پهڻن جي پانڌياڻي فرزانه شاهين

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    پهڻن جي پانڌياڻي فرزانه “شاهين“

    تحرير: شبانا عالماڻي

    دنيا جي هر واٽ پٿرن جي پيچرن سان سبيل رهي آهي زندگي سسئيءَ جي سڪ کڻي ڏوجهرن جي ڏنگن جي ريءَ پرواه رڙھندي رهي ٿي،
    انساني اکين ساڻ پراون سورن کي پڙھڻ ڏاڍو ڏکيو ڏيک ٿيندو آهي ڏاهپ جون واٽون سُڃاڻي سُرڻ سوکو ڪونه آهي ڇو جو پنهنجن سورن کان سوايا سور پراوا پالڻا پوندا آهن اهي ساريون صفتون انساني حسناڪيون ٿين ٿيون شرف جي آيت انهيءَ واٽ تان ورتي وئي آهي ڇو ته شعور ئي اعلي ڪري ٿو انسان کي ورنا جيوَ ۾ ٿي ته ڪوڙين وجود ڌرتيءَ تي سکڻا ساھَ کڻي رهيا آهن ڏاهپ ايتري سوکي هجي هان ته لطيفي لات هينئڙي ۾ هيئن نه هُري هان:
    “الا ڏاهي م ٿيام ڏاهيون ڏُکَ ڏسن“
    شاعري شعور جي ڄائي آهي ۽ شعور زندگيءَ جي واٽن تي وک وک ايذاوَ ڏيندو رهي ٿو اهي سارا ايذاوَ سهڻ جيئڻَ مرڻ جو مامرو هجي ٿو،
    فرزانه “شاهين“ جي روح ۾ سنجيدگي سبيل آهي ۽ سهپ سندس سُڃاڻ آهي هِن وقت سنڌي ادب ۾ تخليقن کان وڌيڪ تخريبڪاري ڪثير ٿي وئي آهن اهڙي ٻُوساٽيل ماحول ۾ ڪوئي به سچو سرت ڀريو ذھن آجو ٿي نه ٿو وڌي سگهي پر شعور ۽ همت جو هٿ فرزانه شاهين جي سر تي ايئن رهيو آهي جيئن سنڌ جي نقشي ۾ لطيف سائينءَ نالو جرڪي رهيو آهي،
    فرزانه شاهين سُٺي وڙ واري رهي آهي هن جي پالنا به سهڻي ماحول ۾ ٿي رهي آهي اڄ اها سندس تعليم تميز کيس معتبر مقام تي کڻي بيٺي آهي.
    فرزانه شاهين جا ٽي ڪتاب مارڪيٽ ۾ ڇپجي پهچي چڪا آهن جن ۾
    “وجود جي ڳولا“ ڪهاڻيون
    “نيڻ آسائائتا“ شاعري
    “پَھَڻَ پير پِٿُون ڪَيا“ شاعري
    شمار آهن وڌيڪ ٽي ڪتاب اڻڇپل آهن جن ۾
    “نينهن جو نوحو“ شاعري
    “ساٿَ نه سارون ٿين“ نثر
    “ روڳي روح جون رولاڪيون“ ڪهاڻيون
    شمار آهن،
    اهو سارو پورهيو تصور جي بنياد تي نه پر پيڙائن جي پڙن ۾ پيسجي ڪيو ويو آهي پيڙا کان سواءِ زندگيءَ ڀري هڪ سِٽَ به سچي نه ٿي سِٽي سگهجي،
    فرزانه “شاهين“ نثر توڙي نظم ۾ پڪو پختو لکي ڄاڻي ٿي فن سان اگر فڪر ڏات ناهي ته ڪجھ به ناهي فرزانه جي مٿان مالڪ جي مِهرَ سوائي آهي جو هوءَ مسلسل لکڻ سان وڌي رهي آهي سندس تحريري تصويرون پڙھندڙن جي آڏو پيش آهن:
    عمر اوکو سفر، مختصر پر حشر،
    ساھ ڪاٿي کُٽن آدمي بيخبر!؟
    نيڻَ آسائتا، ساھَ سيبائتا،
    توسوا ٿو لڳي سُڃَ سارو *سکر*
    …………………………
    ساڙ کي ساھَ ۾ ڏجن جايون-
    پنهنجو اهڙو مزاج ڪونهي ڪو!
    چين مفلس جو ٿو ڦُري سارو-
    سورُ ڇا سامراج ڪونهي ڪو!؟
    …………………………
    ڀونءِ ڇا آسما ن آ تنها،
    جيئڙي جو جهان آ تنها!
    شورَ “شاهين“ بي اثر بڻيا-
    زندگي ۽ زمان آ تنها!
    …………………………
    سورَ ڌرتيءَ ۾ سارَ ڌرتيءَ ۾،
    پاڻَ سان انتظارَ ڌرتيءَ ۾!
    آسَ تنهنجي کڻي هليا آهيون-
    هاڻِ ملجان بهارَ! ڌرتيءَ ۾.
    ……………………………
    ساھُ آهي ته سورُ ڀي آهي،
    پيارُ آهي ته پورُ ڀي آهي!
    آئون سرتي ٿيس خدا! تنهنجي-
    ڇو ته شاعر مزورُ ڀي آهي!

