• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : ڏاڍا ناز سڄڻ ڏيکارين ٿو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر



دل جو دلبر هيڪڙو سڄڻ گھڻا تان نه ڪجن،
دل ڏجي ڪنهن هڪ کي، توڻي سؤ پيا سِڪن،
اُهي چلولا چئجن سڄڻ، جيڪي در در رلائن دوستو.

ڏاڍا ناز سڄڻ ڏيکارين ٿو ،
مونکي ماڻا ڪري ڇو مارين ٿو؟


ڪي ته اوڏا پڻ ڏور، ڪي ڏور ابه اوڏان سُپرين،
ڪي سنڀرجن نه ڪڏهين، ڪي ته وسرن نه مور،
جيئن مينهن ڪُنڍيءَ جا پُور، تيئن دوست وراڪا دل ۾..

جيڏانهن ڪيڏانهن کڻيون اکيون،
هاڻي محبت واريون مارين ٿو،
مونکي ماڻا ڪري ڇو مارين ٿو.!

جانب منهنجا جاني، توکي ائين نه جُڳائي جيئن مارين موٽي نه پُڇين،
جتي رکي رت نه سنجري سڪ تنهنجي ساءِ
هاڻ اسان ته توهين لاءِ سڄڻ پئي پر ۾ پڇائون ڪيون.

تات جنين کي طلب تنهنجي،
سو وريو ڪيئن وسارين ٿو؟
مونکي ماڻا ڪري ڇو مارين ٿو؟


ڪافي : سيد مصري شاھ
آواز : استاد محمد ابراهيم



 
Back
Top