مونکي مامو چئي چيڙائن پٽ هن جا چار ڏس

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڪالھ مونکان آهي وڇڙي، اڄ هُن جا ٻار ڏِس،
مونکي مامو چئي چيڙائن، پُٽ هُن جا چار ڏِس.

لفظ محبت جا مون ارپيا، ۽ سيکاريا هُن کي،
هڪ لاهن ٻي ٿا چاڙهن ٻار ڦاپُوءَ جا، گار ڏِس.

منهنجي هُئي ته اينڊرائيڊ گفٽ ڪيومانس،
آئي فون جي آسري ۾، وئي مري آ يار ڏِس.

هو جھليو مون هُن کي نه هُج رک تون انهيءَ سان،
”هاءِ وڇوڙا! هئه هاءِ“پئي ڪڍي هاڻي پار ڏِس

ڪلھ جيڪو پٽ تي هو ۽ جنهنکي وئي ڇڏي،
ڀاڳ تَنهنجا يار کُليا ، نئون بنگلو ڪار ڏِس.

عبيد اُن کي ڇا ته چئي؟ جنهن کي نه نڪ احساس آ ،
اڄ ڀي آهي هيڪلِي ڀل لڳنس لک خار، ڏِس...
 
Back
Top