ٻول : ڏاڍا ناز سڄڻ ڏيکارين ٿو

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏27 آڪٽوبر 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي



    دل جو دلبر هيڪڙو سڄڻ گھڻا تان نه ڪجن،
    دل ڏجي ڪنهن هڪ کي، توڻي سؤ پيا سِڪن،
    اُهي چلولا چئجن سڄڻ، جيڪي در در رلائن دوستو.

    ڏاڍا ناز سڄڻ ڏيکارين ٿو ،
    مونکي ماڻا ڪري ڇو مارين ٿو؟


    ڪي ته اوڏا پڻ ڏور، ڪي ڏور ابه اوڏان سُپرين،
    ڪي سنڀرجن نه ڪڏهين، ڪي ته وسرن نه مور،
    جيئن مينهن ڪُنڍيءَ جا پُور، تيئن دوست وراڪا دل ۾..

    جيڏانهن ڪيڏانهن کڻيون اکيون،
    هاڻي محبت واريون مارين ٿو،
    مونکي ماڻا ڪري ڇو مارين ٿو.!

    جانب منهنجا جاني، توکي ائين نه جُڳائي جيئن مارين موٽي نه پُڇين،
    جتي رکي رت نه سنجري سڪ تنهنجي ساءِ
    هاڻ اسان ته توهين لاءِ سڄڻ پئي پر ۾ پڇائون ڪيون.

    تات جنين کي طلب تنهنجي،
    سو وريو ڪيئن وسارين ٿو؟
    مونکي ماڻا ڪري ڇو مارين ٿو؟


    ڪافي : سيد مصري شاھ
    آواز : استاد محمد ابراهيم



     
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هن ۾ نالي واري مصرح جو اظافو آهي :



     

هن صفحي کي مشهور ڪريو