    غزل جيان پنهنجي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ ۾ به فرزانه شاهين خوب لکيو آهي ڏيڍوڻي وائي
    يارهن تيرهن ماترائن تي مشتمل آهي اصلي شڪل وائيءَ جي آهي به اها ئي
    ڀيڻُ فرزانه “شاهين“ جي شاعري جَڏهن پڙھندي آھيان ته مونکي لطيف سرڪار جي سِٽُن جي پيرَوي ڪندي محسوسُ ٿيندي آھي-
    “منجهان ئي منجھِ وڙھي“
    سندس شعرن ۾ ھِن سنسار جا مِڙئي پاسا پچاريندي ڏِسندي آھيان.
    هزارين جيِئن جا سورَ سندس دل ۾ پيا پلندا رهندا آھن، ۽ اهي ئي شعرن جو ويس وٺي نروار ٿي روحن جي رندن جا راهي بنجي پوندا آھن.
    پهرين سنڌي ادب ۾ ناري آهي جنهن سمورو ڪتاب ڪلاسيڪل صنف تي لکي پڙھندڙن تائين رسايو آھي-
    وائيءَ جو گهاڙيٽو پِڻُ اصلي روپَ ۾ ڪتب آندو اٿائين ان مان واضع آھي ته فرزانه “شاهين“ فطرتي شاعره آھي سندس نس نس ۾ ڏنجھُ ۽ ڏات شمار آھي.
    سندس چند وائين جون سٽون جن مان فڪري اُڏام پرکي سگهجي پئي-
    ڏاٽو ڏاتِ ڪري.
    جڳ جا سورَ لُڻي ڇڏيان.
    ………
    هيءَ به ڪهڙي ننڊ- هيءَ به ڪهڙي رات؟
    جذبا سڀ سمهي پيا!
    ………
    ڇاٿو سوچي دئور؟
    مارونئڙن جي ماٺِ تي!
    …………………
    ڳوڙھا ڳوڙھا ساھُ-سوروندي ساڻيھ ۾!
    ڦُرجي لُٽجي آ پڳو- ڪاٿان کان درياھُ!؟
    سوروندي ساڻيھ ۾!
    داڻا گهر ڀوتار جي-مارو! ڳاهن ڳاھُ-
    سوروندي ساڻيھ ۾!
    ………………………

    آهي عورت وس-ڪهڙي عزت مرد جي!؟
    عورت هر رشتو اٿئي-ڇندين ڪهڙو ڏس؟
    ڪهڙي عزت مرد جي؟
    “فرزانه“ سگھ جي اٿئي-پنهنجي عزت کس-
    ڪهڙي عزت مرد جي؟
    ………………………
    منهنجا جيجل ماءُ، پَهَڻَ پيرَ پٿُون ڪَيا!
    وک وک پاتو راھَ ۾-آيل! مون ايذاءُ-
    َپَهَڻَ پيرَ پٿُون ڪَيا!
    اکين سانڍيا حوصلا-ڪونهي ڪو سوداءُ-
    پَهَڻَ پيرَ پٿُون ڪَيا!
    ناهي سُک جو ڇانورو-سورَ وڌائن تاءُ-
    پَهَڻَ پيرَ پٿُون ڪَيا!
    ٿيندو ڪوهن کي ڀلا-ڪهڙو ڪو ڪهڪاءُ-
    پَهَڻَ پيرَ پٿُون ڪَيا!
    سرتيون! ڄاڻان ٿي پئي-نت نت نينهن نڀاءُ-
    پَهَڻَ پير پٿُون ڪَيا!
    ويلَ نه سنڀران مان ڪٿي-عمر سڄيءَ ۾ ساءُ-
    پَهَڻَ پير پٿُون ڪَيا!
    “فرزانه“ پنهل!َ رڙي- ماڳين موٽي آءُ-
    پَهَڻَ پيرَ پٿُون ڪَيا!
    پَهَڻَ جي پانڌياڻي ڀيڻ فرزانه “شاهين“ جو 28نومبر تي جنم ڏڻ آهي کيس کوڙ ساريون واڌايون پيش ڪريان پئي ۽ اميد ڪريان ٿي ته پاڻ انهيءَ پنڌ تي پٿرن جي پرواه نه ڪندي وڌندي لکندي ديس جي دکن دردن تي سانگين جي سورن جي حال ڀاياڻي ٿيندي زندگي جستجو آهي زندگي ولولو آهي زندگي پراميدي آهي زندگي فطرت جو هر رنگ آهي زندگي ڏُکن ۾ سکن جي ڳولا آهي زندگي ٻئي جي ڏُکن تي ڏُکڻ ۾ آهي زندگي حسين آهي زندگي تنبوري جي تار آهي زندگي ضمير جي زبان آهي
    زندگي رڻن جو راڳ آهي زندگي بره جو ڀاڳ آهي
    زندگي سونهن آهي سچائي آهي سُھائي آهي چڱائي آهي زندگي شعور آهي نور آهي،
    زندگي آهي ته جهان آهي
    انهن سمورين خوبصورتين سان ڀيڻ فرزانه “شاهين“ کي ڏاتر جي ڏنل نعمتون مبارڪ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو