ڪمبوڊيا (Cantry) تي ھڪ نظر

'ڪهاڻيون' فورم ۾ احمد محمدي طرفان آندل موضوعَ ‏11 نومبر 2017۔

  1. احمد محمدي

    احمد محمدي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آڪٽوبر 2017
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    اتر سنڌ
    ڪمبوڊيا (Cantry) تي ھڪ نظر
    ڪمبوڊيا فرانس کان 9 نومبر1953 تي آزاد ٿيو ھيءُ ملڪ مشرقي ايشيا ۾ واقع آھي ھن سان ويٽنام، لائوس ۽ ٿائيلينڊ جون سرحدون ملن ٿيو.
    ڪمبوڊيا جي دارالحڪومت پنوم پن آھي
    مشرقي ايشيا جي تاريخ ۾ ڪمبوڊيا جو تمام وڏو ڪردار رھيو آھي يارھين صديءَ کان تيرھين صديءَ تائين ٿائيلينڊ ۽ ويٽنام جي سرزمين تي ڪمبوڊيا جي حڪمرانن جي حڪومت رھي آھي
    ان ملڪ جي آب ھوا ايشيا جي ٻين ملڪن جيان خشڪ ۽گرم آھي ھن ملڪ ۾ پوري سال جي موسم 28 کان 35 ڊگري سينٽي گريٽ رھندي آھي
    ڪمبوڊيا جي سرزمين سارين جي فصلن جي ڪري پاڻيءَ سان ڀريل ٻنين جھڙي شڪل اختيار ڪري چڪي آھي ۽ ان جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي آبادي ۽ڪٿي وڻن جا ذخيرا ۽ ٻين قسمن جا فصل به زمين ۾ نظر ايندا آھن
    وڻن جي ذخيرن ۽ ساحلي پٽيءَ وارن جنگلات وارن علائڪن ۾ چيتا، شير، بگهيڙ، ۽ ٻيا ڪيترائي وحشي جانور۽ ٻين نسلن جا جانور به قدرتي موجود آھن
    ڪمبوڊيا جا وڻ ته وري خوبصورت پکين سان ڀريل ئي نظر ايندا آھن
    جن ۾ بگڙا، ڪونجون، تتر، چڪور، مور، ۽ بدڪون وغيره آھن ، ڪمبوڊيا جي جنگلات جا خاص طور خطرناڪ زھريلا نانگ به ڏاڍا مشھور آھن
    ڪمبوڊي جا ماڻھو شھرن کان وڌيڪ ٻھراڙيءَ جي ڳوٺن ۾ رھڻ کي پسند ڪندا آھن ھن ملڪ جا زياده تر گھر ڪاٺ مان ٺھيل آھن ۽ انھن جو ڇتيو گاھ وغيره سان ڍڪيل ۽ ڊگهن شھتيرن سان مٿي کيل آھن
    ان کان علاوه اڃا اتان جا جيڪي تمام سٺا گهر ٺھيل آھن انھن جو ڇتيون مختلف ڌاتن مان به ٺاھيل آھن
    سارين جي فصل جي ڪٽائي مھل ھتان جي ماڻھن جي تمام مصروفيت تيز ٿي ويندي آھي ۽ سڀني گهر جي ڀاتين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو آھي ان ڪم ڪارين کان پوءِ ميلا ملاکڙا ، شادي وغيره جا پروگرام رکيا ويندا آھن ته جيئن ھرڪنھن وٽ روڪڙ به جام ھجي ڇو ته نوٽن سائين خوشين ۾ اضافو محسوس ٿيندو آھي
    ڪمبوڊيا جا ماڻھون اڪثريت ٻڌ مذھب جا پيرو ڪار آھن 1975 ۾ ان مذھب کي ڪمبوڊيا جو باقائده سرڪاري (قومي) مذھب قرار ڏنو ويو ھو
    ان سر زمين تي اوڻويھين صديء جي آخر ۾ ھڪ خاص گروه جي حيصيت ۾ مسلمانن کي سڃاتو ويو ۽ انھن پنھنجي ھڪ ڍلي پلي تنظيم به جوڙي ورتي
    آزاديءَ کان پوءِ اتي ھڪ پنج رڪني ڪائونسل به مسلمانن جي نمائدگيءَ جا فرائز سر انجام ڏئي رھي آھي
    اتان جا (چام) ۽ (ملائي) قبيلن ۾ اڪثريت مسلمانن جي آھي 1975 ۾ مسلمانن جو تعداد ۾ مسلسل اضافو ٿيندو رھيو ھاڻي گھٽ ۾ گھٽ 3 فيصد يا ڪجھ گھٽ وڌ مسلمان ان خطہ عرض تي موجود آھن
    بقلم : احمد محمدي
    ردو تحرير مان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو