1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

رحمت للعالمين ﷺ جو غيرمسلمن سان سهڻو سلوڪ

'مذهب' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2017۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    599
    ورتل پسنديدگيون:
    624
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر


    الله تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ ارشاد فرمايو؛

    “ (اي رسول!” اسان توکي ناهي موڪليو پر سمورن جهانن لاء رحمت بڻائي.”

    حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ الله تعالي جا آخري نبي آهن. الله تعاليٰ پاڻ ڪريمن ﷺ تي شريعت مڪمل ڪئي ۽ کين خاتم النبيين جو لقب ڏيئي سمورن جهانن لاء رحمت بڻائي موڪليو .جڌهن الله تعاليٰ کين سمورن نبين کان افضل قرار ڌنو ته پاڻ سڳورن جي اخلاق،خوبين،سيرت ۽ ڪردار کي به اهڙو مٿانهون بنايو جو انهن جو مثال نه ماضيء ۾ ڪڏهن نظر آيو ۽ نه ئي مستقبل ۾ ڪو نظر ايندو.

    خود قرآن ڪريم ۾ اهو چئي سندن عظيم اخلاق تي اها مهر تصديق لڳائي ويئي ته؛

    “بيشڪ (اي رسول ﷺ) اوهان اخلاق جي اعليٰ مرتبي تي فائز آهيو.”

    مومنن جي ماء حضرت عائشه صديقه رضي الله عنها کان جڏهن محبوبن ڪريمن ﷺ جي اخلاقن جي باري ۾ سوال ڪيو ويو ته پاڻ فرمايائين؛

    “ ڇا توهان قرآن نه پڙهيو آهي؟ پان ﷺ جن جو اخلاق قرآن (جو عملي نمونو) آهي.”

    ذاتي، ازدواجي ۽ گھريلو زندگيء کان ويندي معاشرتي زندگيء تائين.هڪ استاد کان ويندي هڪ سپهه سالار ۽ سربراه مملڪت جي حيثيت۾سندن امانت، ديانت، سچائي،بهادري، شجاعت، سخاوت،حلم ۽ برداشت،نرمي ۽ رحمدلي،مطلب ته هر لحاظ کان هڪ ڪامل،اڪمل،افضل،اعليٰ ۽ بي مثال زندگي نظر اچي ٿي.

    حضورﷺ جا اهي اخلاق صرف مسلمانن جي لاء ئي نه هئا پر رحمت للعالمين هئڻ واري حيثيت ۾ پاڻ ﷺپنهنجن توڙي پراون تي ڪرم جو ڪڪر بڻجي وسيا.

    غير مسلمن سان سهڻي سلوڪ جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو نمونو ٿي سگھي ٿو جو کين هروقت اها پريشاني ۽ ڳڻتي ستائيندي رهي ته ڪهڙيء طرح انهن کي تباهيء کان بچايو وڃي.پاڻ ﷺ جي انهيء حالت کي بيان ڪندي الله تعاليٰ فرمايو؛

    “ جيڪر اهي (مشرڪ) تنهن جي ڳالهه تي ايمان نٿا آڻين ته ڇا تون ان غم کان پنهن جي جان ڳاري ڇڏيندين!”

    اهڙيء طرح هڪ ٻئي هنڌ ارشاد فرمايو ويو؛

    “ چا تون پنهن جي جان کي رڳو ان ڪري هلاڪ ڪري ڇڏيندين جو اهي ايمان نٿا آڻين.”

    حضرت عبد الله بن عمرو رضي الله عنهه بيان فرمائين ٿا ته هڪ شخص نبي ڪريم ﷺ جن کان پڇيو ته ڪهڙو اسلام بهتر آهي؟ پاڻ فرمايائون؛

    “ توهان کاڌو کارائيندا ڪريو۽ هر ڪنهن کي سلام ڪندا ڪريو، ڀلي اوهين ان کي سڃاڻندا هجو يا نه.”

    يهودي حضور ﷺ جن جي مخالفت ۾ گھڻو اڳتي وڌيل هئا ۽ پنهن جي مڪار چالن سان حضورﷺ۽ سندن صحابين کي تڪليف ڏيڻ جا حيلا ڳولهيندا رهندا هئا پر حضور ڪريمﷺانهن کي سدائين نرميء سان جواب ڏيندا هئا ۽ صحابه ڪرام کي به انهن سان نرم رويو اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪندا هئا.حضرت عائشه رضه جن فرمائين ٿيون؛

    هڪ دفعي يهودين جو هڪ وفد حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ آيو ۽ انهن شرارت وچان السلام عليڪم جي بدران “ السام عليڪم يعني اوهان تي هلاڪت هجي” جا لفظ چيا.مون اهي لفظ سمجھي ورتا ۽ کين جواب ۾ چيو“ اوهان تي هلاڪت هجي”:۽ انهن کي تکا لفظ ڳالهائيا پر رسول اللہ ﷺمون کي فرمايو؛

    “ اي عائشه!صبر ڪر.جو الله تعاليٰ هر معاملي ۾ نرميء کي پسند ڪري ٿو.”

    مون عرض ڪيو؛ اي الله جا رسول (ﷺ)! ڇا توهان نه ٻڌو ته انهن ڇا چيوهو؟

    پاڻ ڪريمن ﷺ فرمايو؛

    “ مون انهن کي جواب ۾ چئي ڇڏيو ته “ وعليڪم” يعني اوهان تي به”

    حضور ﷺ جن کي ٻين جي درد جو احساس هوندو هو ان ڪري جيڪر ڪو غيرمسلم به بيمار ٿيندو هو ته پاڻ صه ان جو حال پڇڻ ويندا هئا.حضرت انس رضه بيان فرمائين ٿا ؛ رسول الله ﷺ جو هڪ خادم يهودي هو جيڪو بيمار ٿي پيو ته پاڻ سڳورا انهن جو حال پڇڻ ان جي گھر ويا.

    حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته رسول ڪريم ﷺ جن هڪ ڪافر جي مهماني ڪئي.حضور ﷺ جن ان جي لاء هڪ ٻڪري گھرائي ۽ ان جو کير ڏهي کيس پياريو،هو سڀ کير پي ويو ته ٻي ٻڪري گھرائي ويئي ايستائين جو اهڙيء طرح ست ٻڪريون گھرايون وييون ۽ هو ستن ئي ٻڪرين جو کير پي ويو.ٻئي ڏينهن تي هن اسلام قبول ڪيو.

    حضور ﷺ جن جوغيرمسلمن سان اهو سهڻو سلوڪ رڳو عام حالتن ۾ ئي نه هوندو هو پر جنگ جي حالت ۾ جتي اڄ جون قومون هرطرح جي فريب،مڪر ۽ دوکيبازيء کي جائز سمجھن ٿيون، انهن جنگي حالتن ۾به حضور ﷺ جن حسن سلوڪ جا اعليٰ مثال قائم ڪيا.جنگ بدر جي موقعي تي جڏهن مسلمانن پاڻيء جي چشمي تي قبضو ڪيو ته جنگي حالت جي باوجود جڏهن دشمن پاڻي کڻڻ ايندا هئا ته پاڻ فرمايائون؛ “ انهن کي پاڻي ڏيندا ڪريو.؟

    عربن ۾ ميدان جنگ ۾“ مثلي” يعني دشمن جي لاشن جا ڪن ۽ نڪ وغيره ڪپي انهن جي شڪل بگاڙڻ جي رسم عام هئي.پر پاڻ ﷺجن وڏي تاڪيد ڪئي ته دشمنن جي لاشن جو مثلو نه ڪندا ڪريو،اهڙيء طرح غيرمسلمن جي مردن جي توقير ۽ تعظيم فرمائي.

    جڏهن شام فتح ٿيو ته مسلمانن شام جي ماڻهن کان جيڪي عيسائي هئا ٽيڪس وصول ڪيو پر ٿوري عرصي کان پوء رومي سلطنت پاران وري جنگ جو انديشو پيدا ٿي ويو جنهن تي شام جي اسلامي امير حضرت ابوعبيده رضه سمورو وصول ڪيل ٽيڪس عيسائي آباديء کي واپس ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته جڏهن اسان اوهان جا حق ادا ڪري نٿا سگھون ته اسان جي لاء اهو جائز ناهي ته اوهان جو ٽيڪس پاڻ وٽ رکون.عيسائين اهو ڏسي بي اختيار مسلمانن کي دعا ڏني ته خدا ڪري اوهين رومين تي فتح حاصل ڪريو ۽ پوء هن ملڪ جا حاڪم بڻجو.

    جڏهن حضور ﷺ جن خيبر فتح ڪيو ته خيبر جي يهودين جي درخواست تي کين هارپو ڪرڻ جي اجازت ڏني.جڏهن فصل ڪپڻ جو وقت آيو ته حضور ﷺ جن حضرت عبد الله بن رواحه رضه کي وصوليء لاء موڪليو ته ان کجور جي فصل کي ٻن حصن ۾ ورهايو جنهن تي يهودين چيو ته اوهين اسان کي پنهنجي مقرر حصي کان وڌيڪ ڏيئي رهيا آهيو،اصول مطابق اسان جو حصو اڌ کان گھٽ ٿئي ٿو پر حضرت عبد الله بن رواحه فرمايو؛ اوهان کي ضرور اڌ حصو ئي ملندو ڇو جو توهان سان اسانجو اهو ئي معاهدو ٿيل هو جنهن تي اهي بي اختيار چوڻ لڳا؛ اهوئي حق آهي ۽ انهيء تي ئي زمين ۽ آسمان قائم آهن.

    حضرت جابر رضه يان ڪن ٿا ته ماڻهن چيو؛ يا رسول الله! اسان کي ثقيف قبيلي وارن جي تيرن رتورت ڪري ڇڏيو،انهن لاء بددعا ڪريو.پاڻ ﷺ جن هن طرح دعا فرمائي؛

    “ اي الله! تون ثقيف قبيلي وارن کي هدايت عطا فرما”


    حضرت عبد الله بن مسعود رضه بيان ڪن ٿا ته جڏهن قريش اسلام جي مخالفت ڪري رهيا هئا ته مڪي ۾ ڏڪار پيو ۽ اهي بک وچان مرڻ لڳا. ان وقت ابوسفيان جيڪو اڃا مسلمان نه ٿيو هو، حضور ﷺ جن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو؛ اي محمد ﷺ! توهان صله رحميء جو حڪم کڻي آيا آهيو .اوهان جي قوم هلاڪ پيئي ٿئي،انهن لاء پنهن جي مالڪ کان دعا ڪريو.جنهن تي حضور ﷺجن دعا ڪئي ۽ ستن ڏينهن تائين برسات ٿي.

    جڏهن طائف جي ماڻهن دين جي دعوت قبول ڪرڻ بدران پنهن جن لچن لوفرن کي حضور ﷺ جن جي پويان لڳايو جن کين پٿر هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.ان وقت الله تعاليٰ پاڻ ﷺجن وٽ جبلن جو فرشتو موڪليوجنهن عرض ڪيو ته اوهان حڪم ڪيو ته آئون هي ٻئي جبل هنن ماڻهن تي ڪيرائي ڇڏيان پر پاڻ ﷺ جن فرمايو؛ نه بلڪه آئون اميد ٿو ڪيان رب تعاليٰ هنن جي اولاد مان اهڙا ماڻهو پيدا ڪندو جيڪي اڪيلي خدا کان سواء ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪندا.

    هڪ يهودي عورت نبي ڪريم ﷺ کي ٻڪريء جو گوشت ڏنو جنهن ۾ زهر مليل هو.پاڻ ان مان ڪجھ کاڌائون.ان عورت کي سندن خدمت ۾ پيش ڪيو ويو.صحابه ڪرام ان کي قتل ڪرڻ جي اجازت گھري پر پاڻ منع ڪيائون.

    عبدالرحمان بن ابي ليليٰ بيان ڪن ٿا ته سهل بن حنيف ۽ قيس بن سعد قادسيه جي هنڌ تي ويٺل هئا ته انهن جي ڀرسان ڪو جنازو گذريو ته ٻئي اٿي بيٺا جڏهن کين ٻڌايو ويو ته اهو جنازو ڪنهن غيرمسلم جو آهي ته ٻنهي چيو؛ هڪ دفعي نبي ڪريم ﷺجن وٽان ڪو جنازو گذريو ته پاڻ ﷺ احترام ۾ اٿي بيٺا، کين ٻڌايو ويو ته اهو جنازو ڪنهن يهوديء جو آهي ته انهيء تي پاڻ ﷺ جن فرمايو؛ “ ڇا اهو انسان نه هو؟”

    فتح مڪي جي موقعي تي رسول ڪريم ﷺجن خانه ڪعبي جي دروازي تي بيهي فرمايو؛

    “ اي قريش! اڄ اوهين مون کان ڪهڙي قسم جي سلوڪ جي اميد رکو ٿا؟”

    انهن چيو؛ “ ڀلائي ۽ چڱائيء جي اميد! اوهان اسان جا معزز ڀائر ۽ هڪ معزز ڀاء جا فرزند آهيو.”

    انهيء تي پاڻ ﷺ فرمايائون؛ “ اڄ اوهان تي ڪابه پڪڙ ناهي!”

    جڏهن نجران جا عيسائي مديني منوره ۾ حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ته ان وقت پاڻ ﷺ مسجد نبوي ۾ وچينء جي نماز کان فارغ ٿيا هئا.انهن ماڻهن کي تمام عمدا ڪپڙا پاتل هئا.جڏهن انهن عيسائين جي نماز جو وقت ٿيو ته اهي مسجد نبويء ۾ ئي نماز ادا ڪرڻ لڳا.انهيء تي پاڻ ﷺ جن اصحابن ڪرام کي فرمايو؛ انهن کي نماز پڙهڻ ڏيو.

    يا رب ڪريم! حضور نبي ڪريم ﷺ جن تي،سندن آل،اولاد ۽ سمورن اصحاب ڪرام تي رحمتون ۽ سلامتيون نازل فرماء.آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو