سيوهڻ قلعي جي کوٽائي

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 آڪٽوبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    سيوهڻ قلعي جي کوٽائي


    محمد عثمان ميمڻ

    فرانس جي مشهور آرڪيالاجسٽ ميڊم مونيڪ ڪروران وچين دور جي تاريخ تي سنڌ ۾ 30 سال ڪم ڪيو. هن رتوڪوٽ ۽ لاهري بندر تي کوٽايون ڪري ان دور جي تاريخي ۽ معاشي حالتن تي چڱي روشني وڌي، پوءِ به ڪي ڳالهيون چتَ کان رهجي ۽ ڌنڌ ۾ ڌوڙيون رهجي ويون. ان لاءِ ميڊم مونيڪ فيصلو ڪيو ته شايد سيوهڻ جو قلعو وچ واري تاريخي دور جي خالن کي ڀري، ان لاءِ هن 1996ع کان 2002ع تائين سيوهڻ جي قلعي جي کوٽائي ڪئي. کوٽائي ڪندي کيس 8 اوسر جا درجا مليا، کوٽائي هيٺ 20 ميٽرن تائين ڪندي سڪندراعظم جي دور تائين پهتي پر کيس ان دور جي ڪا به نشاني ڪو نه ملي، انهيءَ کوٽائي ۾ ڪجهه عرصو محترم سيد حاڪم علي شاهه به سندن ساٿ ڏنو.
    شايد گذريل سال (2010ع) سيد حاڪم علي شاهه هن ئي ميلي ۾ هڪ مقالو پڙهيو هو، جنهن ۾ هن انهيءَ قلعي جي کوٽائيءَ جو مختصر ذڪر ڪيو هو، ان موجب قلعي جي اوچائي اٽڪل 54 ميٽر ۽ پکيڙ 17 هيڪٽر آهي. قلعي جي چئن ئي ڪنڊن سان کوٽائي ڪندي 23.50 ميٽرن جي گهرائيءَ تي پوسل نڪري آئي، ثقافتي ڪٽي جي ٿولهه 48 ميٽر ٿي. کوٽائي قلعي جي تر کان به هيٺ تائين ڪئي وئي، جتي قلعي جو ڪو به نشان ڪو نه هو، جنهن قلعي لاءِ تاريخدان لکن ٿا ته هن قلعي کي سڪندر اعظم فتح ڪيو، ان جا آثار هتان ڪو نه مليا.
    بخاري صاحب مختصر ئي سهي پر پهرين ٽن سطحن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي اٽڪل 400 ق.م کان 700 عيسوي تائين جا آهن. سندس چوڻ موجب هن وقت موجوده قلعو سڪندر واري وقت جو نه آهي، انهن ٽن سطحن جو ذڪر ڪندي بخاري صاحب لکيو آهي ته: کوٽائيءَ جو طبعي تهه (آخري تهه ۽ پهريون) جنهن تي پاڻي نڪتو، ان کان مٿڀرو ئي اهڙي زمين ملي جيڪا پڪي ۽ ڄميل هئي. اتي ماڻهوءَ جي رهائش جا ثبوت مليا، انهيءَ تر تي جيڪو ٺڪر مليو اهو ڪاري اجريل ٿانءَ وارو ٺڪر (Black Polished ware) سڏجي ٿو، جنهن جو واسطو يوناني باختري (Graeco-Bactrian) دور سان آهي. ان هيٺين سطح جي مٿان جيڪا ٻي سطح (تهه نمبر 2) آهي، اتان جيڪي وٿون کوٽائي دوران مليون، ان جو واسطو موريا ۽ ڪشان دور سان هو. هن تهه مان ملندڙ ٺڪر ڳاڙهي رنگ جو اجريل ٿانءَ (Red Polished ware) ڪري ڪوٺجي ٿو. انهيءَ سطح تان کوٽائي ۾ پهريون ڀيرو ٽامي جو هڪ سڪو به مليو هو، اهو دور پهرين صدي ق-م کان 300 عيسوي تائين جو آهي. انهيءَ جي مٿان ٽين سطح جو دور 300 عيسوي کان 700 عيسوي واري دور سان لاڳاپيل آهي. هن دور ۾ ايراني بادشاهه بهرام گور پنجين (421ع کان 438ع) جو نالو، سنڌ جي فاتحن ۾ ڳڻجي ٿو، پر هن جا تفصيل نه ملي سگهيا آهن. تاريخ ۾ هزمر (489-488ع) ۽ خسرو نوشيروان نالي ايراني بادشاهن جو ذڪر به ملي ٿو. هرمز جي وقت ۾ سنڌ بغاوت ڪري ايرانين کان آزادي حاصل ڪئي ۽ راءِ گهراڻو (495-632ع) جي مقامي حاڪميت تسليم ڪئي وئي، انهيءَ دور ۾ هڪ ٻئي قلعي جا آثار کوٽائي مان مليا آهن. هن سطح تي پهريون ٺپيل ٿانءَ (First Moulded Pottery) مليو آهي، جيڪو ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگن سان رڱيل آهي، ان ڪري 400 ق-م کان اڳ واري سنڌ تي ايراني دور (600ق-م کان 86-485ع) جا آثار ملڻ محال آهي، اهو دور ڪوروش ۽ دارا جو آهي. قلعي جي هيٺين تهه واري آبادي Graeco- Bectrian دور جي آهي.
    پاڻ انابيل ڪولنٽ جي ان رپورٽ جي روشني ۾ قلعي کي ڏسنداسون جيڪا هن `Sindh Through History and Representation` نالي ڪتاب ۾ ڇپائي آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو اوڪسفورڊ پريس 2008ع ۾ ڇپيو. سندس مقالي جو عنوان Chronology of Sehwan Sharif Through Ceramic (The Islamic Period) آهي. سندس چوڻ موجب هتان 8 مرحلا يا تهه مليا، جن مان پهريان 3 تهه اسلامي دور کان اڳ جا آهن، باقي پنجن تهن کي هيٺينءَ ريت ورهايو آهي:

    (1) تهه نمبر 4: 35-31/30 ميٽرن جي اوچائي تائين، جنهن کي هن عرب دور جو تهه ڪري سڏيو آهي، جيڪو 2 کان 4 صدي هجري يعني 8 کان 10 صدي عيسوي جو آهي.
    (2) تهه نمبر 5: 48-35 ميٽرن تائين، جنهن کي هن هباري سلطنت جي خاتمي کان وٺي غزنوين ۽ غورين جي دور جو تهه ڪري سڏيو آهي، جيڪو 5 صدي کان 7 صدي هجري يعني 11 صدي کان 13 صدي عيسوي تائين جو آهي.
    (3) تهه نمبر 6: 40-38 ميٽرن تائين، جنهن کي هن دهلي سلطنت ۽ سمن جي دور جو تهه ڪري سڏيو آهي، جيڪو 9 کان 7 هجري يعني 13 کان 15 صدي عيسوي تائين جو آهي.
    (4) تهه نمبر 7: 41-40 ميٽرن تائين، جنهن کي هن ارغونن ۽ ترخانن جي دور جو تهه ڪري سڏيو آهي، جيڪو 10 صدي هجري يعني 16 صدي عيسوي جو آهي.
    (5) تهه نمبر 8: 44-41 ميٽرن تائين، جنهن کي هن مغلن جي دور جو تهه ڪري سڏيو آهي، جيڪو 11 کان 12 صدي هجري تائين يعني 17 کان 18 صدي عيسويءَ جو آهي.

    مانواري ليکڪ هر تهه يا سطح جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي ته اتان کوٽائي دوران ڪهڙيون وٿون مليون. ڄاڻ لاءِ مختصراً هتي انهن جو ذڪر ڪجي ٿو:

    تهه نمبر 4: هيءُ عربن جي دور جو تهه آهي، هتان ٿانون جا ٽٽل ٽڪرا مليا آهن، جن ۾ ڪنيون ۽ ٿوٻيون خاص آهن. ٿانءَ تي گهرو ليڪو ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. مٿاڇري تي ابرق جا ذرا چنبڙيل آهن. ٿانون جو چٽ ٺپيل ۽ قالب ڪاريءَ وارو آهي. خاڪستري ٺڪر ٿورو ملي ٿو. روغني ٺڪر ٿورو ئي سهي پر اهم آهي، ان جو واسطو هبارين جي دور سان آهي وغيره. کوٽائي دوران مٽيءَ سان گڏ ڇار ۽ ڪوئلي جو چڱو تعداد ملي ٿو، ڪجهه اڏاوتون به ملن ٿيون، جيڪي گلڪاري ۽ ڪچين سرن جون آهن. اتان هڪ ورڪشاپ به ملي آهي، جتي ڌاتو ڳاري اوزار ٺاهيا ويندا هئا. هن تهه کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. (1) 4 الف، (2) 4 ب، (3) 4 ث. آخري دور يعني 4 ث مان اندازو ٿئي ٿو ته انهيءَ دور ۾ ڪا ويڙهه ٿي آهي، ان دور ۾ ڌاتو گري جو عمل تيز نظر اچي ٿو.

    4 الف کي اموين دور ڪري چيو ويو آهي، جو اتان 2 صدي هجري جا سڪا مليا آهن. هڪ سڪو 120هه (738-737ع) جو مليو آهي. هتان منصور ابن جهمور الڪلبي، هشام بن عمر، عمر بن حفظ وغيره جي نالي ضربيل سڪا مليا آهن. هي اموين ۽ عباسين طرفان مقرر ٿيل گورنر هئا. 4 الف مان ملندڙ ٺڪراٺو سٺُو پڪل ڳاڙهو ۽ گلابڙي رنگ جو آهي، جنهن جي مٿاڇري تي ابرق جا ذرا ۽ واري لڳل آهي. ٿانو جي ڳچي وٽ ڪاري، ڳاڙهي ۽ اڇي رنگ جا چٽ چٽيل آهن، جيڪي مهندسي ۽ گلن ٻوٽن جي طرزن جا آهن. ٺڪراٺو ڀنڀور جي پهرين اسلامي دور جي ٺڪر سان ڀيٽڻ جهڙو آهي. سيوهڻ مان ملندڙ هن دور جي ٿانون ۾ ڪُنو خاص ٿانو آهي، جنهن جا ڪَنا ويڪرا ۽ وريل آهن. ان کانسواءِ ڪنن ۽ بنا ڪنن جي ڪولا مليا آهن، ڪي ٿانو اهڙا به آهن جن کي مقامي چئي نه ٿو سگهجي. اهي ميسوپوٽيميا مان گهرايا ويا آهن، ڇو ته انهن جي مٿاڇري تي هلڪي ڀوري مٽي جو ليپو ڏنل آهي. روغني ڪوزا مٺين سان ملن ٿا. ڪي ٺڪرن جا ٽڪرا فيروزي رنگ سان روغن ٿيل به مليا آهن.

    4 ب: هي تهه هبارين جي عربن کان الڳ حڪومت قائم ٿيڻ/ ڪرڻ واري دور سان لاڳاپيل ڏسجي ٿو. جنهن کي المنصوره سڏيو ويو آهي. تاريخ ۾ سندس چٽو دور ڪو نه ٿو ملي. يعقوبي جي چوڻ موجب آزاد هبارين (855-854ع) پنهنجي حڪومت شروع ڪئي. هن تهه مان گڏيل ۽ منجهائيندڙ ٺڪر ملي ٿو، جنهن بابت تحقيق هلي پئي ٿي. چٽيل ٺڪر ساڳي نموني جو آهي، جهڙو 4 الف مان مليو. هن مان مسوپوٽيما مان آيل روغني ٿانون جو تعداد وڌيل ٿو ڏسجي. فيروزي روغنز (Glaze) کان سواءِ نيرا روغني ٿانو به گهڻا ملن ٿا، جيڪي ڀنڀور ۽ المنصور مان به مليا آهن.

    4 ث: هي تهه به هبارين جي جي حڪومت سان لاڳاپيل آهي، هتان هڪ سڪو مليو آهي، جيڪو عمر بن عبدالله جي نالي ضربيل آهي. هتان ملندڙ ٺڪر ۾ اڳئين ٺڪر جي مقابلي ۾ خاص تبديلي نظر نه ٿي اچي، سواءِ ان جي ته ٿانءُ وچولي جسامت جو ملي ٿو، جيڪو ٺپيل ۽ قالبيل آهي. مٿاڇري تي ابرق اڳ جي مقابلي ۾ وڌيڪ مليل آهي، اڳين ٿانون تي رڳو مهندسي يا گلن ڦلن وارا چٽ چٽيل هئا، پر هن دور ۾ ٿانون تي پکين ۽ جانورن جا چٽ به چٽيل ملن ٿا. ٺپيل ٺڪر ڳاڙهي رنگ جو آهي، جڏهن ته ڪنن تي به چٽ ٺپيل آهن. ميسوپوٽيما مان گهرايل روغني ٺڪر ساڳيو ئي آهي، جيڪو ايران ۽ عراق مان گهرايو ويندو هو.

    تهه نمبر 5: (11 کان 13 صدي عيسوي جي شروعات) هي تهه (35.38 ميٽر تائين) قلعي جي نوادرات جو شاهڪار تهه آهي. هتان هڪ بازار ملي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته قلعو شهر وارن قبضي ۾ آندو هو، ڪيترن ئي دڪانن جون مُهڙون ننڍين ننڍين گهٽين ڏي کليل ملن ٿيون. رستا پڪين سرن جا ٺهيل آهن، هي غزنوين ۽ غورين جي دور (1025-1000عيسوي) جو تهه آهي. هن دور ۾ ٺڪراٺي ۾ ڪيتريون ئي تبديليون نظر اچن ٿيون. ڳاڙهي ليڪن وارو ٺڪر ايترو سٺو نه آهي. بازار جي پهرين مرحلي ۾ چٽ مهندسي ۽ ٿورو گلن ٻوٽن وارو مليو، پر ٻئي مرحلي جي پڇاڙيءَ ۾ اوچتو چٽن ۾ پکي ۽ جانورن جا چٽ جڳهه والاريندا نظر اچن ٿا. قالبي ۽ ٺپيل ٺڪراٺو گم ٿي ويو. هن دور ۾ روغني ٺڪر جيڪو ٻاهران آندو ويو هو سو هتي ئي ٺهڻ لڳو، تنهن جو چڱو خاصو تعداد ملي ٿو. سموري ڪنڀارڪي هنر تي خراساني اثر نمايان آهن.

    هبارين جي سلطنت جو خاتمو محمود غزنوي آندو (1025ع)، جنهن جو ذڪر ابوالحسن فروحيءَ پنهنجي ڪتاب ’ديوان فروحي‘ ۾ ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته المنصوره تي حملي مهل خفيف ڀڄي ويو، پر اهو ڪو نه لکيو اٿس ته خفيف سومرو هو يا هباري. بازار مان ملندڙ سڪا ڪٽجي ويا آهن، پر ٻن سڪن تي نالا سيماپجي سگهيا آهن. هڪ تي احمد ۽ ٻئي تي عمر ضربيل آهن. هن ئي سطح تي ضرب خاني جا آثار ملن ٿا.

    تهه نمبر 5 (35.82- 35.10 Va) ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اهو تهه گهڻي ڀاڱي ويران آهي. مٽيءَ ۾ ڇار ۽ ڪوئلو گڏ ملي ٿو. ڪوئلي جي گهڻائي ٻڌائي ٿي ته هن دور ۾ ٻي جنگ لڳي آهي. جنهن ڪري قلعي جي والار ۾ ڪافي تبديليون ٿيل ڏسجن ٿيون. نوان دڪان ٻيهر ٺاهيا ويا آهن، جيڪي پڪسرا آهن. هن دور ۾ والار وچولي نظر اچي ٿي، ٺڪر اڳي کان گهٽ مليو آهي.

    تهه 4 جي مقابلي ۾ هن تهه ۾ چٽيل ڳاڙهي ٺڪر جو رنگ ٿورو تبديل ٿيل ڏسجي ٿو. ڏسبو ته تهه 5 الف جو ٺڪر ڳاڙهو سٺو پڪل ۽ ان تي ابرق جو ليپو ڏنل آهي، پر تهه نمبر 5 ب-ث ۾ ٺڪر گلابڙي رنگ ۾ تبديل ٿيو آهي. ٺڪر تي چٽ گهٽ آهن. ابرق جا ذرا به هاڻي ٿانو جي مٿاڇري تي گهٽ گهٽ نظر اچن ٿا. ڪارو ۽ خاڪستري ٺڪر گهڻي تعداد ۾ ملي ٿو.

    5 ڊ ۽ 5 ف (1220-1050ع) تهه مان اها خبر نه ٿي پوي ته سومرن ۽ غزنوين کان پوءِ سنڌ جي ورهاست ڪيئن ٿي. لڳي ٿو ته سومرا لاڙ واري حصي تي قابض هئا، جڏهن ته سيوهڻ تي هنن جو هٿ نه رهيو، جنهن ڪري سيوهڻ ۽ سيوهڻ کان مٿي ملتان تائين غزنوين ۽ غورين جو قبضو رهيو ۽ سيوهڻ سومرن ۽ غزنوين جي حد هئي. هن سطح مان جيڪي سڪا مليا آهن، اهي به هبارين جا يا هبارين جي دور جهڙا آهن. هتان ملندڙ ٺڪر گلابي رنگ جو آهي. جنهن جي سطح ڪجهه کهري جنهن کي ابرق ۽ واري ملائي پچايو ويو آهي. خاڪستري ۽ ڪارو ٺڪر به ملي ٿو، پر اڳي جي مقابلي ۾ اهو کهرو آهي. ڪارو ۽ خاڪستري ٺڪر کي گجرات جي ماڳ ڪيبي مان لڌل ٺڪر سان ڀيٽي سگهجي ٿو. مقامي روغني ٿانون هن سطح تي ڪافي نظر اچي ٿو، اڳئين تهه جي مقابلي ۾ ان ۾ ڪو خاص فرق نه آهي.

    تهه نمبر 6 (دهلي سلطنت ۽ سما دور): ابن بطوطه (1334-1333ع) جڏهن سيوهڻ آيو هو ته هن قلعي کي ڇانوڻيءَ جي صورت ۾ ڏٺو هو ۽ تهه نمبر 6 ۾ انهيءَ ڇانوڻي واري قلعي جا آثار مليا آهن. هن تهه کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. (6 الف- 6 ب). هي ٻئي تهه دهلي سلطنت واري دور 13 ۽ 14 صدي عيسوي جا آهن. بازار جي ڊهڻ کان پوءِ انهن ئي پڪين سرن مان قلعي جا ڪي حصا جوڙيل نظر اچن ٿا. قلعي جي ايراضي ان دور ۾ ٿوري هئي پر پنجين دور واري تهه کان ڪافي شاهوڪار، جيڪو ٺڪراٺي جي گهڻائي مان پسي سگهجي ٿو. 6 تهه جو ٻيو مرحلو (VI C- VI D) سما دور سان لاڳاپيل آهي. والار تمام ڇڊي آهي، ان جو اندازو به ملندڙ ٺڪراٺي مان لڳائي سگهجي ٿو. پڪين سرن واري قلعي جي حصي جي ٻيهر مرمت ڪيل ٿي ڏسجي. مرمت سان گڏ لوهي شيخون وغيره به وڌل ڏسجن ٿا. (39.30- 39.60m) دور جو عرصو تمام گهٽ ٿو ڏسجي. انهيءَ هنڌ تي سخت ڪارو باهه لڳل دڙو موجود آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته انهيءَ دور ۾ به سخت جنگ لڳي آهي ۽ هڪ ميٽر جي اوچائي تائين باهه جا نشان ڏسي سگهجن ٿا، جنهنڪري قلعي کي سخت نقصان پيو هوندو.

    دهلي سلطنت ۽ سيوهڻ: هن عنوان سان فاضل مصنف تاريخي انگ اکر ڏنا آهن. 1228ع ۾ التمش، ناصر الدين قباچه کان هندستان فتح ڪيو، طبقات ناصري مطابق هن جو سڄي سنڌ تي قبضو هو. ٻارهن قلعن مان هڪ قلعو سيوستان جو به سندس قبضي ۾ هو. ان کان گهڻو پوءِ ناصر الدين مسعود شاهه (1246-1242ع) دهلي کان پنجاب طرف ڪاهه ڪئي ۽ سيوهڻ تائين پهتو، جتي هن قليچ خان نالي پنهنجو گورنر مقرر ڪيو.

    VI الف دور جي تهه مان دهلي سلطنت جي دور جا سڪا مليا آهن. هڪ سڪو غياث الدين بلبن جي نالي سان ضرب ٿيل آهي، ٻئي سڪي تي علاؤ الدين محمد شاهه جو نالو لکيل آهي. هن جي دور ۾ هندستان جون سرحدون وسيع هيون. هن نصرت خان نالي سپهه سالار کي لشڪر ڏئي پنجاب ۽ سنڌ موڪليو هو، پر ترت (98-1297ع) سيوهڻ تي منگولن حملو ڪيو، جنهن ڪري مقابلي لاءِ نصرت ملتان کان سيوهڻ آيو. انهيءَ زماني ۾ سيوهڻ جو گورنر تاج الدين ڪافور هو، جنهن کي غياث الدين تغلق لاهي ملڪ شير علي کي گورنر مقرر ڪيو. ابن بطوطه سيوهڻ ۾ ڪجهه سال پوءِ آيو. 34-1333ع ۾ ابن بطوطه ڏٺو ته ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿيل هئي. ڄام انڙ سمي ملڪ رتن کي قتل ڪري ڇڏيو هو. دهليءَ کان شاهي لشڪر جو جٿو آيل هو، پر انڙ لڪي ويو. هنن قلعي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا. ان کانپوءِ فيروز شاهه جو دور آيو ته سيوهڻ سندس قبضي ۾ هو.

    6 ب مرحلي (39-38) ۾ ڪجهه پڪين سرن جون اڏاوتون ملن ٿيون، جيڪي بازار مٿان اڏيل، اتر طرف نظر اينديون، پر گهٽي ساڳي استعمال هيٺ رهي، اها گهٽي پوءِ جي دورن ۾ استعمال هيٺ رهي، ۽ ڪنهن قلعي دار جو اتي گهر وغيره به هو. 6 ب تهه جي مٿاڇري تي ڪا نئين اڏاوت به ٿيل آهي، جيڪا پڪين سرن جي آهي. هتان ملندڙ ٺڪراٺو اڌ ڳاڙهو پڪل آهي، مٿاڇري تي ابرق جا ذرا ۽ واري چلڪندي نظر ايندي. چئن پتين وارو گل، جانور جو چٽ ۽ ساڳا مهندسي چٽ، هن تهه واري ٺڪر تي به ملن ٿا. چٽ ۾ ٿلهو پٽو ابرق سان عام ملي ٿو. ٿانو ۾ ٿوري تبديلي اها آهي ته هن جي ڳچي سوڙهي ۽ جسامت ننڍي آهي. باقي وصفون ساڳيون اڳي دورن واريون آهن. قالبيل ٺڪر ڇهين الف واري دور کان ملي ٿو، جنهن جي مٿاڇري تي به ابرق لڳل آهي. ڪارو ۽ خاڪستري ٺڪر به، جيڪو بازار کان شروع ٿيو هو، سو هن تهه ۾ موجود آهي. هي ٺڪر گجرات جي ڪن ماڳن سان ڀيٽڻ جهڙو آهي. روغني ٿانو 6 ب ۾ خاص طور لڀي ٿو، پر ان ۾ گهڻي تبديلي آيل ٿي ڏسجي. پيالن ۽ ڪوپن جي نمونن ۾ گهڻ نظر اچي ٿي. نيري سائي، پيلي روغني ٿانو کانسواءِ اڇو روغن وارو ٿانو به عام آهي.

    6 ث تهه سمن جي دور سان واسطو رکي ٿو. سمن جو سنڌ ۾ دور 1351کان 1520ع ڪٿيو وڃي ٿو. هنن جو گهڻو تسلط لاڙ يا هيٺين سنڌ ۾ هو. ڄام تماچي (1393ع) ڪوشش ڪئي ته قلعي کي هٿ ڪجي پر دهلي جي سلطان طرفان گرفتار ٿي دهلي پهتو. مير معصوم جي لکڻ موجب هن پنهنجي ڀاءُ کي جاءِ نشين مقرر ڪيو. ڄام تماچي جي مرڻ کان پوءِ ڄام سڪندر کي پسند نه ڪيو ويو. تاريخ مبارڪ شاهي موجب شيخ عليءَ افغانستان مان تيمور کي لشڪر ڏئي اماڻيو، جنهن ڪري سيوهڻ واسي ڄام فيروز جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيا.

    انهيءَ تهه مان هڪ سڪو دهلي سلطنت جو محمود شاهه جي نالي سان مليو آهي، جنهن تي 846هه ضربيل آهي. ڪجهه سڪا دهلي سلطنت واري تهه مان مليا آهن. انهن تي گجرات جي سلطان جو نالو ضرب ٿيل آهي. هڪ سڪو محمود ٻيگڙي جي نالي سان ضرب ٿيل آهي، جيڪو ڄام تغلق سمي جو ڀاڻج هو. هن تهه مان ملندڙ ٺڪر گلابي رنگ جو ۽ سٺو پڪل آهي. مٿاڇري تي ساڳيو ابرق ۽ واري جو تهه ڏنل آهي. چٽن ۾ جانور، نانگ ۽ مهندسي چٽ ملن ٿا. ٺڪر ۾ ڪا خاص تبديلي نظر نه ٿي اچي. روغني ٺڪر به ساڳيو اڳين تهن وارو، جڏهن ته ڪارو ۽ خاڪستري ٺڪر به اهڙو ئي آهي.

    سيوهڻ- ارغون ترخان دور: قلعي جي تباهي جا آثار اتر واري ٻاهين جي اوڀر ۾ (جنهن کي عاصمه جو نالو ڏنو ويو) ڪاري تهه جي صورت ۾ ڏسي سگهجن ٿا. اهو سڄو پاسي جو پاسو سڙيل حالت ۾ مليو آهي. اهو حملو شاهه بيگ ارغون 22-1521ع ڌاري ڪيو هو ۽ قلعو فتح ڪري ورتو. ارغون ۽ ترخانن جي دور بابت تاريخِ معصومي اهم ماخذ آهي. جڏهن ڄام فيروز ٺٽي ۾ امن ڪري ورتو ته شاهه بيگ وڏي لشڪر سان سيوهڻ تي حملو ڪري، 1521ع ۾ قلعو تي قبضو ڪري ورتو. اتي ڪنهن ارغون حوالي قلعو ڪري پاڻ واپس موٽي ويو. ٻيهر 1522ع ۾ موٽي آيو ۽ قلعي جو فوجي جائزو ورتائين. هن نوان ماڻهو مقرر ڪري حڪم ڪيو ته شهر جي ماڻهن کي بيگر وهائي قلعي جي مرمت ڪئي وڃي ۽ فوجين کي اهو به حڪم ڪيو ويو ته هُو پنهنجون رهائشي جايون قلعي جي اندر جوڙائين. شاهه بيگ کانپوءِ شاهه حسن ارغون جي دور ۾ همايون (1541ع) سيوهڻ جي قلعي تي حملو ڪيو. شاهه حسن قلعي بند ٿي ويٺو. همايون جي فوج ستن مهينن تائين محاصرو ڪيو. چوماسي جي برساتن سبب همايون کي موٽڻو پيو. شاهه حسن وري ٻن مهينن کان پوءِ قلعي جو دورو ڪري ان جي مرمت ڪرائي. مرزا عيسيٰ (1554ع) جي تخت نشين ٿيڻ کان پوءِ ارغونن ۽ ترخانن جي وچ ۾ سيوهڻ جي قلعي جي قبضي تي ڪيتريون چڪريون لڳيون، پر 1555ع ۾ نيٺ عيسيٰ خان قبضدار ٿي ويو. 63-1562ع تائين مرزا باقي، عيسيٰ خان جو پٽ سيوهڻ جو جاگيردار مقرر ٿيو، پر کيس ڇهن ستن مهينن تائين ارغونن جي بغاوتن سان منهن ڏيڻو پيو. سيوهڻ جو قلعو ايستائين ترخانن جي هٿ هيٺ رهيو، جيتر (1588ع) مغل نواب محمد بن صادق حملو ڪري هن شاهي قلعي جو هڪ حصو ڊاهي وڌو. 1591ع ۾ مير معصوم مغلن سان گڏجي سيوهڻ تي حملو ڪيو ۽ آخر جاني بيگ اهو قلعو خانِ خانان عبدالرحيم جي حوالي ڪيو، جيڪو اڪبر طرفان سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو.

    تهه نمبر 7 ۾ خاص طور والار ڇڊي رهي (36.60م/ 38.3). هتان ٺڪراٺو گهٽ تعداد ۾ مليو آهي. مٽي سان گڏ ڇار ۽ ڪوئلي جا ڍڳ مليا آهن، انهن جي مٿان تباهه ٿيل ڪارو تهه آهي. پراڻيون اڏاوتون ڊٿل مليون، ڪجهه نيون اڏاوتون پڪ سريون ملن ٿيون، آخر ۾ چيڪي مٽيءَ جو تهه مليو. قلعي ۾ ڌاتوگيريءَ جي ڪم جا آثار ملن ٿا.

    تهه نمبر 8 جي شروعات ۾ روغني ٿانو جيئن پوءِ تيئن خراب ٿيندو نظر ايندو ۽ آخر ۾ ته بنهه کهرو ٿي ويو آهي. ٺڪر گهڻو ڪري ڳاڙهو، ابرق ۽ واري جي ليپي سان پچايل آهي. هتان بهترين ٺڪراٺو قالبي ڳاڙهو ٿانو آهي، جنهن ۾ قالبي بوتلون ۽ پاٽيون/ ٿالهيون خاص آهن، جيڪي نفيس ۽ ابرق جي چلڪندڙ مٿاڇري سان سنواريل آهن. روغني ٿانو جي حالت سٺي ڪا نه آهي، ٿانون جي مٿان سادو اڇڙي رنگ جو روغن ڏنل آهي.

    سيوهڻ جو قلعو (17 صدي کان اوائلي 18 صدي تائين): مغلن سيوهڻ جو قلعو 1592ع ۾ فتح ڪيو، تڏهن قلعو وڏي اهميت وارو هو، ان جو ذڪر مغل دور جي دستاويزن مان پوي ٿو. خاص طور تي اڪبر نامو ۽ آئين اڪبري ۾ هن قلعي جو ذڪر اهم ۽ مضبوط قلعي طور ڪيو ويو آهي. يوسف ميرڪ به هن قلعي تي لکيو. ڪتاب ’مظهر شاهجهاني‘ واري ۾ قلعي بابت لکيو آهي، پر قلعو شايد پنهنجي اهميت جهانگير (1627-1605ع) جي وقت ۾ وڃائي ويٺو. شايد 1593ع ڌاري سيوهڻ ۾ اڪبر بادشاهه طرفان بختيار بيگ گورنر به مقرر ڪيو ويو هو. 17 هين صدي مغلن جي انتظامي حڪمت عملي بابت يوسف ميرڪ جو ڪتاب ”مظهر شاهجهاني“ بهترين دستاويز آهي، جيڪو پاڻ به سيوهڻ ۾ رهندو هو. انهيءَ دور ۾ گورنر تڪڙا مٽبا رهيا، جنهنڪري مقامي قبيلا سخت مشڪل حالتن هيٺ رهيا. قلعي ڏي ڪنهن به گورنر جو ڌيان نه رهيو، جنهنڪري هيٺين شهر واري قلعي جي ڀت زبون ٿي ڪري پئي. يوسف ميرڪ لکيو ته سيوهڻ هڪ پراڻي ڦٽل قلعي جو نالو آهي، جيڪو هڪ مٿانهين دڙي تي اڏيل آهي، هن قلعي سان 11 پرڳڻا ڳنڍيل آهن. قلعي جي ضعيف حالت ٻڌائي ٿي ته قلعو هن دور ۾ تباهه ٿيو هوندو، پوءِ جا مغل گورنر جيڪي (1657ع کان)18 صدي عيسوي تائين حڪمران ٿي آيا، انهن جا نالا علي شير قانع ڏنا آهن، هن آخري مغل گورنر جو نالو ارشاد خان ڏسيو آهي، جيڪو نادر شاهه کان اڳ 1702ع ۾ مقرر ڪيو ويو هو، ان کان پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي گورنري ملي.

    تهه نمبر 8: توڙي جو هي تهه تمام گهڻو وکريل ۽ تباهه ٿيل آهي، پر پوءِ به ٻين تهن جي نسبت چڱو احوال ڏيڻ جي قابل آهي. هتان مغل گورنر جي رهائش جي جاءِ جا آثار مليا آهن، لڳي ٿو هن دور کان قلعو بلڪل ئي تباهه ٿيو. قلعي جا ڪيترا حصا والار هيٺ ئي ڪو نه ٿا نظر اچن. هن تهه جي شروع ٿيڻ سان ئي مٽيءَ سان گڏ ڇار ۽ ڪوئلو ملي ٿو. والار جي هن تهه (VIII الف) جي آخر ۾ باهه لڳڻ جا نشان ڪچين اڏاوتن جي ڀتين تي نظر اچن ٿا. مٿئين تهه (VIII ب- 41.91-41.20 ميٽر) ۾ ڏٺو ويو ته آبادي تمام ڇڊي آهي. ڌاتوگيري جو ڪم ڌاتو ڳارڻ جي بٺين ۽ ڌاتن جي مَرڪٽُ سبب ڪنهن حد تائين هلندڙ هيو، پر پوءِ هڪدم گم ٿي ويو. والار جو آخري تهه تباهه ٿيل (سطح 8 ث ۽ 8 د) مليو آهي، پر کاڌ سبب سڃاپجي نه ٿو سگهجي. هن پوئين سطح مان ملندڙ ٿانءَ گهڻو ڪري کاڌي پيتي جا آهن، جن تي ڳاڙهو چٽ چٽيل آهي. 7 تهه ۾ ڪجهه نفيس قالبي ڳاڙهي ٺڪر جا ٿانو مليا هئا پر ڪاري ۽ خاڪستري رنگ جو ٿانءُ ناپيد هو ۽ هتي به ناپيد آهي، هڪ رنگا روغني ٿانو ملن ٿا، ڪجهه روغني ڪاشي جون سرون به گورنر جي گهر ۽ وهنجڻ واري جاءِ وٽان مليون آهن.

    8 الف تهه مان نفيس ۽ ڳاڙهو ٺڪر مليو آهي، جيڪو وچولي ڪوالٽيءَ جو آهي، پر 8 ب تهه تائين پهچندي اهو پنهنجي نفاست وڃائي ڪجهه کهزو ٿي پيو. هن تهه مان ملندڙ ٺڪر تي ٻيا نقش ته آهن پر جانورن ۽ پکين جا نقش بلڪل ڪو نه ٿا ملن.

    هن دور ۾ ٿانو تي لڳل ڪنا ۽ مٺيا وڏا آهن. ٿانون ۾ کاڌي پيتي جا ٿانو، ڪنا، لوٽا وغيره ملن ٿا. قالبي ٿانون ۾ پاڻيءَ جون ناديون، مٽ خاص آهن، جيڪي هن دور ۾ وافر انداز ملن ٿا، جن جي سطح تي به ابرق ۽ واري جو لپيو ڏنل آهي. روغني ٿانوءَ سٺو ۽ نفيس به ملي ٿو ته کهرو ۽ کريل به آهي.

    سيوهڻ جو قلعو سنڌ ۾ واحد ماڳ آهي، جنهن ۾ اسلامي دور جي ڪنڀارڪي ڪم جي درجي بندي بنا ڪنهن خال جي ملي ٿي. 2 صدي هه يا 8 صدي عيسوي کان 12 صدي هه يا 18 صدي عيسوي تائين جو ڪنڀارڪو ڪم محفوظ آهي. ڪنڀارڪي ڪم جي هڪ تاريخ هتي دفن آهي. هتان ئي پتو پوي ٿو ته هزار سالن ۾ سنڌ جي ڪنڀارڪي ڪم ۾ ڪهڙيون جدتون آيون. ڪهڙي نواڻ آئي، ڪهڙو چٽ ڪهڙي دور ۾ وڌيو ويجهو يا ڪهڙو نمونو ڪهڙي دور ۾ ختم ٿي ويو.

    ان کانسواءِ اسلامي سڄو دور جيڪو برصغير ۾ گذريو آهي، يعني اسلامي دور جي هڪ هزارن سالن جي تاريخ جا خال هتان پر ٿي سگهن ٿا. اسلامي دور جا اٺئي تهه نهايت ڀرپور آهن. ڪٿي به ڪو خال ڪو نه آهي. ٺڪر کانسواءِ سڪا، اڏاوتون ۽ صنعتي اهڃاڻ به هتي موجود آهن. ٿي سگهي ٿو ته سڪندر اعظم جي دور وارو قلعو به هتي ئي ڪنهن ڪنڊ سان هجي، جنهن کي ڳولي سگهجي ٿو. پر حاڪم علي شاهه بخاريءَ جي پڙهيل پيپر موجب:

    (1) هن وقت موجود / ڏسڻ ۾ ايندڙ قلعو سڪندر يوناني جي وقت جو نه آهي.
    (2) قلعي جي هيٺان والار Graeco Bactrain جي آهي ۽ بنهه پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي.
    (3) قلعي جا آثار جيترا زمين جي سطح کان هيٺ آهن، ذري گهٽ اوترائي مٿي به آهن.
    (4) ٻيو مليل قلعو راءِ گهراڻي جي دور جو آهي.
    (5) قلعي واري هنڌ تي آخري آثار ورلي پر ڪلهوڙا دور جا به آهن.

    جيئن ته هن کوٽائي جي ڊائريڪٽر جي رپورٽ اڃا ڪا نه ڇپي آهي، ان لاءِ ڪا حتمي راءِ ڏيڻ کان اڳ ان رپورٽ جو انتظار ڪجي، جنهن کي 10 سال (آخري کوٽائي 2002ع واري مند ۾ ٿي هئي) گذري چڪا آهن.

    هن گڏ شامل: ضميمو الف ۽ ب.

    ڪتابيات:

    (1) آئينِ اڪبري‘: ابوالفضل
    (2) ’تاريخ مبارڪ شاهي‘
    (3) ’مظهر شاهجهاني‘ : يوسف ميرڪ
    (4) ’تحفة الڪرام‘: علي شير قانع
    (5) Excavation of Bhanbhore (Pakistan Archeology)
    (6) Excavation of Mansoorah (Pakistan Archeology)
    (7) Sindh through History and Representations: Edited by: Michel Boivin


    نوٽ: ليکڪ تصويرون کڻڻ لاءِ آڪسفورڊ اداري جو ٿورائتو آهي.


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو