قصو عمر مارئي

'سنڌي ادب' فورم ۾ گل محمد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2017۔

  1. گل محمد سومرو

    گل محمد سومرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 نومبر 2017
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    عمر- مارئيءَ جو قصو سومرن جي دور(1050ع _1350ع) سان تعلق رکي ٿو. مختلف تاريخي احوالن ، شاهه جي مرتب ڪيل رسالن توڙي ٻين ڪتابن ۾ سنڌ جي هن رومانوي قصي کي هر عالم ۽ اسڪالر پنهنجي پنهنجي انداز سان مختلف روايتن ذريعي پيش ڪيو آهي. هن تحقيقي مقالي جو مقصد عمر مارئيءَ جي داستان جي تفصيل، تشريح، ورجاءَ يا مارئيءَ جي حُب الوطنيءَ جو تذڪرو بيان ڪرڻ هرگز ناهي.

    آئون هن قصي سان لاڳاپيل روايت ته ”جنهن وقت عمر سومرو مارئيءَ کي کوهه تان زوري کنڀي کڻي ويو هو، ان وقت هوءَ کيت سين جي مڱيندي هئي.“ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي، شاهه جي بيتن جي روشنيءَ ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديس ته مارئيءَ اغوا ٿيڻ وقت، کيت سين جي مَڱَ ڪا نه هئي پر هوءَ ساڻس پرڻيل هئي ۽ کيت سين سندس وَرُ هو!

    عمر- مارئيءَ جي داستان جو سڀ کان آ ڳاٽو احوال اسان کي ٻن تاريخي ڪتابن مان ملي ٿو. پهريون طاهر محمد نسيانيءَ جي فارسي تصنيف ”تاريخ طاهري“ مان جيڪا 1621ع جي لڳ ڀڳ مرتب ڪئي وئي ۽ ٻيو مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي فارسي تصنيف ”تحفة الڪرام“ مان، جيڪا تقريبن 1767ع ۾ رقم ٿي. تحفة الڪرام ۾ ڏنل بيان پڻ گهڻي ڀاڱي تاريخ طاهريءَ تان ئي نقل ڪيل ٿو ڏسجي.

    مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته:

    ”مارئيءَ نالي هڪ پاڪدامن ۽ خوبصورت عورت مارن جي قوم مان تلها (ڳوٺ) ۾ رهندڙ هئي. سندس ماءُ پيءُ هن جو مڱڻو ”پنهونءَ“ نالي هڪ شخص سان ڪيو هو، پر پوءِ ڦري، هڪ ٻئي عزيز کي ڏيئي ڇڏيائون. پنهون انهيءَ محبوبه جي هٿان نڪري وڃڻ کان ڦٽيل دل ٿي، ”عمر“ وٽ فريادي ويو، ۽ وڃي چيائينس ته ..... منهنجي مڱيندي، ٻئي سان پرڻائي ويئي آهي.(1)

    هن حوالي مطابق عمر- مارئيءَ جي روايتي قصي جي برعڪس ڦوڳ نه بلڪ پنهونءَ نالي ڪو شخص هو، جنهن مارئي جي سَڱَ جي گُهرَ ڪانه ڪئي هئي، بلڪه مارئيءَ جو رشتو، مائٽن جي مرضيءَ سان اڳ ۾ پنهونءَ سان ئي ڪيو ويو هو. تنهن کان پوءِ وري هن جي مائٽن پنهونءَ سان سندس مڱڻي ختم ڪري کيس ٻئي ڪنهن مائٽ سان پرڻائي ڇڏيوهو. هن سموري قصي ۾ اسان کي ڪٿي به مارئيءَ جي مڙس يعني ”کيت سين“ جو نالي سان ذڪر نٿو ملي. ليکڪ هر هنڌ فقط ”مڙس“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي. مارئيءَ جو سڱ پنهونءَ سان ڇو ختم ڪيو ويو، ان جو سبب پڻ ڪونهي ڄاڻايل.

    ’تاريخ طاهري‘ توڙي ’تحفة الڪرام‘ ۾ هيءُ قصو سومرن جي زمان ۽ مڪان کان تقريبا ٽي يا چار صديون پوءِ لکيو ويو آهي. تنهن ڪري هيءُ قصو گهڻو ڪري زباني روايتن جي شاهدين جي آڌار تي ترتيب ڏنو ويو هوندو ۽ جيئن پوءِ تيئن وقت بوقت هن قصي جي واقعن ۾ اڃان به ڦير گهير ٿيندي رهي آهي.

    ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنهنجي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ انهيءَ واقعي کي هن ريت بيان ڪيو آهي:

    ”ٻالپڻي کان ئي ڦوڳ جو مارئيءَ تي ڏاڍو ارواح هوندو هو. هاڻ ته سندس جوانيءَ جو جلوو پسي، ويتر مٿس مست ٿي پيو. آخر پاڻ جهلي نه سگهيو. سو هڪ ڏينهن وجهه وٺي پالڻيءَ کان مارئيءَ جو سَڱَ گهريائين. پالڻيءَ ته مارئيءَ جي مائٽي پنهنجي هڪ نياتيءَ کيت سان اڳ ئي ڪري ڇڏي هئي. سو صفا نابري واريائين.“(2)

    جيتوڻيڪ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ’شاهه جي رسالي‘ ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته هُنَ پڻ انهيءَ آکاڻيءَ جو سٽاءُ انهن ٻنهي تاريخن ۾ آيل احوال مطابق رکيو آهي، پر تنهن جي باوجود ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ان واقعي کي ڇو ڦيرائي ڇڏيو آهي، تنهن جي ڪا سُڌِ نٿي پوي ۽ نه ئي وري پاڻ حاشيي ۾ ان تبديليءَ جي ڪا وضاحت ڏني اٿائون.

    گربخشاڻي صاحب پنهونءَ جي بجاءِ ڦوڳ نالو ڄاڻايو آهي جيڪو مارئي ءَ جو اڳوڻو مڱيندو ڪونه هو بلڪ هو مارئيءَ تي عاشق هو ۽ سندس سَڱَ جي گهُرَ ڪرڻ تي خبر پيئس ته مارئيءَ جو رشتوکيت سان طئي ٿي چڪو هو.ان روايت جي بيان مان اهو انومان پيدا ٿئي ٿو ته ان وقت مارئيءَ جي ڳالهه يقينن پڪي ٿي چڪي هوندي پر هوءَ اڃان پرڻي ڪو نه هوندي.

    ڊاڪٽر نبي بـخش بلوچ صاحب پــڻ لوڪ ادب جــي اسڪيم هــيٺ عــمـر-مارئيءَ جي داستان جي مختلف روايتن کي ترتيب ڏيندي هن قصي کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

    ”مارئي تمام حسين هئي، عمر سومرو سندس سونهن جي ساراهه ٻڌي ملير ۾ ويو ۽ مارئيءَ کي کوهه تان کڻي عمر ڪوٽ ۾ آيو. مارئيءَ کي ويس وڳن ۽ محلاتن تي لالچائي شادي ڪرڻ لاءِ چيائين، پر مارئي اڳئي پرڻيل هئي، تنهن انڪار ڪيو ۽ عمر سومري کان واپس وطن وڃڻ جي گهر ڪيائين....“(3)

    شاهه لطيف جي سالياني عرس جي موقعي تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ڇپرايل تحقيقي مقالن جي ڪتاب ”سر مارئي“ ۾ ولي سروري لکي ٿو:

    سر مارئيءَ جي ڪنهن به بيت مان ثابت نٿو ٿئي ته ڪو مارئي مڱ آهي ۽ مارو عرف کيت مڱيندو آهي.

    سونَ برابر سڳڙا، ٻانهُنِ ٻڌائون،

    مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون،

    عمر کي آئون ڪيئن ڪر قبوليان.

    هن بيت ۾ شاديءَ جي خاص رسم ”لائُن“ جو ذڪر آهي. ثابت ٿيو ته مارئيءَ کي مڙس ڏنو ويو هو، جنهن ڪري هاڻ هوءَ عمر کي خاوند واري حيثيت ڪنهن به طرح ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.(4)

    ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو همعصر ليکڪ ڄيٺمل پرسرام پنهنجي ڪتاب ”شاهه جون آکاڻيون“ ۾ ساڳي روايت جي سمجهاڻي هيئن ڪري ٿو:

    عمر، تون مون کي پنهنجي مڱيندي کان ڌار ڪري هِتِ وٺي آيو آهين، سو آءُ ڪاڻياري ٿيس، هُتِ منهنجي وَرَ کي طعنا پيا لڳن ته تنهنجي مڱ هيئن ڀڄائي ويا .....(5)

    ڄيٺمل پرسرام صاحب پڻ هن واقعي کي ٿورو منجهائي بيان ڪيو آهي. مارئي پنهنجي مڱيندي لاءِ وَرَ جو لفظ ڪيئن ٿي استعمال ڪري سگهي. آءُ سمجهان ٿي ته سنڌ جي سماجي قدرن سان تعلق رکندڙ ڪابه ڇوڪري مڱيندي کي مڙس ڪو نه چوندي آهي . ٻيو ته وَرَ جو لفظ نڪاح يا شاديءَ کان پوءِ ئي ڪتب آندو ويندو آهي. تنهن ڪري هن روايت مان اها وضاحت نڪري ٿي ته عمر سومري جنهن وقت مارئيءَ کي اغوا ڪيو ان وقت هوءَ کيت سين جي زال نه پر مڱ هئي.

    بهرحال انهن سڀني روايتن جي تقابلي جائزي مان اهو نتيجو اخذ ٿئي ٿو ته پنهونءَ يا ڦوڳَ نالي شخص جنهن وقت مارئيءَ جي سَڱَ جي گھُرَ ڪئي هوندي، ان وقت هوءَ يقينن ڪنواري يا ويٺل ڇوڪري هوندي ڇاڪاڻ ته هميشه ان ڇوڪريءَ جي سَڱَ جي گھُرَ ڪئي ويندي آهي جيڪا اڻ پرڻيل هوندي آهي يا فقط ڪنهن جي نالي ٿيل هوندي آهي (پر گهُرَ ڪرڻ واري کي ان جي خبر ناهي هوندي) يا وري عورت بيواهه هجي. پرڻيل عورت جي ٻانهن جي گھُرَ ڪير به ناهي ڪندو.

    ٻئي پاسي جيڪڏهن پالڻيءَ جي بيان جو تجزيو ڪجي ته ”هن مارئيءَ جي مائٽي ڪري ڇڏي آهي“ ته ان مان اهو مطلب به نڪري ٿو ته هن مارئيءَ جي شاديءَ جا ڏينهن ٻڌي ڇڏيا هوندا. جيستائين ساڙ ۽ حسد منجهان ڦوڳ عمر سومري کي مارئيءَ کي اغوا ڪرڻ لاءِ هرکايو هجي، ممڪن آهي انهيءَ وچ ۾ مارئي، کيت سين سان لائون لهي چڪي هجي.

    شاهه لطيف جنهن دور سـان تعلـق رکـي ٿــو ســو ساڳيـو تاريـخ طاهري ۽ تحفة الڪرام جي لکجڻ جو وچ وارو دور آهي. شاهه لطيف يقينن هيءُ قصو پنهنجي دور جي ڀٽن، ڀانن، چارڻن ۽ سگهڙن کان ٻڌو هوندو. هن پڻ مارئيءَ کي پنهنجي ڪلام ۾ پرڻيل، باوفا ۽ مڙس سان بي انتها محبت ڪندڙ عورت جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. جنهن جي شاهدي رسالي جي ڪيترن ئي بيتن مان ملي ٿي.

    مثال طور مارئيءَ جي زباني شاهه صاحب چورائي ٿو:

    مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون،

    سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهن ٻڌائون،

    عمر جو آئون، پٽ ڪيئن پهريان سومرا!(6)

    (سر مارئي، داستان ٽيون، بيت 6)

    هن بيت ۾ شاهه صاحب لائن لهڻ ۽ ڳاني ٻڌڻ جو ذڪر ڪيو آهي. هي رسمون نج شاديءَ جي موقعي جون آهن جيڪي ٻئي ڪنهن به وقت ادا ناهن ڪيون وينديون. ڪنوار کي شاديءَ کان اڳ ۾ ونواهه ۾ ويهاريو ويندو آهي. ونواهه جي خاص رسمن ۾ هڪ رسم ڪنوار کي ساڄي ٻانهن ۾ ساهرن پاران ڳانو ٻڌڻ جي هوندي آهي. جڏهن ته لائون شاديءَ واري رات ڏنيون وينديون آهن. جنهن ۾ گهوٽيتا ۽ ڪنواريتا گڏجي ست ست دفعا ڪنوار ۽ گهوٽَ جا مٿا پاڻ ۾ ٽڪرائيندا آهن. هن بيت ۾ ”لڌيون“ ۽ ”ٻڌائون“ لفظ زمان ماضي ڏانهن اشارو ڪن ٿا. جنهن جو مطلب اهيو ٿيو ته شاهه لطيف مارئيءَ جي زباني عمر کي اهو چورائي ٿو ته آءَ لائون لهي چڪي آهيان.

    اهو ساڳيو فڪر اسان کي شاهه جي هڪ وائيءَ ۾ پڻ ملي ٿو:

    لوئيءَ ۾ لائون، مون مارؤَ سين لڌيون،

    سون برابر سڳڙا، ٻانُهنِ ٻڌائون،

    مون ماروءَ سين لڌيون،

    سا ڪيئن کائي کارڪون، جنهن کي ڏونرا ڏيج ڏنائون؟

    مون ماروءَ سين لڌيون.( 7)(سرمارئي، داستان ٽيون ، وائي 1)

    هن وائيءَ ۾ شاهه صاحب لائُن ۽ ڳاني سان گڏ ڏيج جوبه ذڪر ڪيو آهي. ڏيج پڻ اهو سامان هوندو آهي جيڪو شاديءَ جي موقعي تي مائٽ پنهنجي نياڻيءَ کي ڏيندا آهن. سو مارئي پڻ چوي ٿي ته مون کي مارن ڏيج ۾ ڪنهن وڏي ساز سامان جي بجاءِ ڏونرا ڳڻايا ۽ ٻئي هنڌ چوي ٿي ته مون کي مارن سيڄ ۾سُڃَ ڳڻائي. سيڄ پڻ انهيءَ خاص ڳاڙهي رنگ واري هنڌ کي چيو ويندو آهي جنهن تي شاديءَ واري رات گهوٽ ۽ ڪنوار کي ويهاري لائون ڏنيون وينديون آهن.

    مارئي چوي ٿي:

    مون کي ماروئڙن، سڃ ڳڻائي سيڄ ۾.( 8)

    (سرمارئي، داستان ٽيون، بيت 15)

    وري هي بيت ڏسو:

    سون برابر سڳڙا، لُون لُونءَ برابر لَکُ،

    رپو جنهن رد ڪئو، ڪوڙ تهين کي ڪَکُ،

    مون مارؤَ جو مک، تيل نه لائيان تنهنجو. (9)

    (سرمارئي، داستان ٽيون، بيت 4)

    هن بيت جي آخري سٽ ۾ پڻ ونواهه جي وقت ڇوڪريءَ جي مٿي ۾ سس، نڻانن، ڏيراڻين ۽ ٻين سهاڳڻين پاران ست ڀيرا تيل لڳائڻ واري رسم جو ذڪر ڪيل آهي. مارئي عمر کي چوي ٿي ته مون کي ونواهه ۾ پنهنجي گهوٽ پاران جيڪو تيل لڳايو ويو سو ئي ڪافي آهي ۽ آءُ تنهنجو تيل پنهنجي سينڌ ۾ هرگز نه لائيندس.

    ان کان سواءِ سر مارئيءَ ۾ شاهه صاحب کوڙ سارا اهڙا بيت پڻ مارئيءَ جي زباني چورايا آهن جن ۾ هوءَ کيت سين کي مارو ،پنهوار ۽ تور جهڙن لفظن سان گڏوگڏ وَرُ ، ڪانڌ ۽ ڀتار جهڙن لفظن سان ياد ڪري ٿي. مثال طور:

    آئون ڪيئن سوڙين سمهان، مون وَرُ گهاري ولهه ،(10)

    (سر مارئي،داستان ٽيون ،بيت 13)

    يا وري هي بيت ڏسو،

    پَٽُ نه پهريان، سومرا! جانڪيتان جيان،

    آءُ ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان؟

    جانسين ٿي جيان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻِئو.(11)

    (سرمارئي ،داستان ٽيون ،بيت 7)

    هي بيت پڻ ان ڳالهه جي وضاحت ڪري ٿو:

    جهڙي آيس جي، تهڙي وڃان تن ڏي،

    ته لالائي جا لطيف چئي، ڪر مدن اُٺا مينهن،

    ماڙيءَ ! لڳم مهڻو، سڀ ڄماندر سي،

    ٿيس ڪاڻياري ڪانڌ جي، هتي اچي هيئن،

    ڪنڌ کڻنديس ڪيئن، منهن ماروئڙن جي؟(12)

    ( سرمارئي،داستان ڇهون،بيت 1)

    سنڌي سماج جي ڪا به عورت فقط پنهنجي مڱيندي يا محبوب لاءِ وَرُ، ڪانڌ ۽ ڀتار جهڙا لفظ استعمال نٿي ڪري سگهي يا مارئيءَ جو عمر کي اهو چوڻ ته جيستائين جيئري آهيان ڪو ٻيو مڙس نه ڪندس. اِهي بيت بخوبي ثابتي ڏين ٿا ته مارئيءِ کي جنهن وقت عمر سومرو اغوا ڪري ويو هوندو ان وقت هوءَ يقينن کيت سين سان پرڻيل هوندي.

    تنهن کان سواءِ هڪ ٻي شاهدي، جا شاهه صاحب جي بيتن منجهان ملي ٿي، سا اِها آهي ته سموري سر ۾ مارئيءَ ، عمر سومري کي ڪيترائي ڀيرا سندس نالي سان مخاطب ڪيو آهي جڏهن ته پنهنجي وَرَ يعني کيت سين جو نالو هوءَ ڪٿي به نٿي وٺي. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته سنڌي سماج جي ثقافتي قدرن ۾ ڪا به عورت پنهنجي مڙس جو نالو وٺڻ بجاءِ پنهنجي ٻار جي نالي سان مڙس جو ذڪر ڪندي آهي. اڄ به اسان جي ٺيٺ ٻهراڙين ۾ اهو قدر موجود آهي. انهيءَ ڳالهه مان پڻ اها ثابتي ملي ٿي ته مارئي پرڻيل هئڻ سبب پنهنجي گهر واري کيت سين جو نالوڪٿي به نٿي وٺي.

    مجموعي طور سان هن تحقيقي مقالي مان اهو نتيجو اخذ ٿئي ٿوته مارئيءَ جي شاديءَ جي حوالي کان مختلف روايتن کي ترتيب ڏيندي تاريخ طاهري۽ تحفةالڪرام جي مصنفن ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ؛ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ توڙي ولي سروريءَ به کيس کيت سين سان پرڻيل ڏيکاريو آهي. جنهن جي شاهديءَ ۾ شاهه صاحب جا پڻ ڪيترائي بيت ملن ٿا. جن ۾ مڱڻيءَ کان ويندي ونواهه ۽ شاديءَ جي ڪيترين ئي رسمن جهڙوڪ لائن لهڻ، ڏاج ڏيڻ، ڳاني ٻڌڻ، مٿي ۾ تيل لائڻ وغيره جو ذڪر ڪيل آهي. تنهن ڪري اسان اهو چئي سگهون ٿا ته جنهن وقت عمر سومري مارئيءَ کي اغوا ڪيو هوندو ان وقت هوءَ کيت سين جي مڱيندي نه پر پرڻيل زال هوندي. جنهن جي شاهدي شاهه صاحب جي بيتن منجھان پڻ ملي ٿي.
     
    دلبر عبداللّٰه سمون هيء پسند ڪيو آهي.
  2. دلبر عبداللّٰه سمون

    دلبر عبداللّٰه سمون
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏9 فيبروري 2018
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    هِيءَ نہ مارُن رِيت، جو سيڻ مَٽائِين سون تي،
    اَچِي عُمر ڪوٽ تي، ڪنديس ڪانہ ڪُرِيت…
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو