گلقند

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    گلقند.
    بادشه ۽ گڏه.
    هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته هڪ هوندو هو *بادشاه *
    بادشاه سلامت کي مڇيء جي شڪار جو شوق ٿيو. هن شاهي درٻارجي ماهر موسميات کي طلب ڪيو ۽ ايندڙ چند ڪلاڪن جي موسم بابت معلومات ورتائين .شاهي ماهر موسميات اڳڪٿي ڪئي ۽ چيائين ”سرڪار اوهان ڀلي شڪار تي وڃو برسات جو پري پري تائين به ڪو نانءُ نشان ڪونهي موسم صحيح رهندي“.
    سو سائين بادشاه راڻي سميت شاهي انتظامن هيٺ مڇيء جي شڪار تي روانو ٿيو.
    واٽ تي هِڪ هاري پنهنجي گڏه سميت مليس سلام بعد پڇا تي هاري عرض ڪيو.” حضورهڪدم واپس محلات وڃو اڄ ٿوري دير ۾ تيز برسات پوندي“
    بادشاه بي يقيني سان وراڻيو.... "منهنجو شاهي ماهر موسميات آعلي تعليم يافته ۽ پيشه ور آهي.. هن مونکي مختلف ڳاله ٻڌائي آهي مونکي ان تي ڀروسو آهي مان سفر جاري رکندس“
    قصو مختصر شاهي سفر جاري رهيو، ڏسندي ئي ڏسندي موسلا ڌار بارش شروع ٿي وئي، بادشاه ۽ راڻي انتهائي خراب صورتحال ۾ ڦاسي پيا....برسات ۾ ڀِڳل ..شرمندگي ۽ غصي واري عالم ۾ واپسي جو حڪم ٿيو.. بادشاه درٻار پهچي پهريون ڪم ماهر موسميات کي برطرف ڪري سزا ڏيڻ جو ڪيو.....ٻيو حڪم ٿيو هاريء کي حاضر ڪيو وڃي .
    هاري حاضر ٿيو بادشاه کيس سٺي پگهار سان ماهر موسميات جو آعلي عهدو پيش ڪيو.
    هاري حيرانيء مان هٿ ٻڌي عرض ڪيو ”حضور انهيء ۾ منهنجو ڪو ڪمال نه آهي جڏهن به تيز برسات اچڻ واري هوندي آهي ته منهنجو گڏه ڪن هيٺ لڙڪائيندو آهي مان سمجھي ويندو آهيان ته اڄ برسات ايندي“........
    اها ڳاله ٻڌندي ئي بادشاه گڏه کي ماهر موسميات جو عهدو ڏئي درٻار ۾ طلب ڪيو.[​IMG][​IMG][​IMG][​IMG]

    اهڙي طرح انهيء ڏينهن کان گڏهن کي شاهي درٻارن ۽ حڪومتن ۾ آعلي ۽ با اثر عهدا ڏيڻ جو رواج پيو جو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي.
    لو جي کرو گل[​IMG][​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو