽس ۾ پڇي سگهو ٿا.
    فيسبڪ پڻ وڊيوز تي به مونيٽائيزيشن لڳايو آهي، اسٽڊي ڪري جلد ان مضوع تي به لکندس.
     
  2. ذوالفقار دولتاٹی

    ذوالفقار دولتاٹی
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2013
    تحريرون:
    64
    ورتل پسنديدگيون:
    132
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    ايڊيٽر دي سنڌ آنلائن
    ماڳ:
    ڳوٺ صوڀو دولتاڻي دادو
    تمام بهترين ڄاڻ
     
    جمالي ڪامران هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    بهترين دوست
     
  4. ذوالفقار دولتاٹی

    ذوالفقار دولتاٹی
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2013
    تحريرون:
    64
    ورتل پسنديدگيون:
    132
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    ايڊيٽر دي سنڌ آنلائن
    ماڳ:
    ڳوٺ صوڀو دولتاڻي دادو
    ادا مون فيس بوڪ آرٽيڪل سيٽنگ تقريبن مڪمل ڪئي آهي
    ويب سائيٽ تي ٽيج به لڳايو آهي جيڪو پڻ فيس بوڪ وارن قبول ڪيو آهي
    پروڊڪشن آر ايس ايس فيڊ به مڪمل آهي جڏهن ته ڊيولپمينٽ آر ايس ايس فيڊ به مڪمل ڪيو آهي
    پر پوءِ به منهنجا آرٽيڪل ظاهر نه پيا ٿين؟
    ۽ ٻيو هڪڙو مسئلو آهي جيڪو سمجهه ۾ نه نٿو اچي اهو آهي مونيٽائيزيشن جو مهرباني ڪري مدد ڪريو..... اهو ڪيئن حل ڪجي ٻيو وري ٽيڪس نمبر اهو به سمجهه ۾ نٿو اچي
     
  5. حامد گبول

    حامد گبول
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 فيبروري 2013
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪراچي سنڌ
    عبيد ٿهيم پيارا پڻ ٻن انتظاميه کي گذارش آهي ته مونکي ان موضوع بابت وڌيڪ رهنمائي کپي
     
  6. انيل نارائڻ

    انيل نارائڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جون 2015
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    بهترين ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو