راؤڙ / رياتڙو ( عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جي ميدان بابت تحقيق)

'تاريخ، فلسفو ۽ سياست' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪتاب ”راؤڙ / رياتڙو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جي ميدان بابت تحقيق تي مشتمل هن تاريخي ڪتاب جو ليکڪ ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ، نئين ٽهي جو اڀرندڙ اديب، تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ٺٽوي ڪاتيار آهي.
    ڪتاب جي محقق جي چوڻ موجب جنگ اروڙ بجاءِ راؤڙ ۾ لڳي. جيڪو اصل ۾ “رياتڙو” ئي آهي. اهو علائقو ضلعي ٺٽي جي ساڪري واري علائقي يوسي پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي آس پاس ڄاڻايو اٿس. سندس خيال ۾ چچنامو ۾ جن علائقن جا نالا ملن ٿا. اهي اتي ئي موجود آهن. جن مان جيور (جيوڙو) راؤڙ (رياتڙو) وغيره آهن. ليکڪ جيڪو تحقيق جو طريقو اختيار ڪيو آهي ان ۾ هن زميني حقيقتن ۽ مقامي ماڻهن وٽ موجود ڳالهين کي به نظر ۾ رکيو آهي ته ان سان گڏوگڏ ادب مان به حوالا ڏئي ڪتاب مڪمل ڪيو آهي.

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي هن لنڪ تان ڪتاب آنلائين پڙهو يا ڊائونلوڊ ڪريو.
     
    عبدالغني لوهار ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو