حوصلا بيهي رهيا همٿن جي آسري

حوصلا بيهي رهيا همٿن جي آسري

لفظ ها ڪا سٽ نه هئي

گول چڪر ۾ هو چڪر

جي لکيا احساس ها

سي وبا سمجهي روڪيا ويا

هو اڪيلي رڃ جهڙي

ايندي ڇا ارمان ۾

منهنجي هن غمان ۾

ڇو ٽٽي ئي ڪين ٿو

اميد جو آسرو

ڀل ڳاڙهو رنگ آهي هن جو

هو صدا ڌرتي جي

منهنجي من ورتي جي

آءُ توسان اوريا

ڪا صدا صدين جي آ

توتي هي ارمان پورا

جي ڪيا ن پو ڪو مران

هي امر ٿي آس منهنجي

ڌرتي سنڌ ٿي آجي منهنجي

هي نه ڪا عام آ، هي نه آ هي رواجي

آءُ توکي مان ٻڌايان

آءُ توکي سيني لايان

تون ئي ته منهنجي مرڪ آن

تون ئي ته منهنجي سرڪ آن

آءُ هليو پيرن پٻن تي

هٿ ۾ درنالي تنهنجي

ڪر ٺڪاءُ ...ڪو گوگاءُ

ڳيرو نه مار عقل ڌار

هو جي آئي حل آ

ڳجه جهڙو ڏائڻ پکي

مار تنهن کي ڪين ڇڏ

هي کائي ٿي ڍونڍ هڏ

هي موزي منهنجي وطن ۾

ڪين گهرجي ڪين گهرجي ...

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top