پاليل ڪتو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ احمد محمدي طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2017۔

  1. احمد محمدي

    احمد محمدي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آڪٽوبر 2017
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    اتر سنڌ
    (()پاليل ڪتو())
    ھڪ ھمراھ جي شادي ٿئي ڪافي سال گذري ويا پر اولاد جي نعمت کان محروم رھيو آخرڪار زال ۽ مڙس اڪيلائپ کي دور ڪر
    ڻ ۽ پنھنجي دل وندرائڻ لاءِ گھر ۾ ھڪ ڪتو پاليو ٿوري ئي عرصي ۾ ھنن جو ان ڪتي ڏي تمام گھڻو توجھ ۽ دلي لڳاءُ ٿي ويو وقت گذرندو رھيو آخر ڪجھ سالن کان بعد ۾ الله تعالي ھنن کي پٽ عطا ڪيو ھاڻي ھنن جي گهر ۾ ھڪ چنڊ جھڙي خوبصورت پٽ جي موجودگيءَ ۾ ھنن ٻنھي جو ان ڪتي جي طرفان آھسته آھسته توجھ گھٽجندو ويو
    ھڪ ڏيھن ھو پنھنجي پٽ کي پنھنجي گهر ۾ ستل ڇڏي پاڻ گھمڻ فرڻ لاءِ پنھنجي حويلي جي باغ ۾ تفريح لاءِ نڪري ويا ڳالھائڻ دوران ھنن کي باغ ۾ ڪافي دير ٿي
    [​IMG]وئي جڏھن گهر ڏانھن واپس وريا ته ڪتي کي دروازي تي رت ۾ شل بيٺل ڏٺائون جنهن جو وات ۽ منھن خون سان آلوده لڳو پيو ھيو ڪتي جي اھاحالت ڏسي ٻار جو پيءُ يقدم جذبات ۾ اچي ويو ۽ بندوق کڻي فائر ڪري فورن ڪتي کي ماري ڍير ڪري پاڻ جلدي ڪمري جي اندر آيو جتي ٻار کي ستل ڇڏي ويا ھئا اتي پھتو ڏٺائين ته ڪمري جي اندر ھڪ تمام وڏو نانگ مئل پيو آھي جنھن جي منڍي ڪٽيل ھئي ۽ سڄو رتورت لڳو پيو ھيو جنھن کي ان ڪتي ٻار جي حفاظت ڪندي ماريو ھو پوءِ ته پنھنجي ڪيل ڪم تي تمام گھڻو شرمندو ٿيو ۽ ھڪ وفادار ڪتي سان بي وفائي ڪري ويٺو ڪاش جيڪڏھن پنھنجي جذبات تي ٿورو ڪابو اچي ھا ته شايد ايئن نه ٿئي ھا

    نوٽ: ھن سموري قصي مان اسان کي اھو سبق ملي ٿو ته اسان پنھنجي جذبات کي قابو رکون ۽ اسان ڪنھن به ڪم ۾ جلد بازي ڪڏھن به ڪين ڪريون ڇو ته جذبات ۾ ڪيل فيصلا اڪثر غلط ئي ثابت ٿيندا آھن پوءِ انھن جو پڇتاءُ ھميشه رھجي ويندو آھي جيڪو يا ته ناسور بڻجي ھميشه زندگي زھر ڪري ڇڌيندو آھي يا ته وري پنھنجو جيئڻ جوکائتو ڪري ڇڏيندو آھي
    ترجمہ ترتیب ۽ اضافو

    (احمد محمدي)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو