نازڪ نيڻ سڄڻ جا، نازڪ مَٿن نقاب، جي کُلن هُو خُماريا، نه نرگس نه سهن تاب، جي چڙهن ڪوس قهر ۾، ته جڳن کي جواب، جي اچن مهر معافيءَ تي، ته ڇا جا ڏوھ ثواب؟، جي نهارن ناز ڪري، ته نوڙيو پون نواب، اهڙو حسن حجاب، آهي منجھن اعجاز چوي. ** هئين نه ڪر محبوب تون هيڏا حجابڙا.! نينهن نٿو منهنجو سَهي نيڻين نقابڙا! دل ٿي چوي دلدار تنهنجو رُخ وري پسان، نام مولا! نروار ٿِي هي مڃ محبڙا! گڏ نه گُلابي نيڻ ٻئي گھونگھٽ گھُنڊ کڻي، ڪهڙا ڪرين ٿو مُئن کي آڙنگ عَتابڙا! هِي جيرا جگر جاني جند جان تُنهنجي آ، ماسُ هَڏ ڪوري ڪَپي ڪرِ قيمان ڪبابڙا! اعجاز چئي آئون آهيان گھايل ته تو سَندو، مِل ته مڙئي غم لَهن مٺڙا مَهتابڙا! آواز : سيد وزير علي شاھ ٻول : پير اعجاز راشدي