طلسمي آ طلب هن لئه ...

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,689
    ورتل پسنديدگيون:
    2,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    طلسمي آ طلب هن لئه
    ماتمي ماحول ۾
    هو اجها اکين ۾ آهي
    سانت سان سڪ ٿي پڄائي
    لحر پاڻي جيئن هو
    لڙهندي اچي لم لم ڪندي
    مان ڪناري جيئن کڙو
    ٻانهون کوليون هان کڙو
    ڇوه ۾ ڇلندي ڇڙو
    ٿو واجهايان سير سڪ ۾
    ڪا گهلندڙ هير لڪ ۾
    خوشبو جنهن جي ڦهلجي وئي
    ڪائناتي قرب ۾
    سڀ ستارا ۽ فلڪ
    هن کي ڏسڻ لئه هڪ جهلڪ
    روڄ راڙي ۾ ٿيا جي
    فڪر ۾ ذڪر ۾
    لولاڪ سارو لحذو ٿيو
    ساه جي سڙٻاٽ ۾
    هو پڳو پيرين هو پنڌ
    ڀونءِ ڌرتي جا هئي سنڌ
    خوشيون مڳن موجون وڏيون
    سانت ۾ ڪنهن ڪنهن سڏيون
    دل جا دروازا کوليندي
    روح ۾ راحت وئي ٿي
    هن جي الفاظن اشارا
    محبتن کي ڄڻ ها مارا
    بي هوش ٿي ويا لوڪ سارا
    جنهن جي سوا سڀ انڌارا
    او پيارا او پيارا
    هردو سدا تو لئه هڄي
    پير پوئتي ڪيئن کڄي
    آءُ منهنجي سڀ سڄي
    توسان اوريان اورڪا
    مور ٽلندي ٽور ڪا
    هو ٽرهوڪا ڪيئن وسرن
    لال ڦيري ۾ لڏن
    قرب ۾ اڄ ڀي ڪڏن
    قريب ۾ اڄ ڀي ڪڏن

    لبستم دائودپوٽه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو