• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : اي مٺا پنهنجي نظرن کي جھل

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


اکين کي جھليو پِرين، نه ڪمائن سا *ار،
چارئي پهر چونڪ تي ڪن ٿيون شوق شڪار،
تبسم طلبگار سان، هلن حرڪتون هزار،
بيهي وچ بازار، اُلرن عاشقن مٿان..

_____

اي مٺا! پنهنجي نظرن کي جھل،
مونسان ڪن ٿيون پيون کينچل،
آمهون سامهون اچن پلپل،
هوريان هوريان وڌي هلچل.



عجب طرح سان ڪن ٿيون اشارا
جاڳي پون ٿا جذبا سارا،
اي مٺا! پنهنجي نظرن کي جھل...


تنهنجي اکين ۾ ڳاڙهي ڳانِي
جوانيءَ جي نسرڻ جِي نشاني
اي مٺا! پنهنجي نظرن کي جھل...


شوخ اکين سان ڇو ٿو ڇيڙين،
جزبن سان دل منهنجي هيرِين،
اي مٺا! پنهنجي نظرن کي جھل...


هيئن نه جوانيءَ ۾ ته ڪبو آ،
”تبسم“ هر ماڻهو شڪبو آ،
اي مٺا پنهنجي نظرن کي جھل....



آواز : منظور سخيراڻي
ٻول : عبدالغفار تبسم

 
Back
Top