کيمن يو مولاڻي : سنڌ هند جو مسڪرائيندڙ هيرو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    کيمن يو مولاڻي : سنڌ هند جو مسڪرائيندڙ هيرو

    ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي

    ڪيترا درد پي رهيا آهيون
    ته به زماني ۾ جي رهيا آهيون.

    سنڌي ادبي مالها ۾ انيڪ ماڻڪ موتي جواهر لعل پنا پرويل آهن جن جي چمڪ ڌمڪ ۽ سونهن ادبي آئيني ۾ هرڪو پنهنجي پنهنجي نظريي سان ٿو پرکي سنڌي ساهتڪ کيتر جي اهڙن ادبي هيرن ۾ هڪ مسڪرائيندڙ هيرو، بنيادي طور شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، سمپادڪ، ٻال ساهتيه رچيندڙ ۽ ترجمان کيمن يو مولاڻي جو جنم 10 جون 1944 ۾ سنڌ جي ڳوٺ درس تعلقو مورو ضلعو نوابشاه ( هاڻي نوشهرو فيروز) ۾ شري اُڏيرنومل جي گهر ۾ ٿيو. ورهاڱي بعد بئراڳڙه ڀوپال ۾ اسڪولي تعليم پرائڻ بعد سرڪاري نوڪري ڪندي سپرنٽينڊنٽ جو عهدو ماڻيندي رٽائر ڪيائين اسڪولي جيون کان ئي هن کي سنڌي ٻولي ساهتيه ۽ سنڌيت سان پيار، محبت هئي ۽ آهي.
    ساهتيه کيتر ۾ هن جا پهريون قدم 1960 کان هليو سندس پهرين ڪوتا "زردار " سري سان بئراڳڙهه جي هاير سيڪنڊري اسڪول جي مخزن ۾ شايح ٿي. 1960 کان هن جي قلم جو گهوڙو هليو سو اڄ ڏينهن بنا رڪاوٽ ۽ بنا ٿڪ سندس قلم تيز رفتار سان هلندو پيو رهي.
    سندس ڪيترائي شاعريء جا مجموعا سندس 200 کان مٿي ترجمو ڪيل ۽ اصلوڪيون ڪهاڻيون ڇپيل آهن. هنديء مان سنڌي، سنڌي مان هندي ڪهاڻيون ناول مضمون جا ڪتاب ترجمان ڪيا خاص هن جيڪو مڌيه پرديش راشٽريه ڀاشا پرچار سمتي ڀوپال طرفان ساميء جي سلوڪن جو هنديء ترجمو ڪيو سو ڪم ت سندس واقعي ۾ قابلي تريف اهي. جنهن ڪم جي سنمان ۾ کيس مڌيه پرديش جي گورنر هٿان انعام ڏيارايو ويو. کيمن مولاڻي نئشنل فرينڊس ڪلب بئراڳڙه جي سالياني مخزن "رم جهم" جا پنج پرچا شايح ڪرايا. ۽ مڌيه پرديش سنڌي ساهتيه جي "سنڌو مشعال" ۽ " سنڌو ٻال مشعال" نالي سالياني رسالن جو پڻ سمپادڪ ٿي رهيو.
    هندستان جي اها ڪا مخزن رسالو يا پرچو نه اهي جنهن ۾ هن جي ڪا نه ڪا رچنا شايح ٿيل نه هجي نه فقط هند ۾ پر سنڌ ۾ پڻ هن جون ڪيتريون رچنائون وقت ب وقت شايع ٿينديون رهن ٿيون سنڌ هند ۾ هن جي لکڻي کي مقبوليت حاصل آهي. آڪاشواڻي ڀوپال ۽ ايڪسٽرئل سروسزآف آل انڊيا ريڊيو جو تسليم ٿيل شاعر ۽ ڪهاڻيڪار سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون سالن کان نشر ٿينديون رهيون آهن.
    کيمن مولاڻي گهڻو ڪري شاعريء جي هرهڪ قسم تي قلم هلايو اهي سندس ڪيترائي دوها، بيت، غزل، وائي، نظم، نثري نظم ٽيڙو ۽ ٻيا پڻ. ڏسو سندس وائي جو هڪ مثال جنهن ۾ شاعر پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ لاء ڪيتري سڪ ساه سانڍي ويٺو اهي هوء پنهنجي مٺڙي امڙ کي ياد ڪندي چوي ٿو:

    سنڌو نديء جي لهر لهر ۾
    آهن گجگوڙن تک تاءُ

    ڪنهن ڌارئي جي هرگز ڪونهي
    سنڌڙي تنهنجي منهنجي ماءُ

    شاعر سنڌ سان سڪ سانڍي ويٺو اهي. انجي جدائي ۽ وڇوڙي جي تصوير جا چٽ سندس ڪيترين ئي ڪوتائون ۾ ٽڙيل پکڙيل ملندا ساڳئي وقت هي جت رهي ٿو تنهن لاء وطن لاء ب کيس محبت اهي جو ڀارتواسين لاء دعا ڪري ٿو . سندس هڪ پنجڪڙي جو مثال ڏسو

    وطن شل رهي سدا آزاد
    وسائي ڌڻي مهر جو مينهن
    وڌي ڀارتواسين ۾ نينهن
    مٽي سڀ جهڳڙو وير فساد
    وطن شل رهي سدا آزاد

    شاعر فرمائي ٿو من روپي درياهه ۾ خيالن روپي لکين لهرون آهن. من جو انت ڪنهن نه لڌو شاعر ڪهڙي نه خوبصورت انداز من جي درياهه سان ۽ خيالن جي لهرون سان علامتي
    اشاري ۾ چند لفظن ۾ ڪيتري وڏي ڳاله چوي ٿو.

    سندس "ٽيڙو" جو هڪ مثال

    من ڄڻ ڪو درياهُه
    خيالن جون لهرون لکين
    ڪنهن ن لڌو آٿاهه

    شاعر اڄڪله جي نيتائن تي طنز ڪندي ٽي وي جي غلط خبرن تان به ڏسو ڪيئن پردو هٽائي وٺي ٿو.

    "ٽيڙو" جو هڪ ٻيو مٿال ڏسو.

    نيتا جو اعلان
    جيئن ٽي ويء تي ٿو هجي
    بارش جو انومانُ


    کيمن مولاڻي جي دوهن ۾ وشين جي گوناگنيت آهي.
    پنهنجن دوهن ذريعي شاعر ٻن سٽن ۾ گهڻو چئي وٺي ٿو.
    اي بندا مالڪ کي ڳولهڻ لاء هت هت اجايو نه ڀٽڪ خود تو ۾ خدا اهي بس فقط پنهنجي من اندر جهاتي پائي ته ڏس

    ڏسو سندس دوهي جا ٻ مثال

    تون جنهن کي ڳولهين اُهو , تو ۾ آهي رام
    ناحق ٿو در در رُلي , ننڊون ڪرين حرام

    ڪڻ ڪڻ ۾ سائين وسي , پنهنجو جهوليلال
    پسون پکڻ هر جيو جو , راکو آ رکپال

    موضوعن جي گوناگنيت سندس شاعريءَ جي خاصيت آهي.
    شاعري ۾ الڳ نئون قافيو رديف جو اسعتمال ڪندي ماترائون جو پڻ خيال رکيو اهي .

    ٻال ساهتيه تي لکڻ ڪو سولو نه آهي ڪيترن ئي ساهتڪارن کي اهو ڀرم اهي ته ٻال ساهتيه تي لکڻ ته تمام سولو آهي پر نه جيترو وڏن لاء ساهتيه لکڻ لاء پنهنجي قلم جي نوڪ هلائڻ لاء سنگهرش ڪرڻي پوي ٿي ڪنهن به رچنا لکڻ لاء هڪ هڪ لفظ جي چونڊ ڪرڻي پوي ٿي ۽ چونڊ ڪا سولي نه اهي تيئن ٻال ساهتيه لکڻ لاء ٻارن لفظن جي چونڊ ڪرڻ به ڏکيو ڪم اهي هت ٻال ساهتيه لکڻ لاء ليکڪ سامهون ٻه مقصد اڳيان رکي ٿو هڪ ٻار مڇ جو وار ٻار جڏهن ته اهو ب سچ اهي ٻار ائينده جا ابا
    ننڍڙن اهڙن نازڪ مکڙين لاء ساهتيه لکڻ تهائين مشڪل ڪاريه اهي انهن گلن جي مهڪ جو وڪاس ڪرڻ لاء صحيح اثردار ۽ ڳجهي سکيا سان ٻارن جي دل جيتڻي پوي ٿي ليکڪ کي اهو لکڻو اهي جيڪو ٻارن جي نازڪ دل تي ٺيس نه پهچي ڇو ته ٻار گلن جا روپ ٿيندا جن گلن جي نازڪ هرديه جي خوشبوء جون نرم پنکڙيون جو احساس ليکڪ کي رکڻو آهي. ان لاء لفظ جي اُڻت جو پورو پورو خيال رکڻو پوي ٿو
    ٻال ساهتيه رچيندڙ ليکڪ جڏهن اندر ۾ ٻار جي روپ کي من ۾ ويهاري ٿو تڏهن ئي ٻال ساهتيه سرجن ڪري سگهي ٿو.

    کيمن مولاڻيء جو رچيل ٻال ساهتيه ۾ وندر , سٺا سنسڪار ۽ سکيا سان گڏ ٻولي ڀاشا شئلي جو اسعتمال بهترين ڍنگ سان ٿيل اهي.
    جنهن لاء مولاڻي جي ٻال ڪوتا جو هڪ مثال پيش اهي
    ٻارن کي سيکاريو ويندو اهي اُٿڻ سان اول ڌڻيء جو نالو ڳڻجي شاعر مالڪ جي پراٿنا ڪندي ٻارن ۾ ماتا پتا لاء سهڻن سٺن سنسڪارن جو ٻج اجهو هئين ٿو ڇٽڪي
    پراٿنا ۾ چوي ٿو


    "ماتا پتا وڏڙن جي آگيا ,
    روز نماڻو ٿي ت مڃان
    چڱي راهه تي سدا هلان "

    ته قدرتي نظارن طرف شاعر هيئن مائل ڪندي ڪڪر بادل چنڊ سج وڻ ٽڻ اڀ بارش گرمي سردي جو احساس به ڏياري ٿو ته وڻ کي علامتي ادا سان وڻن جي ڀيٽ ماڻهون سان ڪري ٿو ڏسو مثال

    لوڪ ڀلي جي خاطر پنهنجي
    ساري عمر وڃائن وڻ ٽڻ

    اگر هڻي ڪو کين پٿر جي
    اُن ڏي ڦل اُڇلائن وڻ ٽڻ

    ته ٻارن ۾ ديش ڀڳتي جي ڀاونا اوتيندي گانڌيء جي سادگي , شان , اهنسا , راشٽريه باپوُ هريجن جو گانڌي
    ننڍڙن ٻالڪن کي ڀيد ڀاو کان پري رکندي مهاتما گانڌيء جا گڻ ڳائيندي پريم امن جي سکيا ڏئي ٿو
    پيش اهي سندس ڪوتا

    سچ جي شڪتي ويو پَسائي
    راهہ نئين اهنسا اپنائي
    سِوديشيءَ جو ناد وڄائي
    ملڪ مٿان ٿي ويو قربانُ
    گانڌي هو ڀارت جو شانُ.

    چوندا ٻار گلن جا روپ ٿيندا جن گلن جي نازڪ هرديه جي خوشبوء جون نرم پنکڙيون جو احساس پاٺڪن کي به ٿيندو
    ڏسون سندس هي ڪوتا

    کيمن مولاڻي موسيقي جو شونق چاه سندس رڳ رڳ ۾ سمايل اهي جو وقت به وقت چپن ۾ گنگنائيندو رهندو اهي خاص ڀڳت ڪنورام جا گيت محفلن ميڙن ۾ ڳائي ماڻهون کي پنهنجي سريلي اواز سان متاثر ڪندو آهي.
    حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته کيمن مولاڻي جو يوگدان ترجمان جي صنف ۾ زبردست اهي هن پنهنجا بلڪل گهٽ پر ٻين ليکڪن جو ساهتيه هنديء ڀاشا ۾ ارپن ڪندي زبردست وڏو ڪم ڪيو اهي اهڙو لاثاني ڪم لاء کيس مڻين مبارڪون شل سائين اڃا کيس صحيتمند جيون ۽ وڏي اورجا بخشي جو هي سنڌي ٻولي سنڌيت جي شيوا ڪندو رهي.

    کيمن مولاڻي جا عهدا مان سنمان ۽ ساهتڪ پونجي
    سنمان مان

    مان سنمان انعام
    * اين سي آر ٽي جو انعام - 1992
    *راشٽريه سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد جو انعام - 1997
    * اين سي پي ايس ايل جو انعام - 2004
    * مڌيه پرديش راشٽريه ڀاشا پرچار سمتي ڀوپال جو انعام - 2005
    * مڌيه پرديش راشٽريه پرچار سمتيء جو انعام - 2009
    * مرڪزي ساهتيه اڪاڊمي جو انعام - 2010
    * مرڪزي ساهتيه اڪاڊمي جو انعام 2013


    *ساهتڪ پونجي - سنڌي ۾ ڪتاب

    1*. ٽارين جهليا ٻور - ڪوتائون - 1986
    2*اُڏر اُڏر پوپٽرا - ٻال ڪوتائون - 1989
    3*اڱڻ مٿي اوپرا - ڪوتائون - 1995
    4* اوسيڙو - ڪهاڻيون - 1998
    5*هل ڙي مٽڪا ٻال ڪهاڻيون - 2001
    6* لنو سنديون لاتيون - ڪوتائون - 2003
    7* سهڻا گلڙا ٻار - ٻال ڪوتائون - 2005
    8* ڌرتيء کان آڪاس تائين - ڪوتائون 2010
    9* جيء ۾ ٽانڊا - ڪوتائون - 2016

    *هنديء مان سنڌيء ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب

    1* پاڇو - چونڊ ڀارتيه ٻولين جون ڪهاڻيون - 1988
    2*جپ ۽ ڌيان پنڊت شريرام شرما آچاريه 2010
    3* نئينجڳ جو مڇيء جو اوتار - شريرام شرما اچاريه 2010
    4* ڊاڪٽر اميڊڪر - رتن ڪمار سامڀريا - 2010
    5* گيتانجلي - گرو رويندرناٿ ٽئگور - 20126
    6*ميان جان ڪڪڙ - رتن ڪمار سامڀريا - ڪهاڻيون
    7* ميگهدوت - ڪاليداس - ڪوتائون - 2014
    8* جو تون جلال تون - پربوڌ ڪمار گوول - ناول - 2014
    9* خاموشين جي ديس ۾ - جيا جادواڻي - ڪهاڻيون 2014

    *سنڌيء مان هنديء ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب
    1* سنڌ ڪا اتهاس م- موهن گيهاڻي - 2004
    2* ڪلچرل باء پاس سرجري - ڊاڪٽر سٽيش روهڙا - 2004
    3* سامي ڪي شلوڪ - ڀاڳو پهريون ڪوي سامي 2005
    4* سنڌي لوڪ گاٿائين سمپادن ۽ ترجمو
    5. سندر سي بچي - کيمن مولاڻي - ٻال ڪوتائون 2008
    6* ڪڇ ڪي ياترا - تاج قابل - 2009
    7* پهلا پيار - گوبند خوشحالاڻي 2009
    8* چڙيا رئن بسيرا - ڪهاڻيون - 2010
    10* بهي کاتي ڪي پني - ڪومل ڀاٽيا - 2011
    11* پياس - هري همٿاڻي - ناول ن 2011
    12* شهيد بختاور - سعيد خادم علي شاهه - 2011
    13* ديش تو ميرا - گوبند خوسحالاڻي - 2012
    14* بهي کاتي ڪي پني ڀاڳو ٻيون لڇمڻ ڀاٽيا 2012
    15* سامي ڪي شلوڪ - ڀاڳو ٻيو - ڪوي سامي 2012
    16* سامي ڪي شلوڪ - ڀاڳو ٽيون - ڪوي سامي - 2013
    17. بهي کاتي ڪي پني - لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا-
    اتم ڪٿا 3 ڀاڳو- 2018
    18* چل ري مٽڪي - کيمن مولاڻي - ٻال ڪهاڻيون- 2014
    19* درپن ڪي سامني - ڪلا پرڪاش - ناول 2015
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو