زيتون ميوي جا فائدا

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    زيتون قدرت جي نعمتن وارو مٺو ميوو

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    سر زمين سنڌ کي الله پاڪ سمورين نعمتن سان مالا مال بڻايو آهي هن سرزمين جي نباتات تي نطر وجهبي ته هزارين قسمن جي ٻوٽن ميون گلن سان ڍڪيل نطر ايندي اهڙن ميون منجهان زيتون جو خوشبودار لاجواب ميوو آهي جنهن کي سڄي دنيا ۾ وڏي شوق سان کاڌو وڃي ٿو زيتون کي انگريزي زبان ۾ گئاوا ۽ اردو زبان ۾ وري امرود سڏيندا آهن زيتون جو اصل وطن فلسطين آهي ٽراپيڪل يا گرم آمريڪا جا ميڪسيڪو پيرو وارا علائقا آهن جتان بعد ۾ مختلف ملڪن ۽ علائقن جهڙوڪ برازيل اسپن الجيريا آسٽريليا يونان اٽلي يورپ ڪليفورنيا افغانستان پاڪستان ڪوهه هماليه بلوچستان ۽ سنڌ ۾ اچي پهتو جتي زمين ۽ آبهوا سٺي موافقت مطابق وڌندو رهيو تنهن بعد پاڪستان جي مختلف ڪيترن ئي شهرن ۾ هن ميوي جون مختلف جنسون پوکجڻ لڳيون ۽ ڪاميابي سان پوک ٿي خاص طور تي زيتون پاڪستان جي علائقن ۾ بنون قلات ڊيرا اسماعيل خان فيصل آباد ۽ صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻي سکر خيرپور ميرس حيدرآباد نوشهري جي زمين ۾ ڪاميابي سان عام جام ٿئي ٿو هي هڪ وڏو وڻ آهي هن جي بلندي 25 فوٽ ٿيندي آهي هي وڻ جبلن صحرائن ۽ باغن ۾ ٿيندو آهي هن وڻ جي عمر چاليهه يا پنجاه سال پڻ ٿيندي آهي زيتون جو وڻ سال ۾ ٻه دفعا سياري ۽ اونهاري ۾ ڦر ڏيندو آهي پاڪستان جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ موسم آبهوا ۽ سٺي زمين جي ڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ زيتون وڏي پيماني تي ڪاميابي سان ٿئي ٿو زيتون جو ميوو عام طور تي ٻن شڪلين جو هوندو آهي هڪ گول جنهن کي ( پومي فارم ) ۽ ٻيو صاحي يا گهگهي نما جنهن کي وري ( پائري فارم ) چيو ويندو آهي زيتون جو وڻ ٻن کان ٽن سالن ڦر جهليندو آهي سنڌ ۾ خاص طور تي جي لاڙڪاڻي ۽ ان جي ڀر وارين زمين باغن ۾ جيڪو زيتون ٿئي ٿو ان کي گهگهي چيو وڃي ٿو جيڪو کائڻ ۾ وڌيڪ ذائقيدار مٺا لذيذ لاجواب ٿين ٿا هن کي لوڪل سنڌي لاڙڪانه سڏجي ٿو لاڙڪاڻي ضلعي جي نئون ديرو ماهوٽا ڦل وڏا آگاڻي وارن علائقن ۾ جهجهي انداز ۾ پوک ٿئي ٿي هنن علائقن جا زيتون پاڪستان کان سواءِ ٻاهر ملڪن جي مارڪيٽن ڏانهن به موڪليا وڃن ٿا زيتون جي پوک لاءَ گرمي جي ضرورت هوندي آهي پر وچولي ۽ گرم قسم جي آبهوا ۾ به هي فصل پوکي سگهجي ٿو زيتون کائڻ لاءَ گرمين کان وڌيڪ سياري جي م ۾ پسند ڪيا ويندا آهن زيتون ۾ قدرتي وٽان سان ڀرپور هوندو آهي سندس وٽامن (سي ) جهجي مقدار ۾ هوندي اٿس انکان علاوه زيتونن۾ لوهه فاسفورس ڪئلشيم پيڪٽن ڪلورين سوڊيم ميگنيز ڪوبالٽ گندڪ وتامن ڊي ۽ وٽامن اي معدنيات سان ڀريو پيو هوندا آهن ناقص غذا ۽ خوراڪي جزن جي کوٽ هئڻ ڪري انساني جسم ۾ ڪيتريون بيماريون پيدا ٿين ٿيون پر زيتون جي استعمال سان انهن بيمارين تي ڪافي ضابطو آڻي سگجهي ٿو ان ڪري زيتون ڪيترين ئي بيمارين ۾ دوا طور ڪم اچي ٿو زيتون جي کل ۽ ان جا پن ڏاڍا ڪارائتا آهن جو هن جي استعمال ڪرڻ سان دل جي ڪمزوري لاءِ زيتون انتهائي فائدي مند آهي هي دل کي طاقت ۽ سڪون بخشيندو آهي جن ماڻهن کي دل جي گهٻراٽ ۽ بيچيني هجڻ جي شڪايت هجي ته انهن لاءِ زيتون ئي بهترين فائدي مند غذا آهي هي دل جي ڌڙڪن ۾ توازن پيدا ڪندو آهي اضافي فائبر ۽ ڪولسٽرول کي پڻ گهٽائي ٿوزيتون ۾ دل جي دوري ۽ رڳن کي سوڙهي ٿيڻ کان هرگز بچائيندو آهي زيتون معدي کي طاقت ۽ السر ٿيڻ کان به بچائيندو آهي زيتون آنڊن جي خشڪي بواسير بيماري کان پڻ بچائيندو آهي دائمي قبضي جا مريض جيڪڏهن ٽي چار زيون جو ميوو کائن ته قبضي سندن ختم ٿئي ويندي زيتون ڳلي ۽ ساهه کڻڻ ۾ واين نالين ۽ دم ۾ پڻ زيتون فائديمند آهي انکانسواءِ ڪاري کنگه لاءِ به هڪ تڪ علاج طور ڪم اچي ٿو ٻيو ته گرمي پيدا ڪري ٿو ٿڪاوٽ کي پڻ ختم ڪندو آهي زيتون نزله زڪام آواز ويهي وڃڻ خارش ڦٽن ڦرڙين ۾ نهايت مفيد ۽ ڪارائتو پڻ آهي زيتون جو باغ بهار ۽ سانوڻ يا سرءَ مند ۾ پوکڻ گهرجي ڏاکڻي سنڌ جي حصي ۾ موسم معتدل ٿئي ٿي تنهنڪري صرف سخت سيءٌ وارن مهينن ۽ گرم لوءِ وارن ڏينهن کان علاوه سڄو سال پوکي سگهجي ٿو زيتون جو جنسون مختلف علائقن ۾ مختلف جنسون ڪامياب آهن لاڙڪاڻي ضلعي جون مشهور جنسون

    ريالي هن جنس جو وڻ وچولي قد جو ٿيندو آهي ان جا پن ننڍا سوڙها وچولو ڇٽو هڻدڙ ميووگهگهي نموني کل نرم لسي رنگ هلڪو پيلو وزن 5و کان 150 گرام مندائتو فصل وڌيڪ ميوو ڏيندو آهي پيدائش 5کان 7 مڻ في وڻ ميوو ڏيندو آهي هن جنس ريالي جو مارڪيٽ ۾ اگهه به ڀلو ملندو آهي

    مقامي سنڌي جنس هن کي لوڪل سنڌي لاڙڪاڻو به سڏين ٿا هن جنس جو وڻ ريالي ۽ ٿڌارامي جنس کان قد ۾ ڊگهو ٿئي ٿو ۽ هن جو ڦهلاءَ ۽ ڇٽو به وڌيڪ آهي هن جنس زيتون جو وڻ جا پن ننڍا سنها ۽ وچ تي ويڪرا ٿيندا آهن ۽ آخر ۾ وري پڻ سوڙهو ٿيندو آهي ۽ وڻ ۾ ٽارين جو تعداد پڻ گهٽ هوندو اٿس شاخن ۾ ميوو جدا جدا جهليندو آهي زيتون جي شڪل ۾ دلي ِا گهگهي نموني يعني هيٺان ٿوله ۾ ويڪر ۽ مٿي ڳچي يا پونڊ ۾ سوڙهو هوندو آهي ميوي جو وزن 50 کان 100گرام هوندو اٿس ۽ کائڻ ۾ مٺو ۽ ذائقيدار هوندو آهي ڳر ۾ ٻچ گهڻو هوندو اٿس کل جو رنگ سائي کان پيلو مٿاڇرو لسو هوندو اٿس پيدائش ۾ 4کان 5 مڻ في وڻ ميوو ڏيندو آهي هي لاڙڪاڻي جي ڪامياب جنس پڻ تصور ڪئي ويندي آهي هن جنس جو ملهه به مارڪيٽ ۾ زبردست ملندو آهي

    ٿڌارامي جنس هن جنس جو وڻ ٻين سڀني کان وڌيڪ گهاٽو ڇٽو هڻندو آهي پن ڊگها ۽ ويڪرا چوٽي ۾ سوڙها ٿيندا اٿس هي جنس ميوو جهڳٽن ۽ ٽارين ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي ميوا جهليندي آهي هن جو ميو به 400گرام تائين وزني ٿيندو آهي شڪل ۾ سخت رنگ ۾ گهرو سائو ۽ ذائقي ۾ وري کٽو ٿيندو آهي حفاظت جي وڏي سگهه اٿس ٻنهي مند سياري سانون ۾ فصل هڪجهڙو لهندو اٿس ۽ مارڪيٽ ۾ اگهه گهٽ ملندو اٿس پيدائش 3کان 5 مڻ في وڻ لهندو آهي هن کان علاوه ڪراچي حيدرآباد سکر ۽ خيرپور ڊويزنن ۾ ٻيون جنسون جهڙوڪ مالٽو گولو شملو ۽ ميهو ڪريلو سفيدو چتريدار رمضاني الهه آبادي فيصل آبادي ۽ بنا ٻج واريون جنسون پوکيون وڃن ٿيون زيتون جا وڻ ٽن سالن کنپوءِ ميوو جهلڻ شروع ڪن ٿا ۽ ٽيهن کان چاليهن سالن تائين ميوو ڏيندا رهندا آهن جنهن کان پوءَ عمر ختم ٿئي ويندي اٿن زيتون هڪ خوشبودار ۽ وڻندڙ ميو آهي جنهن کي سڄي دنيا ۾ شوق سان کاڌو وڃي ٿو ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو