ٻول : سڪ ۾ سڪي کي نه سڪا پيارا

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏6 آڪٽوبر 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي



    سِڪ ۾ او سِڪ ۾،
    سِڪيءَ کي ڪِينَ سِڪاءِ ڀلارا،
    ڏُکيءَ کي ڏُک ۾ نه ڏُکاءَ ايڏو پيارا،
    سُڻ سُئال مُئيءَ جو ، هيڻو حال مُئيءَ جو..

    پنهنجي اکين ۾ توکي ويهاريان،
    توکان سواءِ ڪنهن ڏي نهاريان،
    جيءَ ۾ جوڙيئي جاءِ جيارا،
    سڻ سئال مئيءَ جو، هيڻو حال مُئيءَ جو.

    دل جِي آ دل ۾ ڪنهنکي ٻُڌايان،
    سڪ تُنهنجي سائين لوڪان لڪايان،
    ليئڙو لِڪي پاءِ پيارا،
    سُڻ سوال مُئيءَ جو هيڻو حال مئيءَ جو .

    دنيا رُسي ڀَل هِڪ تون نه رُسجانءِ،
    محبوب منهنجا مُنهڙو نه مَٽجانءِ،
    ناتو اچي نڀاءِ پيارا،
    سڻ سوال مئيءَ جو هيڻو حال مئي جو.

    سڪ ۾ او سڪ ۾ سڪيءَ کي ڪينَ سڪاءَ پيارا،
    ڏکيءَ کي ڏک ۾ نه ڏکاءِ پيارا،
    سڻ سوال مئي جو هيڻو حال مئي جو.





    آواز : ديبا سحر
    ٻول :

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو