ڪويتا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سجادعلي طرفان آندل موضوعَ ‏23 سيپٽمبر 2017۔

  1. سجادعلي

    سجادعلي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 سيپٽمبر 2017
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ماڳ:
    مٺي_ٿرپارڪر
    مــــان ڄاڻــــــان ٿـــو تــــون ڌاري آن،
    مونکي سنـــــڌ جيـــان پـر پيـاري آن.
    تنھنجـــي ذات جـــدا، ھــر بــات جُدا،
    جـــذبــــات جُــــدا، فـــــڪرات جُــــدا.
    توکي وک وک تي مان سجدو ڪيان،
    اڄ مونــکان پڇــيـن ٿــي پـردو ڪيان.
    تنھنجي معصوميت جي ساک کڻـان،
    تنـھنــجي ڳـــلڙن تــان مان باک کڻان.
    منھنجـــي مــــــن ۾ ڏاڍي اونــــدھ آءَ،
    ۽ دل جـــــو صــحــــن انــــڌھيــــــرو آءَ.
    مونکي پڪ نه ھُئـي امڪــان ھُيـــو،
    تــنــھنــجو جلدي ٿي امتحـــان ويــــو.
    تـــــو ھــــاڻي جــو ڪاليـــج ڇــڏيـــو،
    مان سمجھان ٿو نڪــرڻ بـــه ڇڏيـــو.
    ۽ صبح جو ساڳئـــي رستــــي تــــان،
    گذرڻ به ڇڏيو، مرڪــــڻ بـــه ڇڏيـــو.
    ڏس تو سان ھاڻي ڪيئــــن مـــلان؟
    ڪٿي بيھان توکي ڪيئـــن ڏســــان؟
    خـــط، تحفـــا، گــفٽُون ڪيــئن ڏيان؟
    ايئـــن دل کـــي وھــم ڦــري ويــا ھن،
    ڄـــــڻ ڳــــوٺ کي فوجي گھيـري ويا.
    مون تـــي نظــرن جو ڪرفـــيُو آءَ لڳل،
    ھــر راھ رُڪيـــل، گھٽ، گھيڙ جھليل.
    تنھنجو گھــر بــه ڏٺل، رستو بـــه ڏٺل،
    پر ظـــــــالم قـــــــاتـــل رســــمــن جا،
    ھــــر پـــــاســــي آھـــن رنــــگ لڪل،
    ان لاء نــــــه ٿــــو تـــــو ڏانــــھن اچان،
    ٿـــو ايـــــــندي ويـــــندي واپـــس ٿيان،
    ۽ دل ۾ ٿــــــــــــــو ويـــــــچار ڪـــيــان،
    مان تـــــــوکـــــــان ھـڪڙي ڳالھ پڇان،
    جـــي ھاڻـــــي نه ٿي ڪالــيج وڃين،
    ڇـــــو ســــرتــيـــن کان ٿي ڏُور رھين،
    تـــن ساڻ تــه مــل، تن ساڻ ته کـــل،
    ھـــــل ٿـــــورو ھل، ھــــل ٿــــــورو ھل،
    منھنجي روح جي راھ تـــان ٿــورو ھل،
    منھنجي اکڙين کان بـــه نه ٿي اوجھل،
    پـــنھنـــجي پرس کي ٿورو کولي ڏس،
    جــــــــا تــــــو وٽ ھـــــــاڻ امــــانت آءَ،
    منــــھنجي پيار جـــي توکي پــارت آء.
    تـــــوُن مـــــونـکان پــنھنجا خط ته وٺ،
    ڏس جــــن تــــي منھنجـــو نانءُ نه آءَ،
    ڄڻ مــون وٽ منھنجــــو ھانءُ نــــه آءَ.
    مونکي اڳ ۾ اھڙي ڄاڻ نــــه ھُئــــي،
    تون مونکان ويندئيــن ايئــــن کســــي،
    جيئن حــــق سمــــــورا ڌرتـــــيءَ کان،
    جيئـــــن دھشتـــــگرد ڪراچــيءَ کي،
    ٿــــا سنــــڌ سڄـــــيءَ کــان ڌار گھُرن.
    ھــــي راتيــــن جا رخــــوال سڀئــــــي،
    ٿــــا تــــوکــــي مـــــون کـان ايئن ڇنن،
    ھــــن پيـــــار جــــي دشمــــن دنيــا ۾،
    سڀ عادل ٿيــا، انصــــاف نـــــه ٿيــــــو،
    ھڪ پيـــار جــــو ڏوھ ڀي معاف نه ٿيو،
    ويـــــو توکـــــي مونکـــــان ڌار ڪيــــــو،
    ڄـڻ ٽــــــاريءَ مــــان ڪنھـــن گُل ڇنو،
    پـــــر توســـــان جيڪــــــو رشتـــــــو آءَ،
    ســــو رشتـــــو اي نـــــــه ٽٽڻــــــــــو آءَ.
    تـــــــون مونـــــکان ڌار نـــــه ٿيڻـــي آن،
    تون منھنجي آن، تون منھنجـــــــي آن.

    امتياز احمد سومرو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو