سڪ جي سوداگريءَ ۾، لُٽجي وڃڻ کان پوءِ گنج گل مان دل جي مُکڙِي پٽجي پوڻ کان پوءِ اجڙڻ جو روح پرور منظر ته ڏِس اچي آ ڏِس! ته آشيانو وڄ جي ڪرڻ کانپوءِ... ****** مان وسارڻ جو وس ڪيان ٿو پر، تون به يادن کي من پليندو ڪر.. سوچون طوفان زلزلا يادون، ايڏو اوٿر نه موڪليندو ڪر.. سڀئي رشتا ٽُٽا ته پوءِ مونکي، خط ميارون دُعا نه ڏيندو ڪر.. جا به گُذري گذر ٿي وئي تبسم، ياد مونکي هاڻي ايندو ڪر... ٻول : عبدالغفار تبسم آواز : منظور سخيراڻي