ڪامريڊ

'راءِ شماري' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2017۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    اسان وٽ اڪثر پڙهيل لکيل ۽ باشعور فرد بہ عمومن لفظ ڪامريڊ جي غلط تشريع ڪندا آهن ۽ ڪامريڊن کي نفرت واري نگاه سان ڏسندا آهن، حالانڪ لفظ ڪامريڊ جي لغوي معني آهي ” يار، ساٿي يا همراه“، يعني جنهن سان گهرائپ هجي ان کي ڪامريڊ سڏي سگهجي ٿو، جيڪو ڪنهن عمل يا حڪمت ۾ ساٿ ڏي ان کي بہ ڪامريڊ سڏي سگهجي ٿو يا وري جيڪو ڪنهن راھ، سفر يا منزل طرف هڪ ڪرو ٿي گڏ هلي يا گڏ هلندو رهي ان کي بہ ڪامريڊ سڏي سگهجي ٿو، يعني جي سوچجي ٿو تہ ڪامريڊ جي لغنوي معني هر طرف کان هڪ مثبت ۽ ميٺ محبت واري پيغام ڏي ٿو پو۽ بہ هن معاشري جا فرد اسان ڏانهن طنز ۽ ڌڪارت وارو رويو ڇو ٿا رکن، اصل ۾ ماڻهون ڪامريڊن کي سڃاڻي نہ سگهيان آهن، ڪامريڊن کي تہ پنهنجي ڌرتي جي هر هڪ عنصر سان بي انتها محبت هوندي آهي، اُهي پنهنجي ڌرتي جي هر هڪ گل، پن، ڊينگر، ڊانگر، وڻ، ٽڻ توڙي ڍور ڍڳن سميت هر شئي سان بي انتها پيار ڪندا آهن، انهن کي پنهنجي قوم جو اُنو هر دم رهندو آهي، جهڙي ريت هر عاشق کي پنهنجي محبوب جي هر نسبت سان محبت ٿي ويندي آهي بلڪل اهڙي ئي ريت هر هڪ ڪامريڊ کي پنهنجي محبوب ڌرتي سنڌ ڌرتي جي هر هڪ وٿاڻ، وستي توڙي نگري سان بي انتها محبت هوندي آهي، سندن محبت کي بنا پرکندي هن قوم جا اٻوجھ ذهنن کين نفرت واري نگاه سان ڏسندا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ انهن اٻوجھن کي اِهو بہ ياد رکڻ گهرجي تہ اوهان هن سنڌ ڌرتي جا معياري ٿيندئو، هي ڌرتي اوهان سان ناراض ٿيندي ڇو تہ اوهان سندس حلالي فرزندن تي شڪ ڪيو ۽ سندن ساٿ نہ ڏنئو ان لا۽ اي ڌرتي جا باشندئو پنهنجي پاڻ وٽ هن قوم جو اونو پالڻ شروع ڪريو، هن قوم کي اڳتي آڻڻ لا۽ حڪمت عمليون جوڙيون ۽ ان سان گڏوگڏ ميٺ محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيڻ شروع ڪيو جئين هي ڌرتي جنت جي ڪنهن ٽڪري جو ڏيک ڏيڻ لڳي ۽ اڳتي هلي ڪري زندگي جي ڪنهن موڙ تي اوهان کي شرمندو نہ ٿيڻو پوي.

    يوسف جميل لغاري
     
  2. دريا خان جهتيال / دادو

    دريا خان جهتيال / دادو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 نومبر 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    دادو
    تمام بهترين تحرير جيڪا سچ تي مبني آهي
     
  3. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    Qurab bha
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو