سوره مرين سوڀ کي ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ڪنهن در ڏجي دانهن ...

    75 سيڪڙو سنڌ کي نقصان ڏيندڙ زرداري تي سسٽم راضي نه پيو ٿي جو ان کي 90 سيڪڙو نقصان ڏيندڙ ڌريون گهرجن تنهن ڪري هي جي ڊي اي وارو سيٽ اپ ڪرايو ويو آ جنهن ۾ سڀ وساميل ڏيئا جنهن ۾ ڪو ٻارڻ آهي ئي نه سواءِ هڪ پير جي پر ان پير وٽ به وڏن کي راضي رکڻ جو ايڏو ته ذوق آ جو 90 ته ڇا سو سيڪڙو ڀل تباهي ڪريو پر .......ائين ڪريو ...ڪيڏو نه وفاقي پنجاب جي چالاڪي آ زرداري هجي يا پير بس هنن جو ڪم ٿيندو رهي پاڻي جي پڇا نه ڪريو بجلي توهان جي پر استعمال پنجاب ڪندو ،گيس توهانجي پر استعمال پنجاب پختون ڪندو سڀ جا سڀ ڀنگي قسم جا رولو ڪتا به سنڌ ۾ قبول ڪندءَ انهن کي اف به نه چوڻي انهن جي روزگار جا بندوبست به سنڌ کي ڪرڻا آهن ساحل جي ويجهو به ڀل پنجاب نه هجي پر اوشنوگرافي کان وٺي پاڪ نيوي هجي يا ڊفينس هجي پنجاب جو بول بالا آهي وري پهاڙن ۾ هڪ روپي جي جاءِ تي لک روپيو خرڇ ڪندي ڊفينس 9 پيو ٺهي بلڪ جڙي ويو آ ۽ هو هن حرامي ملڪ رياض جو بحريه ٽائون جيڪو به سنڌين جي نڙي تي لت آ پر مجال آ جو پير ان تي ڪا جرح ڪري يا ڪو هڪ اڌ ڀڳل ٽٽل ڪو لفظ به ڳالهائي ها ان جا نقصان سنڌين لاءِ بيان ڪري ها ...نه سائين اهو ته چوڻ ملڪي مفاد جي خلاف آهي سو پير صاحب اهو ته سوچي به نه ٿو سگهي ها باقي زرداري زرداري خوابن ۾ به زرداري جا ڀوائتا خواب ايندا رهندا ننڊ ۾ جاڳ ٿيو وڃي ...
    سي پيڪ جا اهم نڪتا سمجهائڻ ۽ وفاق کان گهرڻ جنهن ۾ سنڌ جو حصو 70 سيڪڙو کان به مٿي آ جنهن ۾ ڪي پي ٽي ۾ هڪ مڪمل پورٽ چائنا جو جڙي چڪو آ ان جي سنڌ جي حصي جي ڳاله پير صاحب کي ڪير ياد ڪرائي ڇو ته سڀ سنڌ دشمن ته پير جا يار دوست آهن پو انهن سان ڪوجهو منهن ڪري سگهجي ٿو ڀلا نه بابا ائين ڀل سنڌ ۾ سنڌي ماري کپائي ڇڏيو پر پير کي دوستي پياري آ ....ڇو جو ياري آ .
    هو ابهام ٻچڙا امڙ ابي کان ٻارن ٻچن کان زوري کنڀي گم ڪندي چيچلاهٽ جا آواز به پير جي ڪنن تي نه پيا ڇو ته ڪوٽ جا ڪنگرا تمام وڏا ۽ مٿي آهن ان ڪري اهي رڙيون هن جي ڪنن تائين پڄي به نه ٿيون سگهن ...هو ڀنگي قسم جا هندستاني ڪتن وانگر لور لور پيا ڪن سر عام را کي سڏيندڙ انهن لاءِ ڪو واضع چٽو موقف به نه آهي سڀ کي انهن سان به ياري آ اهي وڏڙن کان وٺي جليبن جو ٽوڪرا جو پهچرائن ٿا ...بس وات مٺو ٿيندو رهي باقي ڀاڙ ۾ وڃي پوري قوم سنڌ ....افسوس ڪندي به شرم ٿو اچي ...ته جيڪي سنڌي هڪ صدي تائين ڌاري انگريز کي ٽوٽا چٻايا انهن جي باقيات ۾ حر فورس ته فرنگين کي فنا ڪيو ...هي خبر نه آهي ته انهن فرنگين جي اولاد انهن جي پولڳن کي دوستي ياري ۾ رکيون ويٺا آهن ...


    سوره مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار ،
    کڻ ڀالا وڙه ڀاڪرين آڏي ڍال مه ڍار،
    مٿان تيغ ترار ،مار ته متارو ٿئين.

    سڀ وسري ويو آ ڪنهن ياد به نه ڏياريو يار

    ڪنهن در ڏجي دانهن .

    سنڌي سڌي سوچ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو