اڃارا نيڻ هي ڪنهن جا ...

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏22 نومبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اڃارا نيڻ هي ڪنهنجا ...
    اڃارا نيڻ هي ڪنهن جا ،سڌن جون صدائون جن ،
    پڙهن ٿا چهرا چاهت ۾، وڏيون نازڪ ادائون جن.
    نه نسري هو چون ڪجه ٿا ،اندر ۾ ئي رهن ڳرندي،
    اهي سيباڻا سڪ وارا ،نه ٿيون ڪي خطائون جن ،
    ڏسي محبوب کي مرڪي، وري واپس وٿاڻن تي ،
    اندر ۾ آس کي پڄري،نه ٿيون ڪڏهن عطائون جن.
    روڪي ٿا رکن حردو، جن ۾ جيءُ جنبش ڌوڻي ،
    سدائين جيءَ تي سهندي ،مليل هن سزائون جن .
    سدا پيارل جو الڪو جن، سدا اوني ۾ اوتيندي،
    وره گذريا صدين جهڙا، نه پر ۾ ڪيون پڇائون جن .

    لبستم دائودپوٽه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو