ٻول : هئين نه ڪر محبوب تون هيڏا حجابڙا

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي


    نازڪ نيڻ سڄڻ جا، نازڪ مَٿن نقاب،
    جي کُلن هُو خُماريا، نه نرگس نه سهن تاب،
    جي چڙهن ڪوس قهر ۾، ته جڳن کي جواب،
    جي اچن مهر معافيءَ تي، ته ڇا جا ڏوھ ثواب؟،
    جي نهارن ناز ڪري، ته نوڙيو پون نواب،
    اهڙو حسن حجاب، آهي منجھن اعجاز چوي.


    **
    هئين نه ڪر محبوب تون هيڏا حجابڙا.!
    نينهن نٿو منهنجو سَهي نيڻين نقابڙا!

    دل ٿي چوي دلدار تنهنجو رُخ وري پسان،
    نام مولا! نروار ٿِي هي مڃ محبڙا!

    گڏ نه گُلابي نيڻ ٻئي گھونگھٽ گھُنڊ کڻي،
    ڪهڙا ڪرين ٿو مُئن کي آڙنگ عَتابڙا!

    هِي جيرا جگر جاني جند جان تُنهنجي آ،
    ماسُ هَڏ ڪوري ڪَپي ڪرِ قيمان ڪبابڙا!

    اعجاز چئي آئون آهيان گھايل ته تو سَندو،
    مِل ته مڙئي غم لَهن مٺڙا مَهتابڙا!




    آواز : سيد وزير علي شاھ
    ٻول : پير اعجاز راشدي

     
    معشوق جمالي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو