مول چند محل حيدرآباد

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    عمارت جو نالو... مول چند محل.
    کنڀاٽي گهٽي. شاهواڻي پاڙو.

    پڪي قلعي کان شاهي بازار ۾ اندر اچبو ته جو رستو فقير پڙ ڏي وڃي ٿو اتي کنڀاٽي گهٽي آهي جنهن کي هاڻي پتاشه گلي چون ٿا، اتي آهي. شهواڻي پاڙو تعليم دانن جو پاڙو آهي غلام محمد شاهواڻي جو جنم به اتي ٿيو هو.
    هي عمارت 1925 ۾ سيٺ مول چنڊ ٺهرائي هئي. 1947 ۾ هو ڇڏي ويا پوءِ هن جا مالڪ ڪڇي ميمڻ ٿيا. هي شاندار عمارت ٽي منزلہ خوبصورت پٿرن جي جڙيل آهي. هن وقت هن عمارت جي زميني طبقي تي چادرين (برقع) جا دڪان آهن. باقي عمارت اڄ به سلامت آهي. هن ۾ 16 ڪمرا آهن. ڪنهن وقت ۾ هن جي چئني پاسن کان روڊ هوندو هئو.جيڪي وقت سان گڏوگڏ گهٽين ۾ تبديل ٿي ويا.
    ياد رهي ته حيدرآباد ۾ ٻه مولچند محل آهن هڪ لجپت روڊ تي ٻيو هي کنڀاٽي گلي نزد شهواڻي پاڙو....... ٿي سگهي ٿو هي عمارت به سنڌ جو تاريخي قومي ورثہ قرار ڏنو وڃي.

    سائين شبير قريشي ۽ ارشد بلوچ جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو