بردو سنڌي گيتن جي بادشاهه جي ورسي جي مناسبت سان
ابراهيم لاشاري (وارهه )
سهڻي سر زمين سنڌ جي مٽي جي خوشبو سموري جهان کي صدين کان وٺي معطر ڪندي نظر آئي آهي هن خطي جي هڳاءُ واري چيڪي مٽي ڪيترن ئي جوڌن جوانن ، علم جي اڪابرن ، عالمن ، اديبن ، دانشورن ، سگهڙن ۽ شاعرن کي پنهنجي سيني تي جنم ڏئي وقت به وقت پنهنجو پنهنجي ڪيل ڪمن ۽ ڪردارن کي عالم ۾ واقف ڪرائڻ ۾ اڄ تائين ڪا ڪمي ناهي ڇڏي اهڙن نيڪ مرد انسان منجهان خدا ڏنو لاشاري کي اها پروڙ نه هي ته منهنجي گهر ۾ جنم وٺندڙ هي ٻار اڳتي هلي سنڌي ادب ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو بردو سنڌي سان مشهور ڪرائي پنهنجي سموري خاندان جو نالو روشن ڪرائيندو خداڏنو لاشاري جيڪو سونهاري سنڌ (مومل جي ماڙي ) واري ديس جي ڳوٺ ماڪن ڪوري تعلقي ميرپور ماٿيلي جو رهواسي هو، هن جي گهر 15 مارچ بهار جي مند سال 1922ع اربع جي ڏينهن صبح باک ڦٽي هڪ شاعران صفت جو نينگر پيدا ٿيو جنهن جو ڇٺي جو نالو (محمد رمضان لاشاري ) رکيو ويو جيڪو اڳتي هلي شاعري جي صنف گيت جو بادشاهه بڻجي عام خلق اڳيان پنهنجي دلڙي جو آواز شعر چئي نروار ڪرايائين . بردو سنڌي جڏهن پڙهائي واري عمر کي رسيو ته والد صاحب اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان هن سنڌي فائنل جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري تعليم پوري ڪري ورتي ، تنهن بعد هي نوجوان مڙس سرڪاري نوڪري جاچڻ جي جستجو ۾ لڳي ويو نيٺ ٿورڙي عرصي ۾ بردو سنڌي آبپاشي کاتي منجهه (آبداري ) جو امتحان پاس ڪري مختيار ڪار آفيس نوابشاهه ( بينظير آباد ) ۾ سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين . بس پوءِ نوڪري سانگي ميرپور ماٿيلي ضلعي گهوٽڪي واري ڳوٺ ماڪن ڪوري کي خيرآباد چئي اچي نوابشاهه هاڻوڪي شهر بينظير آباد کي اچي هميشه لاءِ پنهنجو مسڪن بڻايائين، بردو سنڌي شاگردي واري زماني کان وٺي شعر ٺاهڻ ۽ شعرو شاعري سان گهرو لڳاءَ رکيائين مڱر شعرو شاعري ڪندي ڪندي سندس کي اهو فن سٺو نه پئي لڳو پنهنجي ابتدائي ڪيل شاعري کي ساڙي ختم ڪري ڇڏيائين سندس خيال ۾ شاعري ڪرڻ کي منحوس تصور ڪيائين نيٺ بردو سنڌي کي هڪ بهترين شاعر دوست (نظر سنڌي ) نوابشاهي جي صحبت سال 1954ع ۾ ساڳي رنگ شاعري ڪرڻ تي دل مائل ٿيس پوءِ ته رات ڏينهن هڪ ڪري شعر مٿان شعر گيتن مٿان گيت پيو ٺاهيندو وتندو هو اڳتي هلي (گيتن جو بادشاهه) جي نالي سان خطاب مليس سندس شاعري واري زبان نهايت سادي ۽ ڳوٺاڻي ۽ سواد سان ڀرپور لفظن جي مالها هئي سندس گيتن ۾ محاورا ، تشبيهون نهايت سهڻيون ڏنل آهن جن جي ڳالهه ڇا ڪجي ورلي اهڙو ڏانءَ ڪنهن ڪنهن شاعر کي نصيب ٿيو آهي سندس سرائڪي ۽ سنڌي زبان ۾ سمورو ڪلام گيت ، دوها ، وايون ، نظم ، آزاد نظم ، ڪافيون جي سڀني صفن سان ٽم ٽار لڳو پيو آهي بردو سنڌي (محمد رمضان لاشاري بلوچ ) پنهنجي من جو آواز ڪهڙي نه بهتر نموني پيش ڪري عام خلق کي ٻڌائي ٿو
بردا رهبو مڙس ٿي رهبو ،
حد کان وڌيڪ ڪجهه هاڻ نه سهبو ،
ٿو اڄ وقت پڪاري يار ،
اچو اچو هن پار هلون ، هي ڏونگر ڏاڍ جا ڏاري يار .
بردو سنڌي هڪ نهايت بهترين شاعر ٿي گذريو آهي جنهن پنهنجي چيل ڪلام شاعري وسيلي ڏيهان ڏيهه نالو ڪمايو ،سندس شاعري سنڌي زبان کانسواءِ سرائڪي ۾ پڻ چيل آهي جديد سنڌي شاعري کي نواڻ واري راهه بردي سنڌي گيتن ۾ ڏيکاري پنهنجي ذهن جي ڏانءُ کي نرالي انداز سان پيش ڪري مشهوري ماڻي شاعري جي مڙني صنفن ۾ هن پاڻ ملهائڻ جي ڀرپور ڪوشش ورتي جنهن ۾ نظم، وايون ، گيت ، ڪافيون ، شامل آهن جن جي چوڻ جو بهترين ڏانءَ هيس ، بردي سنڌي جي شاعري جا ٻه ڪتاب ڇپجي سنڌي ادب جي سونهن ۾ هڪ بهترين اضافو پڻ ڪيو ڪتابن ۾ پهريون شاعري جو تخليق (اکڙيون مينگهه ملهار سال 1961ع ) ۽ ٻيو (بوندون بس نه ڪن سال 1988ع ) سنڌ جي هن مانائتي شاعر شعر چوڻ کان سواءِ به سنڌي ادب جي افسانوي ادب ۾ پڻ پاڻ ملهايو هن جا ڪيترائي افسانا ان زماني رسالي مهراڻ ۽ رسالي نئين زندگي جي زينت بڻجي ڇپجندا رهيا افسانن کان علاوه بردي سنڌي جا مضمون پڻ سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا ، سنڌ جي شاعرن ۾ بهترين مقام رکندڙ هن شاعر پنهنجي زباني ۾ ڪيڏو نه وڻندڙ دلفريب گيت چئي پنهنجي من جي آواز جو اظهار ڪيو آ
موٽي مند ملهار اوسائين موٽي مند ملهار ،
ڪوئل ڪوڪي ، مور اڏامي ، ٻري ٻري پئي آس اجهامي ،
اڱڻ مٿي ڪا آسروندي، ويٺي ڇوڙي وار
موٽي مند ملهار او سائين موٽي مند ملهار ،
رت مستاني ، ڦوهه جواني ، آءُ ته گڏجي گهاريون جاني ،
هر هڪ دل مان ڇوليون کائي ڇلڪي پئڙو پيار ،
موٽي مند ملهار او سائين موٽي مند ملهار ،
موسم سهڻي ۽ سرمائي ، کڻي واڌايون ويڙهي آڻي ،
وري نصيبن کي مينهوڳيون ، جيئن ڏينهڙ چار ،
موٽي مند ملهار او سائين موٽي مند ملهار .
سنڌي گيتن جو بادشاهه سڏائيندڙ بردو سنڌي ( محمد رمضان لاشاري) هن جهان جو سموريون ادبي مصروفيتون ڇڏي زندگي جون 66 بهارون 7مهينا ۽ 9 ڏينهن زندگي جا پل گذاري 26 آڪٽوبر سومر ڏينهن سال 1988ع ڌاري وڃي ابدي آرامي ٿيو، هن ڀلوڙ شاعري جي تربت نوابشاهه جي هڪ قبرستان منجهه آهي اڄ سندس جي 29 ورسي پڻ ملهائي ويندي .
محمد ابراهيم لاشاري