انسپيڪشن

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    جڏهن به اسڪولن جي انسپيڪشن ٿيندي هئي ته اسان جا لائق استاد جيڪي انسپيڪٽر ٿي ايندا هئا سي ڪلاس ۾ خصوصًا انگلش جي مضمون ۾ عجيب به وغريب گرامر جا سوال پڇندا هئا. ان مان سندن کي ٻارن کان علاوه استادن جي قابليت جو اندازو ٿيندو هو. ٻار نه ٿو ٻڌائي ته چوندا هئا، استاد صاحب اوهان ٻارن کي سمجهائيندا........ استاد هٻڪيو هڪدم معاملي کي کڻي وٺندا هئا پر ڪلاس ۾ ڪڏهن به استاد جي سبڪي ٿيڻ نه ڏيندا هئا. اهڙي هڪ انسپيڪشن ۾ ٻارن کان سوال ڪيو ويو ته........ ڪلاس اٺون ٽيچر شبير احمد قريشي سن 72.........
    Translate in to the English.
    1.گهوڙي کي پاڻي پيار.
    2.واچ کي چاٻي ڏي.
    3. پوء ڇا؟
    شاگردن ڌُڪا هنيا، ياد رهي ته ان وقت ۾ واچن ۾ اسپرنگ لڳل هئا جن کي ويڙهي چاٻي ڏبي هئي.
    هاڻي وارو آيو منهنجو.. [​IMG]
    استاد صاحب توهان ٻڌايو.....
    منهنجا پگهر بيهن ئي ڪونه.....
    انسپيڪٽر صاحب دادو ۾ منهجو استاد محترم رهي چڪو هو، مولا سمجهه ڏني... دل ٻڌي چيم.. سائين اوهان جي ھوندي مان درست سمجھا ئي نه سگهندس، اوهان هميشه منهنجي رهنمائي ڪئي آهي.
    ان کان وڌيڪ سياسي جواب منهنجي سمجهه ۾ نه آيو.
    سائين سمجهي ويو ۽ ڪمال شفقت سان ڪلاس کي ٻڌائڻ لڳو.
    Watering اسم حاليه آهي
    جنهن جو فعل امر ٿيو water.
    ان ڪري چئبو
    Water the horse.
    وائينڊ معني ويڙهڻ ۽ ان وائينڊ معني کولڻ......... جينئن ته اسين اسپرنگ ويڙهيون ٿا ته واچ کي چاٻي ڏي جي انگلش ٿيندي.
    Wind the watch.
    اهڙي طرح ڪن شاگردن" پوء ڇا" لاءِ then what لکيو ،ان جي تصحیح ڪري ٻڌايائين ته........ So what درست آهي.
    ان انسپيڪشن کان پوءِ مون تحيو ڪيو ته سنجيدگي سان انگريزي سکي، انسپيڪٽرن اڳيان شرمندہ نہ ٿبو.
    سائين مرحوم لال بخش کوکر جو بعد ۾ بيورو آف ڪريڪيولم ۾ آفيسر ٿيو. تنهن مونکي چار آنن جي ڪاپي تي سوالن جا سڀ سيريز لکي ڏنا، جهڙوڪ what,how many, who, whose, why, where وغيره ۽ عام استعمال جا روزمرہ جا جملا لکي ڏنا ۽ مشق ڪرايائين ايتري قدر جو انگريزي منهنجي دلچسپي جو محور بڻجي وئي. استاد مرحوم نصراللہ قريشي منهجو گائيڊ رهيو. دلچسپ محنتي استاد هئا، DrMuhammad Aslam Kamboh بنيادي طور تي سائنس جو استاد هئو پر سندس انگريزي سان گهڻو شغف هئو، مون کي ياد آهي ته استاد ڪريم بخش بڙدي آيل هجي بحث پئي هليو ته گهڻو کائڻ بري عادت آهي، سائين اسلم چيو........ Over eating is a bad habit.
    بڙدي صاحب چيو
    Eating much is bad habit.
    منهنجو جملو هو.
    To become gutto is bad habit.
    آخر ڪار سائين اسلم ڪمبوه صاحب جو جملو منظور ڪيو ويو.
    صحت مند تعليمي بحث ٿيندا هئا، پنهنجن شفيق استادن کان علاوه هڪ ٻئي کان به گهڻو سکندا هئاسين. اهڙن استادن نالو ۽ عزت ڪمائي، شال سدا سکي هجن. هن وقت به ڪافي بهترين استاد آهن جن استادي پيشي جو ڀرم رکيو آهي. مان اهڙا روز مرہ جي استعمال ٿيندڙ جملا پنهنجي گروپ let's learn English تي رکان ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو