ڪالھ مونکان آهي وڇڙي، اڄ هُن جا ٻار ڏِس، مونکي مامو چئي چيڙائن، پُٽ هُن جا چار ڏِس. لفظ محبت جا مون ارپيا، ۽ سيکاريا هُن کي، هڪ لاهن ٻي ٿا چاڙهن ٻار ڦاپُوءَ جا، گار ڏِس. منهنجي هُئي ته اينڊرائيڊ گفٽ ڪيومانس، آئي فون جي آسري ۾، وئي مري آ يار ڏِس. هو جھليو مون هُن کي نه هُج رک تون انهيءَ سان، ”هاءِ وڇوڙا! هئه هاءِ“پئي ڪڍي هاڻي پار ڏِس ڪلھ جيڪو پٽ تي هو ۽ جنهنکي وئي ڇڏي، ڀاڳ تَنهنجا يار کُليا ، نئون بنگلو ڪار ڏِس. عبيد اُن کي ڇا ته چئي؟ جنهن کي نه نڪ احساس آ ، اڄ ڀي آهي هيڪلِي ڀل لڳنس لک خار، ڏِس...