ٻول : سڪ ۾ سڪي کي نه سڪا پيارا

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر



سِڪ ۾ او سِڪ ۾،
سِڪيءَ کي ڪِينَ سِڪاءِ ڀلارا،
ڏُکيءَ کي ڏُک ۾ نه ڏُکاءَ ايڏو پيارا،
سُڻ سُئال مُئيءَ جو ، هيڻو حال مُئيءَ جو..

پنهنجي اکين ۾ توکي ويهاريان،
توکان سواءِ ڪنهن ڏي نهاريان،
جيءَ ۾ جوڙيئي جاءِ جيارا،
سڻ سئال مئيءَ جو، هيڻو حال مُئيءَ جو.

دل جِي آ دل ۾ ڪنهنکي ٻُڌايان،
سڪ تُنهنجي سائين لوڪان لڪايان،
ليئڙو لِڪي پاءِ پيارا،
سُڻ سوال مُئيءَ جو هيڻو حال مئيءَ جو .

دنيا رُسي ڀَل هِڪ تون نه رُسجانءِ،
محبوب منهنجا مُنهڙو نه مَٽجانءِ،
ناتو اچي نڀاءِ پيارا،
سڻ سوال مئيءَ جو هيڻو حال مئي جو.

سڪ ۾ او سڪ ۾ سڪيءَ کي ڪينَ سڪاءَ پيارا،
ڏکيءَ کي ڏک ۾ نه ڏکاءِ پيارا،
سڻ سوال مئي جو هيڻو حال مئي جو.





آواز : ديبا سحر
ٻول :

 
Back
Top