رٽائرمينٽ

'تعارف' فورم ۾ عبدالوهاب انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏21 نومبر 2017۔

  1. عبدالوهاب انصاري

    عبدالوهاب انصاري
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ماڳ:
    نواب شاه
    رٽائرمينٽ
    اڄ هو پنهنجي زندگي جا35 سال مڪمل درس و تدريس کي ارپي رٽائر ٿي رهيو هو.
    کيس اولاد ۾ هڪ نياڻي هئي جيڪا هن هڪ رشتيدار کي پرڻائي ڏني هئي.
    جنهن جو مڙس رات جو رئيس جي اوطاق تان گلاسن ۾ بچيل شراب پي گهر اچي پنهنجي گهر واري تي تشدد ڪندو هو.
    اڄ هو تمام گهڻو افسرده هيو پنهنجي ڌي جي زندگي جي ڪري شايد هو سوچي رهيو هو ت آءُ مري ويس ت منهنجي ڌي جو ڇا ٿيندو
    هو جئين گهر ۾ داخل ٿئي ٿو ت سندس سڪيلڌي ڌي کيس ڀاڪر وجهي زارو قتار روئڻ ۾ شروع ٿي وئي. هو پاڻ پڻ پنهنجي لڙڪن کي روڪي ن سگهيو ڌي کي ڀاڪر ۾ ڀري روئڻ ۾ شروع ٿي ويو.ڪافي دير تائين ٻئي پي ۽ ڌي هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري روئندا رهيا.
    هو پنهنجي ڌي جي لڙڪن کي اگهندي پڇي ٿو ت پٽ اڄ وري توتي سڀاڳي خان تشدد ڪيو آهي ڇا جو تون ايڏو زارو قتار روئي رهي آهين
    بابا اڄ منهنجي مڙس مونکي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ چيو اٿائين ت پنهنجي پي کان رٽائرمينٽ جا پيسا وٺي اچ ن ت منهنجي گهر ٻيهر ن اچ جئين پنهنجي پي کي نياپو ڏجائين ت جيڪڏهن عزت سان پيسا ن ڏنائين ت مونکي ٻئي طريقي سان وٺڻ اچن ٿا.
    بابا توهان کي ت خبر آه هو موالي نشائي آهي
    اڳ ۾ ب جيڪي توهان پيسا وياج تي وٺي ڏناهيس رئيس جي پٽ جي شادي ۾ رنڊين تي ڇٽي ڇڏيا هئائين.
    رئيس جي ٻئي پٽ جي شادي دبئي ۾ آهي رئيس وارا سڀئي اوڏنهن ڄڃ وٺي ويندا ان لاءِ هو چئي ٿو پنهنجي پي کان رٽائرمينٽ جا پيسا وٺي ڏي.
    پٽ مان چوانس ٿو سمجهي ويندو تون فڪر ن ڪر.
    هن جي سڄي رات بي سڪوني ۾ گذري هو سڄي رات پاسا مٽائيندو رهيو شايد هن کي پنهنجي ڌي جي زندگي جو فڪر هيو.
    صبح سوير هو اٿي مسجد ڏي نماز لاءِ ويو ٿي رستي تي کيس سندس نياڻو مليو جنهن کي هن تمام گهڻو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ت پٽ هي سڄي ملڪيت تنهنجي آهي.آخر منهنجي ملڪيت جو وارث تون ئي ت آهين.
    پر شايد هن کي سمجه ۾ ن آيو سندس نياڻي کيس ڌمڪي ڏيندي چيو ت اڳئين مهيني رئيس جي پٽ جي دبئي ۾ شادي آهي مونکي پيسا کپن پوءِ ڀلي توهان کي وياج تي ڇو ن وٺڻا پون. ۽ جيڪڏهن پيسا ن مليا ت پنهنجي ڌي کي پنهنجي گهر وهاري ڇڏ ٻيهر منهنجي گهر ن موڪلجائينس. باقي پيسا پوءِ تو مان آءُ پنهنجي طريقي سان ڪڍندس
    ٻ هفتا گذري ويا تمام گهڻي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود پيسا ن ملي سگهيا.
    هو صبح جو واڪ جي خيال سان زمين ڏانهن وڃي رهيو ت رستي تي سندس ڌي جي سهيلي جنهن کي هي پنهنجي ڌي وانگر ڀائيندو هو ۽ کيس ڌي ڪري سڏيو هئائين مليس جنهن سان پنهنجي ڌي جي ڏکن ڀري زندگي جو حال پئي اوريائين ت پريان سندس نياڻو جنهن وٺي دانهون ڪيون ت منهنجو سهرو منهنجي زال جي سهيلي سان خراب آهي مون کين غلت حالت ۾ ڏٺو آهي.
    سڀئي ماڻهون مڙي ويا سندس نياڻو دانهون ڪندو رئيس جي بنگلي ڏي ڀڳو رئيس اوطاق جي ڪچهري واري ڪمري ۾ ويٺو هو جيئن ئي رئيس تي نظر پيس دانهون ڪندو رئيس جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چوڻ لڳو قبلا ماف ڪجو اڄ ڪهر ٿي ويو ظلم ٿي ويو منهنجو سهرو منهنجي زال جي سهيلي سان ڪارو مونه ڪندي مون پڪڙيو آهي.
    جيڪا توهان جي هاري جي زال آهي.قبلا جئين توهان جو حڪم هجي.
    رئيس هلڪو مسڪرائيندي چئي ٿو سڀاڳا خان تنهنجي سهري جي دماڳ ۾ جيڪا هواءِ ڀريل هئي اها هاڻي ڪڍڻ جو موقعو مليو آهي.مس مس ت الله سائين اهڙو ڏينهن آندو آهي
    رئيس ڪمدار کي حڪم ٿو ڪري ت شام تائين سڄي تر جي چڱن مڙسن کي اوطاق تي گهراءِ ۽ ڳوٺ وارن پڻ نياپو موڪل ت شام ماستر ۽ منهنجي هاري جي زال جو ڪارو ڪاري جو فيصلو آهي.
    شام جا 5 ٿين ٿا رئيس جي بنگلي جي چوڌاري ننڍيون وڏيون گاڏيون گڏ ٿيڻ شروع ٿين ٿيون
    تر جي ڀوتارن لاءِ خاص صوفا لڳايا ويا آهن
    باقي خلق کي هيٺ چٻر تي ويهارڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي.
    سڀ چڱا مڙس ۽ ڳوٺ وارا گڏ ٿيڻ کان پوءِ رئيس نمودار ٿئي ٿو وڏو پٽڪو جيڪو پيڙهيا پيڙه رئيس جي خاندان ۾ هلندو اچي سان هٿ ۾ لٺ کڻي رئيس صوفي تي ويهي ٿو
    رئيس جا چمچا رئيس جي اڳيان پويان پيا ڦرن
    رئيس سڀني چڱن مڙسن کي خيڪار بازي کان پوءِ سڀاڳي خان کي چوي ٿو سڀاڳا ڇورا تو مون هارياڻي ۽ ماستر کي ڪٿي ۽ ڪئين پڪڙيو سڀني کي ٻڌاءِ
    سڀاڳو روئڻ جي ايڪٽنگ ڪندي ڪوڙا ڳوڙها ڪڍي منهن روئڻهارڪو ڪري رئيس مونکي اهو ڪجه ڏسندي موت ڇو ن آيو رئيس منهنجو سهرو جيڪو توهان جي هارياڻي سان ڪارو آهي.جنهن کي مون پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي
    رئيس ابا چپ ڪر الله اهڙو ڏينهن ڪنهن دشمن کي ب ن ڏيکاري
    رئيس داٻي واري انداز ۾ اڙي ماستر تو کي ڪجه چوڻو آهي پنهنجي صفائي ۾
    هو پنهنجي ڌي ۽ ان جي سهيلي کي ڏسندي پنهنجي اکين جي لڙڪن کي اگهندي چاهيندي ب ڪجه ن چئي سگهيو
    رئيس داٻي سان اڙي پوڙها تنهنجي هن عورتن واري ڊرامي بازي جي لاءِ 7 پاڙن جا چڱا مڙس گڏ ن ٿيا آهن.
    رئيس فيصلو ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪجه چڱن مڙسن کي هڪ ڪمري ۾ وٺي وڃي ٿو جن مان ۾ ڪجه چيس ت هن کي وچ چوڪ تي بيهاري سنگسار ڪيوس ۽ هڪ چين ت هي استاد آهي بزرگ ماڻهون آهي هن تي پيسن جو ڏنڊ رکو
    رئيس ٻاهر نڪري فيصلو ٻڌايو
    اڄ کان وٺي هن سان ڪو ب برادر وارو تعلق ن رکندو هن جو گهر ۽ جيڪي رٽائرمينٽ جا پيسا ملندس سڀئي ڪاري جي مڙس کي ملندا جنهن مان اڌ سڀاڳي خان کي ملندو جنهن سچ ڳالهايو آهي.۽ ڪارو ڪاري کي پڪڙيو آهي.

    ۽ ڪاري کي ماريو ويندو ماستر هن شهر کي ڇڏي هليو ويندو هن جي جان بخش آهي.
    هو اتي ڪري پوي ٿو رئيس جا چمچا وٺي رئيس جي تعريف ۾ نعرا هڻن ٿا.
    هن جي ڌي زال سندس جسم جي جي ڀرسان سڏ ڪن ٿيون شايد هو هاڻي هن ناڪاره فرسوده معاشري کي ڇڏي پنهنجي خالق حقيقي ڏانهن وڃي چڪو هو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو