اکين ۾ جاڳ او جانان سمهڻ جي آس ڏاڍي آ : ديوانو ديدار گاڏهي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل

    ديوانو ديدار گاڏهي

    اکين ۾ جاڳ او جانان سمهڻ جي آس ڏاڍي آ
    رسي ويا ڀاڳ او جانان سمهڻ جي آس ڏاڍي آ

    اکـين ۾ ننڊ جا ديرا اڏي آخر اڏيان ڪهڙا
    پري آ مـاڳ او جانان سمـهـڻ جي آس ڏاڍي آ

    لکيو ويو ڀاڳ منهنجي کي انڌيري رات ۾ آھي
    ڪچي ڄڻ واڳ اوجانان سمهڻ جي آس ڏاڍي آ

    اسان ڳوليو سکيو جيون ملي ويا درد ڀاڳن ۾
    رڙين جو راڳ او جانان سمهڻ جي آس ڏاڍي آ


    [​IMG]


    تعارف

    نالو؛ ديدار حسين
    ادبي نالو؛ ديوانو ديدار گاڏهي
    جنم تاريخ؛ 05 آگسٽ 1985
    جنم هنڌ؛ انور آباد، ضلعو قمبر
    شهدادڪوٽ
    رهائش؛ عبدالله شاه غازي، ڪراچي
    نمبر؛ 03043399288


    بيوس سجاد گاڏهي جي فيسبڪ ٽائيم لائين تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو