• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

آخر ته ڌرتي جي گود ۾ هر عاشق کان وٺي معشوق تائين ابدي آرام واري ننڊ سمهندا،

ادا توهان ۽ توهان جون ڳالهيون برحق ، پر عاشق کي هميشه محبوب جي ڳولا ۾ ۽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهڻ گهرجي ۽ هميشه ان جي طلب ۾ رهڻ گهرجي، نه ڪي بيزاري ڏيکارجي، بقول شاه سائين
جي قيام مڙن ، ته اوڏا ڀائنج سپرين۔​
جڏهن ته سنڌ جي هڪ ٻئي عظيم شاعر شيخ اياز جا خيالات وري هن ريت آهن،
ٻئي خبر ناهي پر مرڻ کانپوء تو سان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون۔​
http://www.youtube.com/watch?v=ael8bcujxdw
جڏهن ته سنڌ جي هڪ ٻئي عظيم شاعر استاد بخاري ته پنهنجي هڪ سرائڪي شعر ۾ پنهنجا خيالات هن ريت ونڊيه آهن ( سٽون ته هوبهو مون کي ياد ڪونهن پر جنهن جو مفهوم هن ريت آهي) ) ته اي محبوب تون گهڙي کن اچي مون وٽ ٽڪ ( ره،) پر اها گهڙي به گذري ويندي، تون اچي ڏينهن ٽڪ، پر ڏينهن به ويندو گذري تون هفتو اچي مون وٽ ٽڪ ( ره ) پر هفتن تي به ڪو ڀروسو ڪونهي تون اچي مهينو ٽڪ، پر مهينا به وڃن ٿا گذري، تون اچي سال ٽڪ ، پر سال به وڃن ٿا گذري تون زندگي ڀر ٽڪ ، پر اي پرين زندگي تي به ڪو ڀروسو، عتبار ڪونهي تون اچي محشر تائين ٽڪ ( ره )
باقي سائين ناز صاحب توهان جي مرضي
پيارا ممتاز مون ته تنهنجي ڪنهن به ڳالهه کي جهٽلايو ڪونهي، جن شاعرن جا تو حوالا ڏنا آهن اهي ته عظيم آهن انهن جي جُتي ۾ مون جهڙو ٽي درجي وارو شاعر پير پائي نٿو سگهي۔ پر هڪڙي ڳالهه توکي ٻُڌائي ڇڏيان ته لازمي ڪونهي ته بخاري جيڪو سوچي ، شاهه سائين جيڪو سوچي، شيخ اياز جيڪوسوچي، هن دور جو ٽي درجي وارو شاعر نثآر ناز به سوچي، مون ڪٿي شايدهن ئي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته شاعر اهو جيڪو زندگيجا ٻئي رُخ واڌو ۽ ڪاٽو ڏيکاري، پو اها شاعري پڙهندڙن تي منحصر آهي ته ڪهڙو رُخ قبول ٿا ڪن لطيف سائين، جا ڪئين بيت ، شيخ اياز جا ڪئين شعر، اُستاد بُخاري جا به ڪئين شعر انهن واڌو ڪاٽوڪيفيتن سان ڀريا پيا آهن دفتر کولبا ته پو نڪو نثار ناز پوري پئجي سگهندو ۽ نه وري ممتاز وگهيو ! توکي محبوب جا ماڻا مست لڳن ٿا تو ڀلي اهي ماڻا ماڻ ، هن شاعري ۾ شاعر جيڪو بددل ٿيو آهي لازمي ڪونهي ته ڪير اها شاعري پڙهي بددل ٿئي ۔ وري ڪنهن ٻي شاعري ۾‌ لطيف سائين ، شيخ اياز سائين ۽ استاد بُخاري جي خيالن جي جيڪا تو اپٽار ڪئي آهي انهي خيالن جي پازيٽو پهلو کي به اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس۔ بس مٺا ٿورو انتظار ۔
 
جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

ادا ممتاز، ضروري نه آهي ته سڀ شاعرن جا خيال هڪ جهڙا هجن، شاعري دل جي جذبن جي ترجماني جو نالو آهي۔ ڪنهن جي دل جا جذبات ڪجهه ٿا چون ته ڪنهن جي دل جا جذبات ڪجهه چون ٿا۔۔۔
 
جواب: تُون ڀلي مونکي چُميُن جي خيرات ڏي (غزل)

ادا ممتاز، ضروري نه آهي ته سڀ شاعرن جا خيال هڪ جهڙا هجن، شاعري دل جي جذبن جي ترجماني جو نالو آهي۔ ڪنهن جي دل جا جذبات ڪجهه ٿا چون ته ڪنهن جي دل جا جذبات ڪجهه چون ٿا۔۔۔

ممتاز علي وگهيو طرفان لکيل
سائين شاعري ته بهترين شاعري آهي، لفظن جي حساب سان توڙي شاعري جي اصولن جي حساب سان، مگر ادا عمر ڪهڙي به هجي پر محبوب کان سواء رهڻ ڏکيو آهي ۽ محبوب کانسواء به ماڻهون اڌورو آهي، محبت ۽ چاهت ۾ عمر جي ڪا به قيد ڪونهي، سائين توهان ڀلي ائين چئو، ( “ها مان تُنهنجي بنا ڀي رهي ٿو سگهان
مگر مان ته ائين نه ٿو چئي سگهان، پر مان ته هميشه اهيو چوندس

ها مان تنهنجي بنا ڪجهه به نه آهيان۔​
http://www.youtube.com/watch?v=kvQ51xQ0qX4
اڃان به هيئن کڻي چوان ته بهتر ٿيندو
( تون مڃين نه مڃين مهربان مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان )​
http://www.youtube.com/watch?v=ur8qIA8Xz48&feature=related
ادا مست صاحب توهان منهنجي تحرير ۾ اهيو ڏيکاريو ته مون اهيو لکيو آهي ته هر ماڻهون جا ( شاعر ) جا خيالات هڪجهڙا يا ساڳيه هوندا آهن، ۽ ائين ته مان ڪڏهن به ڪو نه چوندس، ۽ مون پنهنجي لکيل تحرير ۾ به هي لکيو آهي ته ( سائين توهان ڀلي ائين چئو، ( “ها مان تُنهنجي بنا ڀي رهي ٿو سگهان
مگر مان ته ائين نه ٿو چئي سگهان، پر مان ته هميشه اهيو چوندس
ها مان تنهنجي بنا ڪجهه به نه آهيان۔)​
سو ڀاء مست منهنجو عرض اهيو آهي ته منهنجا ۽ باقي حوالو ڏنل شاعرن جا خيال هي آهن جن جو ذڪر مان مٿي ڪري ويٺو آهيان ۽ مان ته اهيو به چوندس ته هر شاعر کي بلڪه هر ماڻهون کي اهيو حق حاصل آهي ته پنهنجا خيالات ظاهر ڪري ۽ مان اهيو به چوندو هلان ته سائين نثار ناز جا خيالات به بهترين خيالات آهن ۽ ان خيالات جي پٺيان ان منظر جي، ان ڪيفيت جي ته سائين نثار ناز کي ئي خبر هوندي ۽ مان اها ڪيفيت ۽ حال محسوس ڪري نه ٿو سگهان ، سو ان ڪري مون پنهنجا خيالات ظاهر ڪيا،۽ اهيو به ضروري نه آهي ته توهان يا ڪو ٻيو به منهنجي هنن خيالات سان مطفق هجي جنهن لاء مان به اهيو چوندس ، جيئن هميشه اخبارن ۾ لکيل هوندو آهي ته ( ايڊيٽر جو خط جي متن سان مطفق هجڻ ضروري نه آهي ) ۔
 
Back
Top