• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : مان وسارڻ جو وس ڪيان ٿو پر

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


سڪ جي سوداگريءَ ۾، لُٽجي وڃڻ کان پوءِ
گنج گل مان دل جي مُکڙِي پٽجي پوڻ کان پوءِ
اجڙڻ جو روح پرور منظر ته ڏِس اچي
آ ڏِس! ته آشيانو وڄ جي ڪرڻ کانپوءِ...

******

مان وسارڻ جو وس ڪيان ٿو پر،
تون به يادن کي من پليندو ڪر..

سوچون طوفان زلزلا يادون،
ايڏو اوٿر نه موڪليندو ڪر..

سڀئي رشتا ٽُٽا ته پوءِ مونکي،
خط ميارون دُعا نه ڏيندو ڪر..

جا به گُذري گذر ٿي وئي تبسم،
ياد مونکي هاڻي ايندو ڪر...

ٻول : عبدالغفار تبسم
آواز : منظور سخيراڻي


 
Back
Top